settings icon
share icon
سوال

مسيحي ڇا آهي؟

جواب


ويبسٽرز لغتن ۾ مسيحي کي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته ”اهڙو ماڻهو جيڪو يسوع تي ايمان جو اظهار ڪري ٿو ته هو مسيح آهي يا اهڙو مذهب جنهن جي بنياد يسوع جي تعليمات تي هجي.“ جڏهن ته سمجهڻ ۽ پرکڻ جي لاءِ اِهو هڪ سٺو ابتدائي نقطو آهي ته مسيحي ڇا آهي؟، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ئي لاديني تعريفون موجود آهن، جيڪي ڪلامِ مقدس کي ڪافي گهٽ ڪري ڇڏين ٿيون حقيقي سچائي ظاهر ڪرڻ ۾ ته مسيحي هجڻ جو مطلب ڇا آهي؟

لفظ مسيحي نئين عهدنامي ۾ ٽي دفعا استعمال ٿيو آهي. (اعمال 11 باب 26 آيت ؛ اعمال 26 باب 28 آيت ؛ 1. پطرس 4 باب 16 آيت). يسوع مسيح جا شاگرد پهرئين دفعا انطاڪيه ۾ ”مسيحي“ سڏيا ويا (اعمال 11 باب 26 آيت) ڇاڪاڻ ته انهن جا رويا، حرڪتون ۽ ڳالهائڻ سڀ مسيح جهڙا ئي هئا. خاص ڪري انطاڪيه جا غير نجات يافته ماڻهو اُنهن کي حقارت جي نظر سان ڏسندا هئا ۽ مسيحين تي مذاق ۽ ٺٽولي طور لفظ مسيحي استعمال ڪندا هئا. هن لفظ جي لغوي معنى آهي، ”مسيح جي جماعت سان تعلق رکندڙ“ يا ”هڪ مسيح جو پيروڪار/ مڃيندڙ“، جيڪا ويبسٽرز لغتن ۾ بيان جي تفصيل جي عين مطابق آهي.

بدقسمتي سان وقت گذرڻ سان گڏوگڏ لفظ ”مسيحي“ ڪيتري حد تائين پنهنجو مطلب وڃائي چڪو آهي ۽ اڪثر جيڪو به مذهبي هوندو آهي انهيءَ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي يا اُن لاءِ به جيڪو يسوع جي نئين سر پيدا ٿيل پيروڪار جي علاوه به سٺيون اخلاقي خوبيون رکندو هجي. ڪيترائي ماڻهو جيڪو يسوع مسيح تي يقين ۽ ايمان نٿا رکن، اُهي به پنهنجو پاڻ کي مسيحي مڃيندا آهن ڇاڪاڻ ته اُهي به گرجا گهر ويندا آهن يا اُهي هڪ ”مسيحي“ قوم جي وچ ۾ رهندا آهن. ليڪن گرجا گهر وڃڻ، ان جي خدمت ڪرڻ جيڪي انهيءَ کان گهٽ خوش قسمت آهن، ۽ سٺو ماڻهو بڻجڻ توهان کي هڪ سٺو مسيح نٿو ٺاهي. هڪ دفعو ڪلامِ مقدس جي خوشخبري ڏيندڙ چيو هو ته، ”گرجا گهر ويندو رهڻ ڪنهن کي به وڌيڪ مسيحي نٿو ٺاهي جيئن ورڪشاپ تي وڃڻ ڪنهن کي ڪاريگر نٿو ٺاهي.“ هڪ گرجا گهر جو رڪن هجڻ، لڳاتار عبادتن ۾ مشغول رهڻ، ۽ گرجا گهر جي ڪم لاءِ چندو ڏيڻ توهان کي مسيح نٿو ٺاهي.

مقدس ڪلام اسان کي تعليم ۽ درس ڏئي ٿو ته سٺا اعمال اسان کي خدا جي قابل نٿا ٺاهين. ططس 3 باب 5 آيت اسان کي ٻڌائي ٿي ته ”هُن اسان کي نجات ڏني ليڪن راستبازي جي ڪمن جي ڪري نه جيڪي اسان پاڻ ڪيا، بلڪه پنهنجي رحمت جي مطابق نئين پيدائش جي غسل ۽ روح القدس کي اسان کي نئون ٺاهڻ واسطي.“ انهيءَ لاءِ، هڪ مسيحي اُهو ئي آهي جيڪو خدا کان نئين سر پيدا ٿي چڪو هجي (يوحنا 3 باب 3 آيت؛ يوحنا 3 باب 7 آيت؛ 1پطرس 1 باب 3 آيت) ۽ هو پنهنجو ايمان ۽ يقين يسوع مسيح تي رکي ٿو. افسيون 2 باب 8 آيت اسان کي ٻڌائي ٿي ته ”جيئن ته توهان کي ايمان جي وسيلي فضل سان ئي نجات ملي آهي ۽ اِها توهان جي طرفان نه پر خدا جي بخشش آهي.“ هڪ سچو مسيحي اُهو ئي آهي عورت هجي يا مرد پر پنهنجن گناهن جي توبه ڪري ۽ پنهنجو ايمان ۽ يقين صرف مسيح تي رکي. اُن جوايمان مذهب جي پيروي ڪرڻ نه هجي يا سٺن اخلاقي قدرن جي پيروي ڪرڻ ۽ قانونن جي هڪ فهرست تي عمل ڪرڻ.

هڪ سچو مسيحي اُهو شخص آهي پوءِ مرد هجي يا عورت، پنهنجو ايمان ۽ يقين يسوع جي شخصيت تي رکن ٿا ۽ هِن حقيقت کي مڃن ٿا ته هُن اسان جي گناهن جي لاءِ صليب تي جان ڏيئي قيمت ادا ڪئي ۽ ٻيهر ٽئين ڏينهن مُردن مان زنده ٿي ڪري موت جي فتح حاصل ڪئي ۽ جيڪي اُن تي ايمان رکن ٿا انهن کي هميشه جي زندگي ڏئي ٿو. يوحنا 1 باب 12 آيت اسان کي ٻڌائي ٿي ته، ”پر جيترن انهيءَ کي قبول ڪيو انهن هن کي خدا جي فرزند هجڻ جو حق بخشيو يعني اُهي جيڪي هن جي نالي تي ايمان آڻين ٿا.“ هڪ سچو مسيحي يقينن خدا جو ٻچو آهي، ۽ خدا جي سچي خاندان جو حصو آهي، ۽ جنهن کي مسيح جي ڪري هڪ نئين زندگي ڏني ويئي. سچي مسيحي جي نشاني آهي ته اُهو ٻين سان محبت ڪري ٿو ۽ خدا جي ڪلام جي تابعداري ڪري ٿو. (1.يوحنا 2باب 4 آيت؛ 1.يوحنا2باب10آيت)

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

مسيحي ڇا آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries