settings icon
share icon
سوال

ڇا توهان کي دائمي زندگي ملي آهي؟

جواب


اڪ ڪتاب اسان کي دائمي زندگيءَ جو هڪ چٽو رستو ٻڌائي ٿي. پهريون، اسان اهو اقرار ڪريون ته اسين خدا آڏو گنهگار آهيون. ”سڀني ماڻهن گناهه ڪيو آهي ۽ خدا جي جلوي کان محروم آهن.“ (روميون 3:23). اسان پنهنجي عملن سان خدا کي ناخوش ڪيو آهي، تنهن ڪري اسين سڀ سزا جا حقدار آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جا سڀ گناهه، هن ابدي خدا جي خلاف آهن، تنهن ڪري اسان کي سزا به ابدي ملڻ گهرجي.“ ڇالاءِ جو گناهه جو اجر موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسى مسيح جي معرفت دائمي زندگي آهي.“ (روميون 6:23)

بهرحال، عيسى مسيح، جيڪو گناهن کان پاڪ (1ــ پطرس 2:22) ۽ خدا جو دائمي فرزند آهي، انساني صورت ۾ آيو (يوحنا 1:1-14) ۽ اسان جي گناهن جي خاطر جان ڏنائين. ”پر خدا اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري ته جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين ته مسيح اسان جي لاءِ مئو. (روميون 5:8). عيسى مسيح صليب تي پنهنجي جان ڏني. (يوحنا 19:31-42) ۽ جيڪا سزا اسانکي ملڻي هئي، سا پاڻ تي کنيائين (5 ــ ڪرنٿين 5:21) ٽن ڏينهن کان پوءِ هو مئلن مان جيئرو ٿي اُٿيو (1 ــ ڪرنٿين 15:1-4) ۽ ثابت ڪيائين ته کيس گناهه ۽ موت تي فتح حاصل آهي.“ اسان جي خداوند عيسى مسيح جي مئلن مان جيئرو ٿي اُٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙي طرح اسان ۾ نئين اميد پيدا ڪئي وئي (1 ــ پطرس 1:3)

ايمان جي وسيلي اسان کي پنهنجن گناهن کان منهن موڙڻ گهرجي ۽ گناهن کان ڇوٽڪاري لاءِ مسيح ڏانهن اچڻ گهرجي (رسولن جا ڪم 3:19). جيڪڏهن اسين مٿس ايمان آڻيون ۽ اهو يقين ڪريون ته هن اسان جي گناهن جي ڪري صليب تي موت کي قبوليو، ته اسان کي پنهنجي گناهن کان معافي ملندي ۽ آسمان ۾ واعدي ڪيل دائمي حياتي جا حقدار ٿينداسين. ڇا لاءِ جو خدا دنيا سان ايترو ته پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو ته جيڪو به مٿس ايمان آڻي سو برباد نه ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي. (يوحنا 3:16) جيڪڏهن تون زبان سان اقرار ڪرين ته عيسى خداوند آهي ۽ دل ۾ ايمان آڻين ته خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو ته تو کي ڇوٽڪارو ملندو. (روميون 10:9). عيسى مسيح جي صليب تي ٿيل قربانيءَ تي ايمان ئي دائمي زندگي حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي سچو رستو آهي. ”ڇالاءِ جو خدا جي فضل جي ڪري ئي اوهان کي ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آهي. هي اوهان جي ڪوششن جي ڪري نه، پر خدا جي بخشش آهي، نه ئي اوهان جي عملن جي ڪري، متان ڪو به فخر ڪري.“ (افسيون 2:8-9).

جيڪڏهن توهين عيسى مسيح کي پنهنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ قبول ڪرڻ چاهيو ٿا ته هيءَ دعا توهان کي اها قبوليت سيکاريندي. ياد رکو ته هي دُعا يا ڪا ٻي دعا گهرڻ سان توهان کي ڇوٽڪارو ڪو نه ملندو، بلڪه مسيح تي ايمان ئي توهان کي توهان جي ڪيل گناهن کان بچائي سگهي ٿو. هيءَ دُعا پنهنجي پاڻ کي خدا جي آڏو پيش ڪرڻ جو رڳو هڪ طريقو آهي، جيڪو توهان جو خدا تي ايمان ظاهر ڪري ٿي ۽ ان جي ڏنل ڇوٽڪاري لاءِ شڪر گذاري سيکاري ٿو.

”اي خدا آءُ ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجو گناهه ڪيو آهي ۽ سزا جو حقدار آهيان، پر عيسى مسيح منهنجي سزا پاڻ تي کنئي ته جيئن مٿس ايمان آڻڻ جي وسيلي مونکي گناهن کان معافي ملي سگهي. آءُ پنهنجن گناهن کان پاسو ڪريان ٿو ۽ تو تي ايمان آڻيان ٿو ته جيئن مون کي ڇوٽڪارو ملي. آءُ تنهنجي فضل ۽ معافي، جيڪا دائمي زندگيءَ جي نعمت آهي، جي لاءِ تنهنجو شڪرگذار آهيان! آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا توهان کي دائمي زندگي ملي آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries