settings icon
share icon
سوال

ڇا يسوع ئي آسمان تي وڃڻ جو رستو آهي؟

جواب


” آءُ بنيادي طور تي سٺو ماڻهو آهيان، بس آءُ آسمان تي ويندس.“ ٺيڪ آهي، مون ڪجھه ڪم غلط ڪيا آهن، پر مون سٺا ڪم وڌيڪ ڪيا آهن، انهي جي لاءِ آءُ آسمان تي ويندس.“ مون ڪلام مقدس جي مطابق پنهنجي زندگي نه گذاري آهي انهي جي لاءِ خداوند مون کي دزخ نه موڪليندو. زمانو بدلجي ويو آهي“. ”درحقيقت برا ماڻهو ئي دوزخ ۾ ويندا جئين ٻارن سان فعلِ بد ڪرڻ وارا ۽ خوني“.

هي سڀ هڪ جهڙي سوچ رکڻ وارا ماڻهو آهن، ليڪن سچائي هي آهي ته اهي سڀ ڪوڙا آهن. شيطان، جيڪو دنيا جو خا، اهڙي قسم جا خيالات اسان جي ذهنن ۾ وجھي ٿو. اهو ۽ ڪو ٻيو جيڪو انهي جي پيروي ڪري ٿو، خدا جودشمن آهي. (1 پطرس 5 باب 8 آيت) شيطان به پنهنجي پاڻ کي نوراني فرشتو جو همشڪل ٺاهي ٿو (2 ڪرنٿيهون 11 باب 14 آيت) اهو انهن سڀني ماڻهن تي اختيار رکي ٿو جنن جو تعلق خدا سان ناهي. ”يعني انهن بي ايمانن جي واسطي جنن جي عقل کي هن دنيا جي خدا انڌو ڪري ڇڏيو آهي ته جئين مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي انهي جي جلال جي خوشخبري جي روشني انهن تي نه پوي. اهي يسوع جي پيغام کي سمجھي نٿا سگھن، جيڪو واقعي خدا جي صورت آهي.“ ( 2 ڪرنٿيهون 4 باب 4 آيت)

انهي ڳالهه تي يقين رکڻ غلط ٿيندو ته خدا ننڍن گناهن جي پرواهه نٿو ڪري، ۽ دوزخ صرف ”گناهگار ماڻهن“ جي لاءِ مخصوص آهي، هر قسم جا گناهه خدا اسان کان دور ڪري ٿو. ”ايستائين جو ننڍي کان ننڍو ڪوڙ به“ سڀني گناهه ڪيو ڪو هڪ به اهڙو نه آهي جيڪو پنهنجن اعمالن جي سبب آسماني زندگي حاصل ڪري سگھي (روميون 3 اب 23 آيت). آسمان جي بادشاهي ۾ وڃڻ جي لاءِ ضروري نه آهي ته توهان جي سٺن ڪمن جو وزن براين کان وڌيڪ هجي، اگر اهڙي صورتحال آهي ته پوءِ اسان آسماني زندگي کان محروم ٿي وينداسين ”۽ فضل سان معتبر آهيو ته اعمال سان نه ورنه فضل فضل نه رهندو. انهي جي لاءِ انهي معاملي ۾ خدا جو بي بها فضل فضل نه رهيو جيڪو حقيقت ۾ مفت ۽ بغير ڪنهن استحقاق جي آهي.“ (روميون 11 باب 6 آيت) اسان خود اهڙو ڪجھه نٿا ڪري سگھون جنهن سان اسين آسمان جي بادشاهي ۾ داخل ٿي سگھون. (طلطس 3 باب 5 آيت)

توهان خدا جي بادشاهي ۾ صرف تنگ دروازي کان داخل ٿي سگھو ٿا. دوزخ ڏانهن وڃڻ وارو رستو ڪشادو آهي ۽ ان جو دروازو ويڪرو آهي انهن جي لاءِ جنن انهي آسان رستي کي چونڊيو“ (متي 7 باب 13 آيت) اگر هر ڪوئي گناهه ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي ۽ خدا تي يقين رکڻ کي پسند نٿو ڪري، خدا انهي کي معاف نه ڪندو.“ ”جنن ۾ توهان پوئين دنيا جي هلت تي هلندا هئا ۽ هوا جي علمداري جا حاڪم يعني ان روح جي پيروي ڪندا هئا جيڪو هاڻ نافرماني جي پُٽن ۾ اثر رکي ٿو.“ (افسيون 2 باب 2 آيت)

جڏهن خدا دنيا ٺاهي، تڏهن اها هر اعتبار سان مڪمل هئي. هر شئي بهترين ۽ سٺي هئي. پوءِ هن آدم ۽ حوا کي ٺاهيو ۽ انهن کي انهن جي مرضي تي ڇڏي ڏنو. بس پوءِ، هو چاهي ته خدا جي پيروي ۽ تابعداري ڪري يا نه ڪري. ليڪن آدم ۽ حوا، پهريان انسان هئا جنن کي خدا ٺاهيو، شيطان جي ذريعي برغلايا ويا خدا جي نافرماني ڪرڻ لاءِ. ۽ انهن گناهه ڪيو. انهيءَ ڪري اهي خدا کان جدا ٿي ويا (۽ هر ڪو جيڪو انهن مان پيدا ٿيو، جنن ۾ اسين به شامل آهيون)، جڏهن ته اُهي خدا سان ويجھو تعلق رکندا هئا. هو ڪامل آهي ۽ ڪڏهن به گناهه نٿو ڪري سگهي. بس گنهگار هئڻ جي باوجود اسين پنهنجو پاڻ ڪجهه نه ڪري سگهياسين، تنهن ڪري خدا هڪ رستو ٺاهيو ته جيئن اسين آسمان تي ٻيهر گڏ ٿي سگهون. ”ڇاڪاڻ ته خدا دنيا سان اهڙي ته محبت رکي جو پنهنجو اڪيلو پٽ بخشي ڇڏيو ته جيئن جيڪو به سندس تي ايمان آڻي، هلاڪ نه ٿيئي بلڪه هميشه جي زندگي پائي.“ (يوحنا 3باب 16آيت) ”ڇاڪاڻ ته گناهه جي مزدوري موت آهي، مگر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشهه جي زندگي آهي.“ (روميون 6 باب 23 آيت) يسوع ان جي لاءِ آيو ته اسان کي سچي راهه جي تعليم ڏيئي سگھي ۽ اهو اسان جي گناهن جي ڪري مئو جيڪو اسان نٿا ڪري سگھون. پنهنجي مرڻ جي ٽن ڏينهن ڏينهن بعد هو قبر مان زنده ٿيو (رويون 4 باب 25آيت)، اُن موت تي پنهنجي ڪاميابي کي ظاهر ڪيو هو خدا ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ پُل بڻيو انهي جي لاءِ اسان کي گھرجي ته ان سان ذاتي تعلق رکون جيڪڏهن اسان اُن تي يقين رکون ٿا.

”۽ هميشهه جي زندگي اها آهي ته هُن تو خداءِ واحد ۽ برحق کي ۽ يسوع مسيح کي جنهن کي تو موڪليو آهي ڄاڻين“ (يوحنا 17 باب 3 آيت) گھڻا ماڻهو خدا تي يقين رکن ٿا، جڏهن ته شيطان به خدا تي يقين رکي ٿو پر نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي خداوند ڏانهن موٽڻو پوندو، هڪ ذاتي تعلق ٺاهڻو پوندو، گناهن کان توبهه ڪرڻي پوندي ۽ انهي جي پيروي ڪرڻ پوندي اسان يسوع تي ايمان رکڻو آهي هر انهي شئي سان گڏ جيڪا اسان وٽ آهي. انهي سڀ ساڻ جيڪواسين ڪريون ٿا. ”اسان خدا جي نظر ۾ سچا بڻايا ويا آهيون جڏهن يسوع مسيح تي ايمان رکون ٿا ته هو اسان جي گناهن کي کڻي وڃي ٿو ۽ اسان اڀ اهڙي طرح نجات حاصل ڪري سگھون ٿا ڪو به مسئلو ناهي ته اسان ڪير آهيون ۽ اسان ڇا ڇا ڪيو آهي“. (روميون 3 باب 22 آيت) ڪلام مقدس تعليم ڏيئي ٿي ته مسيح کان سواءِ نجات جو ڪوبه ٻيو رستو نه آهي. يسوع يوحنا 14 باب 6 آيت ۾ چوي ٿوته ”راه حق ۽ زندگي آءُ آهيان ڪير به منهنجي وسيلي کان بغير پيءُ وٽ نٿو وڃي“.

يسوع ئي نجات جو واحد رستو آهي ڇاڪاڻ ته اهو هڪ ئي آهي جنهن اسان جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪيو (رميون 6 باب 23 آيت) ڪو ٻيو مذهب ايتري گھرائي ۽ سنجيدگي سان گناه جي متعلق ۽ ان جي پڇاڙيءَ باب تعليم نٿو ڏيئي. ڪو ٻيو مذهب گناه جي بي انتها قرباني پيش نٿو ڪري جيڪا صرف مسيح ڏني آهي. نه ڪنهن ٻئي ”مذهب جو باني“ خدا مان انسان بڻيو. (يوحنا 1 باب 1 تا 14 آيت) هڪ ئي طريقي سان اهو بي انتها قرض ادا ٿي سگھيو ٿئي. يسوع خدا به آهي ۽ اهو قرض ادا ڪري سگھيو ٿئي. يسوع انسان به هو ان جي لاءِ انهي جان قربان ڪئي. نجات صرف ان صورت ۾ ملي سگھي ٿي ته يسوع مسيح تي ايمان اندو وڃي.”۽ ڪنهن ٻئي وسيلي سان نجات نه آهي، ڇاڪاڻ ته آسمان کان هيٺ ماڻهن کي ڪو ٻيو اهڙو نالو نه ڏنو ويو جنهن جي وسيلي اسان نجات حاصل ڪري سگھون“ (اعمال 4 باب 12 آيت)

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا يسوع ئي آسمان تي وڃڻ جو رستو آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries