settings icon
share icon
سوال

ڇا خدا حقيقت آهي؟ آئون ڪيئن ڄاڻي سگهان ٿو ته خدا حقيقت آهي؟

جواب


اسين ڄاڻون ٿا ته خدا حقيقت آهي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پاڻ کي اسان تي ٽن رستن سان ظاهر ڪري ٿو؛ خلق ڪرڻ سان، پنهنجي ڪلام سان، ۽ پنهنجي پٽ يسوع مسيح سان.

سڀني کان وڌيڪ بنيادي ثبوت صرف هيءُ آهي ته هُن جيڪو ڪجهه ٺاهيو آهي. ”ڇاڪاڻ ته هُن جو اڻ ڏٺل صفتون يعني هن جي ازلي قدرت ۽ الوهيت دنيا جي پيدائش جي وقت کان ٺاهيل شين جي ذريعي سان معلوم ٿي ڪري صاف نظر اچي ٿي، ايستائين جو انهن وٽ ڪو عذر باقي نٿو رهي.“ (روميون 1باب 20آيت) ”آسمان خدا جو جلال ظاهر ڪري ٿو ۽ فضا هن جي هٿ جي هنر کي ظاهر ڪري ٿي. “ (19 زبور 1آيت)

جيڪڏهن اسان کي ٻني مان ٻانهن ۾ ٻڌڻ واري واچ ملي ٿي، ته مان اِهو نه مڃيندس ته اِها ٻاهران ڪٿان ”نمودار“ ٿئي آهي يا هيءُ پهرئين کان ئي موجود هئي. واچ جي ڏيک جي بنياد تي، آئون اِهو اندازو لڳائيندس ته هن جو ڪو ٺاهڻ وارو آهي. ليڪن جڏهن آئون وڏي ڪاريگري ۽ دنيا جي چارئين طرفن ۾ باقاعدگي ڏسان ٿو، اسان جي وقت جي پيمائش ٻانهن ۾ ٻڌڻ واري واچ تي منحصر ناهي، ليڪن خدا جي دستڪاري لڳاتار زمين جي گردش (اورسيزيم 133 ايٽم جي تابڪاري جي خصوصيات). ڪائنات هڪ تمام وڏو خاڪو ظاهر ڪري ٿي، ۽ هيءُ هڪ عظيم ٺاهڻ واري جو دليل ڏيئي ٿي.

جيڪڏهن مان خفيه تحريري پيغام پايان ٿو، ته مان ضرور ڪنهن خفيه تحرير پڙهندڙ جي مدد وٺندس. منهنجي خيال ۾ هن پيغام کي موڪليندڙ ذهين آهي، جنهن هن کي خفيه پيغام ٺاهيو. ڊي اين اي هڪ اهڙو منجهيل ”ڪوڊ“آهي جنهن کي اسين پنهنجي جسم جي هر جيوَ گهرڙي ۾ کنيو گهمندا آهيون؟ ڇا هيءُ منجهائپ ۽ ڊي اين اي ڪوڊ جو مقصد هڪ ذهين مصنف جي دليل نٿو ڏي؟

خدا هن دنيا کي منجهيل نه پر هڪ نهايت ئي باڪمال طريقي سان سنواريو آهي، هن ابدي زندگي جي شعور کي هر انساني دل ۾ نقش ڪري ڇڏيو آهي. (واعظ 3باب 11 آيت). بني نوعِ انسان کي پيدائشي طور تي هن ڳالهه جو شعور آهي ته جيستائين نظر وڃي ٿي تيستائين زندگي آهي، ته هن زميني زندگي کان مٿي به ڪو وجود آهي. اسان جي ابديت (هميشگي) جي حس واضح ڪري ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه طريقا آهن: قانون ٺاهڻ ۽ عبادت.

هر تهذيب يقيناً سٺن قانونن جو شروع کان قدر ڪري ٿي، جيڪي حيران ڪُن طور تي هڪ جهڙا آهن. ثقافت کان ثقافت. مثال طور، مثالي پيار عالم گير طور تي ساراهيو وڃي ٿو، دغابازي جي ڪم کي عالم گير طور ملامت ڪئي وڃي ٿي. هيءُ مشترڪه ضابطه اخلاق هن ڪره ارض جي سٺي ۽ خراب ۾ اتفاقِ رائي آهي سڀ کان اعلى نيڪ ماڻهو کي اسان معمولي سمجهيو.

ائين ئي، دنيا جا سڀ ماڻهو، تهذيب کان بي خبر آهن، هميشه کان عبادت جي طريقه ڪار کي سمجهن ٿا. عبادت جا مقصد بدلجندا رهندا آهن، ليڪن ”عظيم طاقت“ جي تميز کان بني نوعِ انسان انڪار نٿي ڪري سگهي. عبادت جي لاءِ رغبت انهيءَ لاءِ آهي ته خدا اسان جو خالق آهي. ”هُن اسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو.“ (پيدائش 1باب 27آيت).

خدا خود پنهنجي پاڻ کي اسان جي سامهون ظاهر ڪري ٿو پنهنجي ڪلام جي ذريعي، ڪلامِ مقدس. ڪلام جي شروع کان، خدا پنهنجي وجود جي باري ۾ سچا ثبوت پيش ڪري ٿو. (پيدائش 1باب 1 آيت؛ خروج 3باب 14آيت). جڏهن بينجمن فرينڪلن پنهنجي داستانِ زندگي لکي، هن پنهنجي وجود کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ وقت ضائع نه ڪيو. اهڙيءَ طرح، خدا پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي وجود کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ گهڻو وقت صرف نه ڪيو. ڪلامِ مقدس ۾ زندگي بدلائڻ جي قدرت آهي، هن جي سالميت، ۽ معجزا جيڪي هن تحرير سان گڏ آهن، هڪ ويجهي نگاهه جي لاءِ ڪافي هوندا.

ٽيون طريقو جنهن جي ذريعي خدا پنهنجي پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو، اُهو آهي پنهنجي پٽ يسوع مسيح ذريعي. (يوحنا 14باب 6تا11آيت). ”شروعات ۾ ڪلام هو ۽ ڪلام خدا سان گڏ هو ۽ ڪلام خدا هو . . . ۽ ڪلام مجسم ٿيو ۽ فضل ۽ سچائي سان ڀرجي اسان جي وچ ۾ رهيو.“ (يوحنا 1باب1 ۽ 14آيت). يسوع مسيح ۾ ”ڇاڪاڻ ته الوهيت جون سڄي معموري انهيءَ ۾ مجسم ٿي ڪري سڪونت ڪندي آهي.“ (ڪلسيون 2باب 9آيت).

يسوع جي حيران ڪن زندگي ۾، هن پراڻي عهدنامي کي مڪمل طور پورو ڪيو ۽ مسيحا جي باري ۾ جيڪي پشين گوئيون هيون اُهي پوريون ٿيون (متي 5باب 17آيت). هن بيشمار خدا پرستي جا ڪم ڪيا ۽ عوامي معجزا هن جي پيغامن جي سچائي کي ثابت ڪن ٿا ۽ هن جي خدائي جا گواهه آهن (يوحنا 211 باب 24تاق25). پوءِ، هن جي مصلوب ٿيڻ ٽن ڏينهن کان پوءِ، هو مُردن مان جي اُٿيو، هن حقيقت جا هزارين اکين ڏٺا گواهه آهن (1.ڪرنٿيون 15باب6آيت). تاريخي ”ثبوت“ گهڻائي سان قلم بند ڪيا ويا ته يسوع ڪير آهي. پولوس چوي ٿو، ”هيءُ واقعو ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪونهي ٿيو.“ (اعمال 26باب 26آيت).

اسين محسوس ڪريون ٿا ته هتي هميشه کان ئي بي اعتقاد ماڻهو موجود آهن، جيڪي پنهنجا ذاتي خيال خدا جي باري ۾ رکن ٿا جڏهن ته ثبوت کي به پڙهن ٿا. ۽ هِتي ڪجهه اهڙا آهن جيڪي ثبوت جي بغير ئي مڃي وٺندا آهن (14 زبور 1آيت). هيءُ سب ايمان جي ڪري ٿيندي آهي. (عبرانيون 11 باب 6آيت)

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا خدا حقيقت آهي؟ آئون ڪيئن ڄاڻي سگهان ٿو ته خدا حقيقت آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries