ڇا مسيح جي خدائي ڪلام مقدس ۾ آهي؟




سوال: ڇا مسيح جي خدائي ڪلام مقدس ۾ آهي؟

جواب:
وڌيڪ يسوع جا پنهنجي باري ۾ خاص دعوا، ان جي شاگردن مسيح جي خدائي کي مڃيو. انهن اعلان ڪيو هو ته يسوع ئي گناه معاف ڪري سگھندو هو جيڪو صرف خدا ئي ڪري سگھي ٿو. خدا، جيڪو گناهه کان بيزار هو. (اعمال 5 باب 31 آيت، ڪلسيون 3 باب 13 آيت، 130 زبور 4 آيت، يرمياه 31 باب 34 آيت). انهي آخري دعوى جو قريبي تعلق آهي ته يسوع خود چيو ته اهو ”جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو“ (2. تميمتهيس 4 باب 1 آيت). توما رڙ ڪري يسوع کي چيو ”اي منهنجا خداوند خدا“ (يوحنا 20 باب 28 آيت) پولوس يسوع کي چيو، عظيم خداوند ۽ نجات ڏيئڻ وارو“ (طلطس 2 باب 13 آيت)، ۽ ٻڌائي ٿو ته يسوع مجسم ٿيئڻ کان پهرين ”خدا جي صورت“ ۾ موجود هو. (فلپيون 2 باب 5 تا 8 آيت) عبرانيون جو منصف يسوع جي باري ۾ چوي ٿو ته ”اي خدا تنهنجو تخت هميشهه آباد رهندو“ (عبرانيون 1 باب 8 آيت). يوحنا بيان ڪري ٿو ته ”شروع ۾ ڪلام هو، ۽ ڪلام خدا سان گڏ هو ۽ ڪلام (يسوع) خدا هو (يوحنا 1 باب 1 آيت) ڪلام مقدس ۾ يسوع جي خدائي جي تعليم جون مثالون تمام گھڻيون موجود آحن (ڏسو مڪاشفهه 1 باب 17 آيت، 2 باب 8 آيت، 1. ڪرنتيهون ا0 باب 4 آيت، 1. پطرس 2 باب 6 تا 8 آيت، 18 زبور 2 آيت، 95 زبور 1 آيت، 1. پطرس 5 باب 4 آيت، عبرانيون 13 باب 20 آيت.) ليڪن انهن مان هڪ ئي ڪافي آهي جيڪا ان جي شاگردن جي مطابق مسيح جي خدائي کي ظاهر ڪري ٿي.

يسوع کي پراڻي عهدنامي ۾ هڪ منفرد خطاب يهواوه (خدا جو رسمي نالو) ڏنو وڃي ٿو. پراڻي عهدنامي ۾ خطاب ”شافي“ (130 زبور 7 آيت)، هوسيع 13 باب 14 آيت) يسوع جي لا3 نئين عهدنامي ۾ استعمال ٿيو. (طلطس 2 باب 13 آيت، مڪاسفهه 5 باب 9 آيت) يسوع عمانوايل سڏرائي ٿو (”خدا اسان سان گڏ“ متي 1 باب). زڪرياه 12 باب 10 آيت ۾، اهو يهواوه آهي جيڪو چوي ٿو ته ”اهي ان تي جنهن کي انهن ڇِليو نظر ڪندا“ ليڪن نئين عهدنامي ۾ اهو يسوع جي مصلوبيت جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو (يوحنا 19 باب 37 آيت، مڪاشفه 1 باب 7 آيت) اگر اهو يهواوه آهي جنهن کي ڇِليو ويو ۽ انتي نظر ڪئي ويئي آهي. ۽ يسوع کي ڇِليو ويو ۽ نظر ڪئي ويئي ته پوءِ يسوع ئي يهواوه آهي پولوس يسعاه 45 باب 22 ۽ 23 آيت جي تشريح ڪري ٿو ته جئن يسوع کي فليپون 2 باب 10 ۽ 11 آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي. وڌيڪ يسوع جو نالو يهواوه سان گڏ استعمال ڪيو ويو آهي. ”خدا پيءُ ۽ اسانجي خداوند يسوع مسيح جي طرف کان توهان کي فضل ۽ اطمينان حاصل ٿيندو رهي“ (گلتيون 1 باب 3 آيت، افسيون 1 باب 2 آيت) هي گستاخي هوندي ته يسوع خدا ناهي. يسوع نالو يهواوه سان گڏ نظر اچي ٿو جڏهن يسوع بپتسمه ورتو ”نالي ۾ (واحد) آهي پيءَ ۽ پُٽ ۽ پاڪ روح.“ (متي 28 باب 19 آيت، ڏسو 2 ڪرنتيهون 13 باب 14 آيت) مڪاشفه ۾ يوحنا چئي ٿو ته تمام مخلوق يسوع جي حمد ڪئي بس يسوع خلق جو حصو ناهي (مڪاشفه 5 باب 13 آيت)

جيڪي ڪم خدا مڪمل ڪيا آهن اهي سڀ يسوع جي بدولت آهن. يسوع صرف مُئلن مان زنده نه ٿيو (يوحنا 5 باب 21 آيت، يوحنا 11 باب 38 تا 44 آيت)، ۽ گناهن کي معاف ڪيو (اعمال 5 باب 31 آيت، اعمال 13 باب 38 آيت)، انهي ڪائنات کي ٺاهيو ۽ قائم رکيو (يوحنا 1 باب 2 آيت، کلسيون 1 باب 16 تا 17 آيت) هتي هي نقطو وڌيڪ مضبوط ٿي وڃي ٿو ته جڏهن ڪوبه اهو خيال ڪري ته يهواوه چيو ته انهي اڪيلي ڪائنات کي پيدا ڪيو (يسعياه 44 باب 24 آيت) وڌيڪ، مسيح ۾ اهڙيون صفتون آهن جيڪي صرف خدا ۾ ئي آهن. ابديت، (يوحنا 8 باب 58 آيت)، هر جڳهه تي موجود هجڻ (متي 18 باب 20 آيت)، سڀ ڪجھه ڄاڻڻ وارو (متي 16 باب 21 آيت) قادر مطلق (يوحنا 11 باب 38 تا 44 آيت)

هاڻ، ڪوبه هڪ خدا هئڻ جو دعوا ڪري ٿو يا ڪنهن کي بيوقوف بنائڻ ته اهو ان جي سچائي تي يقين ڪري. ۽ ڪنهن به شئي کان علاوه اهو مڪمل طور تي ثابت هجي ته اهو اهڙي طرح آهي. مسيح تمام گھڻن معجزن جي ثبوت ساڻ خدا هئڻ جي دعوى ڪري ٿو ۽ استائين ته اهو مُئلن مان جي اُٿيو. يسوع جا ڪجھه معجزات جئين پاڻي جو مهه بڻجي وڃڻ (يوحنا 2 باب 7 آيت) پاني تي هلڻ (متي 14 باب 25 آيت)، مادي شين کي گھڻو ڪڻ (يوحنا 6 باب 11 آيت) . انڌن کي سڄو ڪري شفا ڏيئڻ ( متي 9 باب 35 آيت، مرقس 1 باب 40 تا 42 آيت)، ۽ ايستائين جو مُردن کي زنده ڪرڻ (يوحنا 11 باب 43 تا 44، لوقا 7 باب 11 تا 15 آيت، مرقس 5 باب 35 آيت). وڌيڪ اهو ته مسيح خود مُئلن مان جيءُ اٿيو. نام نهاد مري ويلن کان پري ۽ اڀرندڙ بُتن جا قصا، ٻيهر جيئڻ جي باري ۾ ٻيا مذهب ايتري سنجيدگيءَ سان بيان نٿا ڪن. ۽ ٻي ڪنهن دعوى جي ڪلام مقدس مطابق تصديق به نٿي ٿئي. ڊاڪٽر گيري هبرمس جي مطابق، هتي گھٽ ۾ گھٽ 12 تاريخي سچائيون آهن جنن کي غير مسيحي تنقيدنگار عالم به مڃن.

پهريون: يسوع جو صليبي موت
ٻيو: انهي دفنايو ويو.
ٽيو: هُن جو موت شاگردن جي لاءِ مايوسي ۽ نااميدي جو سبب بڻيو
چوٿون: يسوع جي قبر ڪجھه ڏينهن کان پوءِ (خالي ڏٺي ويئي) خالي هئي.
پنجون: شاگرد يقين رکندا هئا ۽ انهن زنده ٿيل يسوع کي ڪيترائي دفعا ڏٺو.
ڇهون: انجي بعد شاگرد شڪ ڪرڻ وارن مان تبديل ٿي پڪا ايماندار بنجي ويا.
ستون: هي پيغام شروعاتي ڪليسا جي تبليغ جو مرڪز هو.
اٺون: انهي پيغام جي تبليغ يروشلم کان ٿي.
نائون: انهي تبليغ جي نتيجي ۾ ڪليسا ٺهي ۽ وڌي.
ڏهون: زنده ٿيئڻ واري ڏينهن، آچر کي سبت ۾ تبديل ڪيو (آچر) جيڪو پهرين عبادت جو ڏينهن هو.
يارهون: يعقوب هڪ شڪي اُن وقت تبديل ٿيو جڏهن هُن مئلن مان يسوع کي زنده ٿيل ڏٺو ته يقين ڪيو.
ٻارهون: پولوس، مسيحيت جو دشمن، اُن وقت تبديل ٿيو جڏهن انهي زنده ٿيل مسيح جي ديدار جو تجربو ڪيو.

جيڪڏهن ڪي ماڻهو هن فهرست جي ڪمن کان انڪار ڪن ٿا ته، ته صرف ڪجھه ماڻهنکي ئي مردن مان زنده ٿي اُٿڻ جي ثبوت جي ضرورت آهي ۽ ڪلام کي قائم ڪرڻ، يسوع جي موت، دفنايو وڃڻ، مردن مان زنده ٿي اُٿڻ ۽ ٻيهر ظاهر ٿيئڻ (1 ڪرنتيهون15 باب 1 تا 15 آيت) جڏهن ته هتي ڪجھه نظريات بيان ڪيا ويا آهن مٿي ڏنل سچائيءَ جي بابت، صرف مردن مان زنده ٿي اُٿڻ ئي اهو بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي سڀني جو واحد جواب آهي. تنقيد ڪرڻ وارا مڃن ٿا ته شاگردن دعوى ڪئي ته انهن زنده ٿيل مسيح کي ڏٺو آهي. نه ڪوئي ڪوڙ نه ئي وري نظر جو فريب ماڻهن کي تبديل ڪري سگھي ٿو مگر جئين مئلن مان زنده ٿي اُٿڻ ٿيو. پهريون هي ته اهي ڇا حاصل ڪري سگھيا ٿي؟ مسيحت مشهور نه ٿي ٿي سگھي ۽ يقيني طور تي ائين ڪري هو پئسا به نٿي ڪمائي سگھيا. ٻيو ته ڪوڙا ماڻهو سُٺي شاهدي نه ٿا ڏين. هتي مُردن مان زنده ٿي اُٿڻ کان سواءِ ٻيو ڪو بيان ئي ڪونهي ته شاگرد پنهنجي ايمان جي خاطر پنهنجي مرضيءَ سان هيبتاڪ موت مرڻ جي لاءِ تيار هئا. ها گھڻائي ماڻهو ڪوڙن ماڻهن جي خاطر مئا ڇاڪاڻ ته انهن سمجھيو ٿي ته هي مسيح آهي. ليڪن ڪوبه ان جي لاءِ نه مئو ڇاڪاڻ ته جيڪي اهي ڄاڻن ٿا اهو سچ ناهي.

انهي جي نتيجي ۾: مسيح دعوا ڪئي ته اهو يهواوه هو ۽ اهوئي خدا هو (نه صرف ”هڪ خدا“ ليڪن سچو خدا)، انهي جا پيروڪار (جنن کي يهودين پرجوش محبت جي ڪري ڊڄاريو هو) اهي هن تي يقين رکندا هئا ۽ هن کي اهڙي طرح ئي مڃيندا هئا. مسيح پنهنجي خدا هئڻ جي دعوا کي ثابت ڪيو معجزات جي ذريعي جنهن ۾ دنيا کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ مئلن مان زنده ٿي اُٿڻ به شامل آهي. ڪوبه ٻيو نطريو انهن سچائين کي بيان نٿوڪري سگھي.



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس



ڇا مسيح جي خدائي ڪلام مقدس ۾ آهي؟