settings icon
share icon
سوال

موت کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟

جواب


سوال موت کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي پريشان ڪندڙ آهي. ڪلامِ مقدس ۾ واضح طور تي انهيءَ ڳالهه کي ظاهر نه ڪيو ويو ته ڪڏهن ڪو شخص پنهنجي ابدي منزل پهچندو. ڪلامِ مقدس اسان کي ٻڌائي ٿو ته مرڻ کان پوءِ ڪو به شخص جنت يا دوزخ ان بنياد تي ويندو ته هُن مرد يا عورت مسيح کي پنهنجو نجات ڏياريندڙ قبول ڪيو آهي يا نه. ايماندارن جا، موت کان پوءِ جسم نه هوندو ۽ هو خدا سان گڏ سڪونت اختيار ڪندا. (2.ڪرنٿيون 5باب 6تا8آيت؛ فلپيون 1باب 23آيت). نجات حاصل نه ڪندڙن لاءِ موت کان پوءِ جو مطلب آهي دوزخ ۾ ڪڏهن نه ختم ٿيڻ واري سزا. (لوقا 16باب 22تا23آيت).

هيءُ ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي موت کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي. مڪاشفه 20باب 11تا15 آيت ٻڌائي ٿي ته اُهي سڀ جيڪي دوزخ ۾ آهن باهه جي ڍنڍ ۾ وڌا ويا. مڪاشفه 21 ۽ 22 باب ٻڌائي ٿو ته هڪ نئون آسمان ۽ هڪ نئين زمين، انهيءَ لاءِ، هيءُ نظر اچي ٿو ته جيستائين آخرت ۾ زندهه نه ڪيو ويندو موت کان پوءِ هڪ شخص ”عارضي طور تي“ جنت يا دوزخ ۾ سڪونت اختيار ڪندو آهي. هڪ شخص جي ابدي منزل ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي، ڪجهه جڳهين تي موت کان پوءِ نجات نه حاصل ڪندڙ ماڻهو باهه جي ڍنڍ ۾ وڌا ويندا. (مڪاشفه 20 باب 11تا15آيت). هي آخرت آهي، سڀني ماڻهن جي رهڻ جي ابدي جڳهه جنهن جي بنياد ان ڳالهه تي آهي ڪنهن شخص پنهنجن گناهن کان نجات جي لاءِ يسوع مسيح تي ايمان رکي ٿو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

موت کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries