زندگي جو ڇا مطلب آهي؟




سوال: زندگي جو ڇا مطلب آهي؟

جواب:
زندگي جو ڇا مطلب آهي؟ مان پنهنجي زندگي جو مقصد، تڪميل ۽ اطمينان ڪيئن حاصل ڪري سگهان ٿو؟ ڇا مان ڪنهن شئيءَ جو دائمي مطلب پورو ڪرڻ جي طاقت رکندس؟ ڪيترائي ماڻهو ڪڏهن انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ بند نه ڪندا آهن ته زندگي جو مطلب ڇا آهي. هو سالن کان پوءِ، پٺيان مڙي کي ڏسن ٿا ۽ حيران ٿين ٿا ته ڇو انهن جا تعلقات خراب ٿي ويا ۽ ڇو هو گهڻي اڪيلائپ محسوس ڪندا آهن. حالانڪه هو سڀ ڪجهه حاصل ڪري چڪا هوندا آهن. جيڪو ڪجهه پورو ڪرڻ جو انهن سوچيو هو. هڪ بيس بال کيڏڻ واري رانديگر چيو جيڪو بيس بال ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪري چڪو هو، هُن خواهش ڪئي ته جڏهن هن بيس بال کيڏڻ شروع ڪئي ته ڪوئي هن کي ٻڌائڻ وارو هجي ها. هن جواب ڏنو، ”منهنجي خواهش آهي ته ڪير مونکي ٻڌائي ها ته مان ڏاڍي مٿانهين تي آهيان، ته اِتي ڪجهه نه هوندو.“ ڪيترائي مقصد پنهنجو خالي پن اُن وقت ظاهر ڪن ٿا جڏهن انهن جي تعاقب ۽ تڪميل ۾ ڪيترائي سال برباد ٿي چڪا هوندا آهن.

اسان جي انساني معاشري ۾، ماڻهو پنهنجن ڪيترن ئي مقصدن جو تعاقب ڪن ٿا، سوچ پچار سان هو پنهنجو مقصد پائين ٿا. انهن مان ڪجهه هنن شين جو تعاقب ڪن ٿا، جيئن: ڪاروبار ۾ ڪاميابي، دولت، سٺا تعلقات، جنسي آسودگي، تفريح، ٻين جي لاءِ سٺو ڪرڻ وغيره. ماڻهو گواهي ڏين ٿا ته جڏهن انهن پنهنجا مقصد دولت ۽ خوشي کي حاصل ڪيو، ليڪن پوءِ به انهن جي اندر هڪ اڪيلائپ موجود هئي، اڪيلائپ جو احساس ڪڏهن به ڀرجندو نظر نٿو اچي.

ڪلام مقدس ۾ واعظ جي ڪتاب لکڻ وارو پنهنجي انهي احساس کي هن طرح بيان ڪري ٿو ته جڏهن انهي چيو، ”باطل ئي باطل ئي باطل ئي باطل . . . . . . سڀ ڪجھه باطل“ ان جي لکڻ واري جي دولت کي ڳڻي نٿوسگھجي، حڪمت ۾ ڪو ماڻهو انهي جهڙو نه هو انهي وقت ۽ اسان جي وقت انجون سوين زالون هيون، محلات ۽ باغات ته قابل رشڪ هئا. سٺو کاڌو ۽ شراب ۽ هر قسم جي خوشي ميسر هئي ۽ انهي هڪ جاءِ تي چيو، جنهن شئي تي دل چيو اها ان حاصل ڪئي ۽ هاڻ ان جو نتيجو هي نڪتو ”زمين جا سڀ ڪم خراب آهن“ (جيئن اسان توهان زندگي گذاريون ٿا جيڪ اسان ڏسون ٿا پنهنجي اکين سان ۽ ان جي آزمائش پنهنجي عقل سان ڪندا آهن) باطل آهي. ڇو اِهو ائين خالي آهي؟ ڇاڪاڻ ته خدا اسان کي ٺاهيو آهي ته اسان اڄ ڪجهه آزمائش ڪريون. سليمان خدا کي چيو، ”هن ابديت کي به انهن جي دل ۾ ويهاريو . . .“ اسين پنهنجن دلين ۾ انهيءَ کان واقف آهيون ته جيڪو ”اڄ“ هتي آهيو اُهو سڀ ڪجهه ناهي.

پيدائش، ڪلامِ مقدس جي پهرئين ڪتاب، اسين پايون ٿا ته خدا بني نوعِ انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو (پيدائش 1باب 26آيت). انهيءَ جو مطلب آهي ته اسين خدا وانگر آهيون، ٻين ڪنهن شئيءَ وانگر نه (ٻئي ڪنهن زندهه شئيءَ وانگر). اسين اِهو به پايون ٿا ته بني نوعِ انسان جي گناهن ۾ ڪِرڻ کان پهرئين ۽ زمين تي لعنت اچڻ کان پهرئين هيٺ ڏنل شيون سچيون هيون. (1) خدا انسان کي ملڻسار مخلوق ٺاهيو (پيدائش 2باب 18تا25آيت)؛ (2) خدا ماڻهوءَ کي ڪم ڏنو (پيدائش 2باب 15آيت)؛ (3) خدا ماڻهوءَ سان رفاقت رکندو هو (پيدائش 3باب 8آيت)؛ ۽ (4) خدا انسان کي زمين تي اختيار ڏنا (پيدائش 1باب 26آيت). انهن ڳالهين جو ڇا مطلب آهي؟ آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته خدا انهي شيون اسان جي زندگي جي تڪميل لاءِ رکيون آهن، ليڪن انهن سڀ ۾ (خاص طور خدا سان انسان جي رفاقت) تمام گهڻي متاثر ٿي، انسان جي گناهن ۾ ڪِرڻ جي ڪري ۽ انهيءَ ڪري زمين لعنتي ٿي. (پيدائش 3باب)

مڪاشفه، ڪلامِ مقدس جي آخري ڪتاب، آخر ۾ ۽ آخرت ۾، خدا ظاهر ڪري ٿو ته هو موجوده زمين ۽ آسمان کي تباهه ڪري ڇڏيندو، جنهن کي اسين ڄاڻيون ٿا هو ابدي زندگي ۾ خالق بڻجي نئون آسمان ۽ نئي زمين کي پيدا ڪندو. انهيءَ وقت، هو ٻيهر مڪمل رفاقت بحال ڪندو، نجات يافته بني نوعِ انسان جي سان گڏ جيڪي انسان لائق نه هوندا انهن جي عدالت هوندي ۽ انهن کي باهه جي ڀنڀٽ ۾ وڌو ويندو. (مڪاشفه 20باب 11تا15آيت) ۽ گناهه جي لعنت انهن کان پري ڪئي ويندي؛ اُتي گناهه، لڙڪ، بيماري، موت، درد وغيره نه هوندا. (مڪاشفه 21باب 7آيت). ۽ ايماندار انهن شين جا وارث هوندا؛ خدا انهن سان گڏ سڪونت ڪندو ۽ هو ان جا پٽ هوندا (مڪاشفه 21 باب 7آيت). بس، اسين خدا جي مڪمل دائري ۾ اچون ٿا. جنهن کي پنهنجي رفاقت رکڻ لاءِ اسان کي بڻايو؛ ماڻهوءَ گناهه ڪيا، رفاقت کي ٽوڙيو، خدا هن رفاقت کي مڪمل طور بحال ڪري ٿو انهن جي لاءِ جيڪي هن ابدي نجات جا وارث آهن. هاڻ، زندگي جي ذريعي هر انهيءَ شئيءَ کي حاصل ڪرڻ جيڪا صرف موت آهي، جيڪا خدا کان هميشه پري ڪري ٿي، بدتر ۽ بيڪار ٿي ويندي ليڪن خدا هڪڙو رستو ٺاهيو جيڪو نه صرف ابدي روحاني خوشي (مسرت) ٿيو. (لوقا 23باب 43آيت)، ليڪن گڏوگڏ تسلي بخش ۽ بامقصد زندگي به ٿيو. هاڻ ڪيئن هيءُ ابدي روحاني خوشي اسان کي ”زمين تي جنت“ ڏئي ٿي؟

زندگي جو مقصد يسوع مسيح جي ذريعي بحالي:

جيئن ته مٿي ٻڌايو ويو آهي، ٻئي حقيقي مطلب هينئر ۽ ابديت خدا سان تعلق بحال رکڻ سان ملن ٿا جيڪو ٽٽي ويو هو جڏهن آدم ۽ حوا خطا ڪئي. اڄ، خدا سان گڏ اُهو رشتو صرف هن جي پٽ يسوع مسيح جي ذريعي ممڪن آهي (اعمال 4باب 12آيت؛ يوحنا 14باب 6آيت؛ يوحنا 1باب 12آيت). ابدي زندگي انهيءَ مرد يا عورت کي ملندي آهي جيڪو پنهنجن گناهن کان توبهه ڪري ٿو (ته هو پنهنجي گناهن سان ڀريل زندگيءَ کي وڌيڪ گذارڻ نٿو چاهي ليڪن چاهي ٿو ته مسيح انهن کي بدلي ڇڏي ۽ هڪ نئين مخلوق ٺاهي ڇڏي) ۽ يسوع مسيح کي نجات ڏياريندڙ طور يقين ڪرڻ شروع ڪري. (ڏسو سوال ”نجات جو ڇا منصوبو آهي؟“ انهيءَ اهم نقطي جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ.)

هاڻ زندگي جو اصل مطلب صرف اِهو ناهي ته يسوع کي پنهنجو نجات ڏياريندڙ سمجهي وٺون (جيئن حيرت انگيز هو آهي). بلڪه، زندگي جو اصل مطلب هيءُ پائڻ آهي ته مسيح جو شاگرد هُن جي پيروي ڪري، هن کان سکي، هن جي ڪلام جي ذريعي هن سان گڏ وقت گذاري، ڪلامِ مقدس، دعا ۾ هن سان گڏ گفتگو ڪري ۽ هن سان گڏ هلندي تابعداري سان گڏ هن جي حڪمن تي عمل ڪري. جيڪڏهن توهان ايماندار ناهيو (يا شايد هڪ نئوان ايماندار) توهان ضرور پنهنجي پاڻ کي چوندا ته ”هيءُ منهنجي لاءِ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه ناهي يا مون ڪا تابعداري ناهي ڪئي. ليڪن، مهرباني ڪري ٿورو وڌيڪ پڙهو. يسوع هيٺ فرمائي ٿو:

”اي محنت ڪرڻ وارو ۽ بوجهه کان دٻيل ماڻهو سڀ مون وٽ اچو. آئون توهان کي آرام ڏيندس. منهنجو جوا پنهنجي مٿي کڻي وٺو ۽ مون کان سکو. ڇاڪاڻ ته مان حليم آهيان ۽ دل جو سٺو. ته توهان جون جانيون آرام پائينديون. ڇاڪاڻ ته منهنجو جوا ملائم آهي ۽ منهنجو بوجهه هلڪو.“ (متي 11باب 28تا30آيت). ”آئون انهيءَ ڪري آيس ته هو زندگي پائين ۽ گهڻائي سان پائين.“ (يوحنا 10باب 10آيت). ”جيڪڏهن ڪير منهنجي پويان اچڻ چاهي ته پنهنجي خودي جو انڪار ڪري ۽ پنهنجي صليب کڻي ۽ منهنجي پويان هلي پئي. ڇاڪاڻ ته جيڪو پنهنجي جان بچائڻ چاهي ٿو، اُهو ئي انهيءَ کي وڃائيندو ۽ جيڪو منهنجي خاطر پنهنجي جان وڃائيندو، اُهو انهيءَ کي پائيندو.“ (متي 16باب 24تا25آيت). ”خداوند ۾ خوش رهه ۽ هو تنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪندو.“ (37 زبور 4آيت).

هيءٌ تمام آيتون ڇا چون ٿيو جيڪو اسين پسند ڪريون ٿا. پنهنجي رهنمائي جي لاءِ ڳولها جاري رکي سگهون ٿا (خالي زندگي گذارڻ جي نتيجي ۾) يا اسين منتخب ڪري سگهون ٿا خدا جي پيروي ڪرڻ ۽ پنهنجي پوري دل سان ته هُن جي مرضي اسان جي زندگين ۾ پوري ٿيئي (جيڪا ڀرپور زندگي گذارڻ جو نتيجو هوندي، توهان جي دل جون تمنائون پوريون ٿينديون، ۽ توهان اطمينان ۽ تسلي پائيندا). هي ان ڪري آهي ته اسان جو پيدا ڪندڙ اسان سان پيار ڪري ٿو ۽ اسان جي لاءِ چڱائي جي خواهش رکي ٿو (ضروري ناهي ته هي آسان زندگي هجي، ليڪن وڌيڪ ڀرپور.)

آخر ۾، مان توهان کي هڪ مثال ٻڌائيندو هلان، جيڪا هڪ پادري دوست کان ورتي وئي آهي. جيڪڏهن توهان راندين کي پسند ڪرڻ وارا آهيو ۽ توهان فيصلو ڪيو آهي ته توهان پيشه ورانه طور راند کيڏڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ توهان کي ڪجهه ڊالر خرچ ڪري راند جي ميدان ۾ سڀني کان اڳين قطار ۾ سيٽ وٺي سگهو ٿا ۽ ڪجهه سو وڌيڪ ڊالر خرچ ڪري توهان ذاتي طور انهيءَ ۾ حصو وٺي سگهو ٿا. مسيحي زندگي ۾ ائين به ٿيندو آهي. خدا جي تازي ۽ نئين ڪم آچري مسيحين جي لاءِ ناهن. انهن قيمت ادا ناهي ڪئي. خدا جا تازا ۽ نئوان ڪم انهن شاگردن جي لاءِ آهن جيڪي پوري دل سان مسيح تي ايمان رکين ٿا جيڪي مرد ۽ عورت واقعي پنهنجي دناوي خواهشن جي پيروي ڇڏي چڪا آهن، انهيءَ لاءِ ته اُهي مرد ۽ عورت پنهنجي زندگي ۾ خدا جي مقصد جي پيروي ڪن. انهن قيمت ادا ڪئي آهي (انهن پنهنجي پاڻ کي مڪمل مسيح ۽ هُن جي مرضي جي تابع ڪري ڇڏيو آهي)؛ هو پري طرح زندگي جو تجربو ڪري رهيا آهن؛ هو ان جو سامهون ڪري سگهن ٿا، انهن جهڙا انسان، ۽ ان جي ٺاهڻ وارن کي ڪو افسوس ناهي. ڇا توهان قيمت ادا ڪري ڇڏي آهي؟ ڇا توهان راضي آهيو؟ جيڪڏهن آهيو، ته توهانن زندگي جي مقصد جي باري ٻيهر بکيا نه رهندا.



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس



زندگي جو ڇا مطلب آهي؟