settings icon
share icon
سوال

ڇا عيسى خدا آهي؟ ڇا عيسى ڪڏهن خدا هجڻ جي دعوى ڪئي؟

جواب


بائبل ۾ ڪٿي به اهو ذڪر ٿيل نه آهي جنهن حضرت عيسى ائين چيو هجي ته آءُ خدا آهيان. ”پر هن جو مطلب هرگز نه آهي ته هن خدا هجڻ جي شاهدي نه ڏني آهي. مثال طور. يوحنا: 10:30 ۾ عيسى جا اهي لفظ جنهن ۾ هن چيو ته، آءُ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“ پهرين نظر ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو ته اها خدا هجڻ جي دعوى نه آهي. پر عيسى جي انهيءَ جملي تي يهودين جو ردِ عمل ڏسجي جنهن ۾ انهن چيو، ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ جي ڪري ۽ ڇا لاءِ جو تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آهي.“ (يوحنا 10:33). يهودين اهو ڄاتو پئي ته عيسى پاڻ کي خدا ڪوٺيو آهي. هن کان بعد وارين آيتن ۾ حضرت عيسى يهودين جي انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪندي ائين ڪڏهن به نه چيو ته، ”مان خدا هجڻ جي دعوى نه ڪئي آهي“ انهيءَ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سندس اهو چوڻ ته، آءُ ۽ پيءُ هڪ آهيون، جو مطلب اهو آهي ته عيسى ئي خدا آهي (يوحنا 10:30) انهيءَ جو هڪ وڌيڪ مثال: يوحنا 8:58 ۾ آهي. ”عيسى وراڻيو ته آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان ته ابراهيم جي ڄمڻ کان به اڳي آءُ آهيان.“ تنهن تي يهودين عيسى کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسى پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري ويو (يوحنا 8:59). اهي يهودي عيسى کي ڇو سنگسار ڪن ها.

جيڪڏهن عيسى خدا هجڻ جي دعوى نه ڪري ها جيڪا سندس عقيدي جي مطابق ڪفر هئي! يوحنا 1:1 ۾ لکيل آهي ته ڪلام خدا هو يوحنا 1:14 جي مطابق ”ڪلام انساني صورت ۾ آيو.“ هن هدايت مان پڻ صاف ظاهر آهي ته عيسى ئي خدا آهي جيڪو انسان صورت ۾ آيو. رسولن جا ڪم 20:28 ۾ فرمايل آهي ته، ”سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.“

پنهنجي رت سان ڪليسيا خريد ڪئي؟ عيسى مسيح. رسولن جا ڪم 20:28 ۾ واضح لکيل آهي ته خدا ڪليسيا کي پنهنجي رت سان خريد ڪيو، تنهن ڪري عيسى ئي خدا آهي! عيسى جي شاگرد توما سندس باري ۾ واضح چيو ته، خداوند منهنجو خدا (يوحنا 20:28) عيسى کيس چوڻ کان نه روڪيو. ططس 2:13 آيت اسان کي پنهنجي عظيم خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسى مسيح جو انتظار ڪرڻ لاءِ همٿائي ٿي. ساڳي ڳالهه 2 ـــ پطرس 1:1 ۾ آهي. عبرانيون 1:8 ۾ خدا پيءُ عيسى جي باري ۾ هيئن فرمائي ٿو، پر پنهنجي فرزند بابت هو چوي ٿو ته اي خدا!

تنهنجو تخت هميشه تائين قائم رهندو، ۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.“ مڪاشفي ۾ هڪ ملائڪ يوحنا رسول کي رڳو خدا جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. (مڪاشفو 19:10) پاڪ ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهن کي عيسى کي سجدا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. (متي 2:11، 14:37، 28:9-17 لوقا 24:52 يوحنا 9:38) هن دوران عيسى ڪڏهن به ماڻهن کي سجدا ڪرڻ کان نه روڪيو ۽ نه ئي ڪٿي ناراضگي ظاهر ڪئي. جيڪڏهن عيسى خدا نه هجي ها ته جيئن مڪاشفي ۾ ملائڪ يوحنا رسول کي سجدو ڪرڻ کان روڪيو، تيئن عيسى مسيح به ضرور ماڻهن کي سندس عبادت ڪرڻ کان روڪي ها.

پاڪ ڪلام ۾ ٻيون به ڪيتريون آيتون آهن جيڪي عيسى جي وحدانيت (خدا هجڻ) جي باري ۾ ٻڌائن ٿيون. عيسى مسيح جي خدا هجڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته جيڪڏهن هو خدا نه هجي ها ته سندس مت سڄي دنيا جي ماڻهن جي گناهن جو ڪفارو نه ٿئي ها. (يوحنا 2:2) رڳو خدا ئي اهڙو لامحدود ڪفارو ڏئي سگهي ٿو. اهو خدا ئي آهي جنهن سڄي جهان جا گناهه پاڻ تي کنيا، پنهنجي جان ڏني ۽ مئلن مان جيئرو ٿي ڪري موت ۽ گناهه تي فتح حاصل ڪري ڏيکاري.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا عيسى خدا آهي؟ ڇا عيسى ڪڏهن خدا هجڻ جي دعوى ڪئي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries