settings icon
share icon
سوال

آءُ خدا کان معافي ڪيئن حاصل ڪريان؟

جواب


رسولن جا ڪم 13:38 ۾ لکيل آهي، ”تنهنڪري اي ڀائرو! آءُ چاهيان ٿو ته اوهان ڄاڻي وٺو ته عيسى جي طرفان اوهان اڳيان گناهن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو.“

گناهن کان معافي/ بخشش ڇا آهي ۽ مون کي ڇو ان جي ضرورت آهي؟

لفظ معاف ڪرڻ جو مطلب آهي بلڪل معاف ڪرڻ، بخشي ڇڏڻ، قرض کان آجو ڪرڻ. جڏهن اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي خلاف ڪا ڳالهه ڪندا آهيون، ته انهيءَ سان وري ساڳيو تعلق بحال ڪرڻ لاءِ کائنس معافي وٺندا آهيون. معافي يا بخشش ان ڪري نه ملندي آهي جو هي ڪنهن جو حق آهي. ڪو به معافيءَ جو حقدار نه آهي.

بخشش پيار، فضل ۽ رحم جي ڪري ملندي آهي. ڪنهن جي غلطي ۽ گناهه کي ڇڏي ڏيڻ ۽ کيس آجو ڪرڻ جي فيصلي جو نالو معافي آهي. بائبل مقدس ۾ فرمايل آهي ته اسان سڀني کي خدا جي بخشش جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اسان سڀ گنهگار آهيون. (واعظ 7:20) جي مطابق، ”يقين آهي ته زمين تي اهڙو ڪو ڪو به سچو ماڻهو ڪونهي جو چڱا ڪم ڪري ۽ گناهه نه ڪري.“ 1 ــ يوحنا 1:8 ۾ لکيل آهي،”جيڪڏهن اسين چئون ته اسان ۾ گناهه ڪونه آهي، ته پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا اسان ۾ سچائي ڪانهي.“ گناهه خدا جي خلاف بغاوت آهي (زبور 51:4) تنهنڪري اسان کي خدا جي بخشش جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان کي گناهن کان معافي نه ملي، ته اسان پنهنجي گناهن جي ڪري دائمي سزا ڀوڳينداسين. (متي، 25:46 ۽ يوحنا 3:36)

آءُ ڪيئن گناهن کان بخشش حاصل ڪريان؟

خدا جو شڪر آهي ته اسان جو خدا رحم ڪندڙ ۽ پيار ڪرڻ وارو آهي، هو اسان کي پنهنجي گناهن کان خلاصي ڏيڻ چاهي ٿو. 2 ـــ پطرس 3:9 ۾ هيئن لکيل آهي، ”پر هو اوهان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو. انهيءَ ڪري جو هو نه ٿو چاهي ته ڪو به ناس ٿئي، بلڪه هو چاهي ٿو ته سڀئي توبهه ڪن.“

خدا اسان کي معافي ڏيڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري هن اسان جي بخشش جو بندوبست ڪيو. اسان جي ڪيل گناهن جي سزا رڳو موت ناهي. روميون 6:23 جي پهرئين حصي ۾ لکيل آهي ته، ”ڇا لاءِ جو گناهه جو اجر موت آهي“ پنهنجي گناهن جي ڪري اسان دائمي موت جا حقدار آهيون. خدا هڪ مڪمل منصوبو ٺاهيو ۽ عيسى مسيح جي صورت وٺي زمين تي آيو. (يوحنا 1:1-14) عيسى صليب تي جان جنهن سزا، يعني موت جا اسان حقدار هئاسون، سا هن پاڻ تي کنئي. 2 ــ ڪرنٿين 5:21 آيت اسان کي سيکاري ٿي ته، ”مسيح گناهه کان واقف نه هو، پوءِ به خدا کيس اسان جي بدلي گناهه جي قرباني ٺهرايو، ته جيئن مسيح سان گڏجي هڪ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.“ عيسى صليب تي جان ڏني ۽ جنهن سزا جا اسين حقدار هئاسين، سا هن پاڻ تي کنئي. ڇاڪاڻ ته مسيح خدا آهي، تنهن ڪري سندس موت جي وسيلي پوري دنيا جي ماڻهن کي گناهن کان معافي ملي ٿي. 1 ـــ يوحنا 2:2 ۾ فرمايل آهي، ”مسيح پاڻ اهڙي قرباني آهي، جيڪا اسان جا گناهه کڻي وڃي ٿي، نه رڳو اسان جا پر سڄي جهان جا گناهه. ”عيسى مئلن مان جيئرو ٿي ڪري موت ۽ گناهه تي فتح جو اعلان ڪيو. (1ــ ڪرنٿين 15:28) عيسى مسيح جي موت ۽ جيئرو ٿي اٿڻ جي واکاڻ ڪريو، (روميون 6:23) جي ٻئي حصي ۾ ائين لکيل آهي ته، ”پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسى مسيح جي معرفت دائمي آهي.“

ڇا توهان گناهن کان بخشش چاهيو ٿا؟ ڇا توهان پنهنجي ڪيل غلطين تي پشيمان آهيو ۽ هن ڌٻڻ مان نڪري نه ٿا سگهو؟ توهان کي گناهن کان معافي ملي سگهي ٿي جيڪڏهن توهان ايمان آڻيو ته عيسى مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا. ”عيسى اسان جا ڏوهه پاڻ تي کنيا ته جيئن اسان کي معافي ملي. جيڪڏهن توهان ايمان آڻيو ٿا ته عيسى مسيح توهان جي گناهن جي بخشش لاءِ پنهنجي جان ڏني ته پوءِ انهيءَ مسيح جي معرفت خدا کان بخشش گهرو، هو ضرور توهان کي معاف ڪندو! يوحنا 3:16-17 ۾ انهيءَ زبردست پيغام جو ذڪر آهي. ”ڇالاءِ جو خدا دنيا سان ايترو ته پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو ته جيڪو به مٿس ايمان آڻي سو برباد نه ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي. خدا پنهنجو فرزند ۾ انهيءَ لاءِ نه موڪليو ته هو دنيا کي سزا ڏي، پر انهيءَ لاءِ موڪليو ته هن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.“

ڇا واقعي معافي ايتري آسان آهي؟

ها اها بلڪل آسان آهي! توهان خدا کان معافي خريد نٿا ڪري سگهو، توهان معافيءَ جي عيوض خدا کي ڪجهه ادا نه ٿا ڪري سگهو. صرف ايمان جي ئي ڪري خدا جي فضل ۽ رحم جي وسيلي گناهن جي معافي ملي سگهي ٿي. جيڪڏهن توهان عيسى مسيح کي پنهنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ خدا جي بخشش جا طلبگار آهيو ته پوءِ هيٺ ڏنل دُعا گهرو. هن دعا يا ڪنهن ٻئي دعا ۾ ڇوٽڪارو نه آهي. عيسى مسيح تي ايمان ئي توهان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏئي سگهي ٿو. هي دعا پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي، جيڪو خدا تي اسان جو ايمان ظاهر ٿو ڪري ۽ هن جي ڏنل بخشش جي شڪرگذاري سيکاري ٿو.

”اي خدا آءُ ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجو گناهه ڪيو آهي ۽ سزا جو حقدار آهيان، پر عيسى مسيح منهنجي سزا پاڻ تي کنئي ته جيئن هن تي ايمان آڻڻ جي وسيلي مون کي ڇوٽڪارو ملي. آءُ پنهنجن گناهن کان پاسو ڪريان ٿو ۽ توتي ايمان رکان ٿو ته تون مون کي ڇوٽڪارو ڏي. آءُ تنهنجي وڏي فضل ۽ بخشش لاءِ شڪرگذار آهيان. آمين

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

آءُ خدا کان معافي ڪيئن حاصل ڪريان؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries