settings icon
share icon
سوال

يسوع مسيح ڪير آهي؟

جواب


يسوع مسيح ڪير آهي؟ غير مشابهه سوال، ”ڇا خدا موجود آهي؟“ تمام گهٽ ماڻهو سوال اُٿاريندا آهن ته يسوع مسيح موجود هئا. هيءُ عام طور تي مڃيو ويندو آهي ته يسوع مسيح حقيقت ۾ هڪ انسان هئا جيڪي اسرائيل جي سرزمين تي تقريباً 2000 سال پهرئين آيا. جڏهن يسوع مسيح جي مڪمل شخصيت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ٿي ته بحث شروع ٿي وڃي ٿو. تقريباً هر مذهب هيءُ تعليم ڏئي ٿو يسوع هڪ پيغمبر هئا، هڪ سٺا استاد هئا يا هڪ متقي ۽ پرهيزگار انسان هئا. مشڪل اِها آهي ته ڪلام ٻڌايو ويو آهي ته يسوع لامحدود حد تائين هڪ پيغمبر کان وڌيڪ هئا، هڪ استاد کان وڌيڪ هئا، هڪ متقي اسان کان وڌيڪ هئا.

سي. ايس. ليوس پنهنجي ڪتاب ”خالص مسيحيت“ ۾ لکي ٿو، ”مان هتي هر ڪنهن کي اهڙي بي وقوفي واري ڳالهه چوڻ کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان جيڪا اڪثر ماڻهو انهيءَ جي باري چون ٿا (يسوع مسيح).“ آءُ يسوع کي هڪ تمام نيڪ ۽ عظيم استاد مڃڻ لاءِ تيار آهيان، پر مان اُنهيءَ جي خدا هجڻ جي دعوى کي قبول نٿو ڪريان.“ هي اُها ڳالهه آهي جيڪا اسان کي نه چوڻ گهرجي. هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو صرف انسان هو ۽ اهڙيون ڳالهيون چوي جيڪي يسوع چيون، اُهو هڪ سٺو استاد نه هوندو. چاهي اهو هڪ ديوانو هجي، هڪ انسان هئڻ جي باوجود چوي ته هو هڪ ٽوڙيل بيدو آهي يا هو جهنم جو شيطان آهي. توهان ضرور پنهنجي پسند مڃائيندا. جڏهن ته هو انسان هو ۽ آهي. خدا جو پٽ، يا هڪ ديوانو يا انهيءَ کان به بدتر . . . توهان انهيءَ بي وقوفي کي روڪي سگهو ٿا، توهان انهيءَ تي ٿُڪي سگهو ٿا ۽ شيطان هجڻ جي ڪري انهيءَ کي ماري سگهو ٿا؛ يا انهيءَ جي پيرن تي ڪِري کيس مالڪ ۽ خدا چئي سگهو ٿا. پر اسان کي هُن جي باري ۾ بي معنى ڳالهين جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم انساني استاد هو. هُن اسان لاءِ ڪو رستو ڪونه ڇڏيو. هُن جو اهڙو ڪو ارادو ڪونه هو.

پوءِ، يسوع ڇا ٿيڻ جو ارادو ڪيو؟ مقدس ڪلام انهيءَ جي باري ۾ چوي ٿو ته هو ڪير هو؟ پهرئين، اچو ته يسوع جي لفظن کي ڏسون. يوحنا 10 باب 30 آيت ۾ ”آءُ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“ پهرئين نظر ۾ ائين نه لڳندو ته هيءُ خدا هجڻ جي دعوى آهي. بهرحال، انهيءَ بيان تي يهودين جي ردِ عمل کي ڏسو، ”اسين سٺي ڪم جي ڪري نه پر ڪفر جي ڪري تون کي سنگسار ڪريون ٿا، ۽ انهيءَ لاءِ ته تون پنهنجي پاڻ کي خدا ٺاهين ٿو.“ (يوحنا 10 باب 33 آيت). يهودي سمجهندا هئا ته يسوع جو بيان خدا هجڻ جي دعوى آهي. هيٺين آيت ۾ يسوع يهودين کي اِهو چوڻ تي ته ”آءُ خدا هجڻ جي دعوى نٿو ڪريان“ صحيح نٿو ڪري. اِهو ظاهر ڪري ٿو ته يسوع حقيقت ۾ هيءُ چئي رهيو هو ته هو خدا هو انهيءَ اعلان جي ذريعي ته، ”آءُ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“ (يوحنا 10 باب 33 آيت).، يوحنا 8 باب 58 آيت هڪ ٻئي مثال آهي. يسوع اعلان ڪيو ته، ”آءُ توهان سان سچ سچ چوان ٿو ته ابراهيم جي پيدا ٿيڻ کان پهرئين مان هئس.“ وري، انهيءَ ڪري يهودين پٿر کنيا ۽ يسوع کي پٿر مارڻ جي ڪوشش ڪئي. (يوحنا 8 باب 59 آيت). يسوع پنهنجي سڃاڻپ جو اعلان ائين ڪيا، ”آءُ آهيان“ هڪ پراڻي عهدنامي جي خدا جي نالي جي طرف آگاهي ڏي ٿو. (خروج 3 باب 14 آيت) يهودي ڇو يسوع کي پٿر مارڻ چاهيندا هئا؟ جيڪڏهن هُن نالي سان خدا هجڻ جي دعوى نه ڪئي هئي جنهن تي هو يقين ڪندا هئا ته گستاخي آهي.

يوحنا 1 باب 1 آيت چوي ٿي ته ”خدا جو ڪلام هو.“ يوحنا 1 باب 14 آيت ٻڌائي ٿي ته ”ڪلام مجسم ٿيو.“ اِهي واضع طور تي اشارو ڏين ٿيون ته يسوع مجسمِ خدا هو. توما رسول يسوع کي چوي ٿو، ”اي منهنجا خداوندا اي منهنجا خدا.“ (يوحنا 20 باب 28 آيت). پطرس رسول به ائين چوي ٿو ، ”. . . اسان جو خداوند ۽ منجي يسوع مسيح“ (2.پطرس 1 باب 1 آيت). خدا پيءُ يسوع جو گواهه آهي، ۽ انهيءَ جي مڪمل سڃاڻپ آهي.“ پٽ جي باري ۾ چوندا هئا، ”تنهنجو تخت اي خدا ابدالآباد قائم رهندو، ۽ راستباز تنهنجي بادشاهي جا وارث هوندا.“ پراڻي عهدنامي جون پيش گوئيون مسيح جي خدا هجڻ جي باري ۾ اعلان ڪن ٿيون، ”انهيءَ ڪري اسان لاءِ هڪ ڇوڪرو تولد ٿيو ۽ اسان کي هڪ پٽ بخشيو ويو ۽ سلطنت هُن جي ڪلهن تي هوندي ۽ انهيءَ جو نالو عجيب مشير خدائِ قادر ابديت جو پيءُ سلامتي جو شهزادو هوندو.“

پوءِ، سي.ايس.ليوس دلائل پيش ڪيا، يسوع کي سٺو استاد جي طور تي مڃڻ هڪ سٺو پهلو يا رُخ ناهي. يسوع واضح ۽ ناقابلِ انڪار طور تي خدا هجڻ جو دعوى ڪئي. جيڪڏهن هو خدا ناهي، ته پوءِ هو ڪوڙو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ نه هو پيغمبر، نه هڪ سٺو استاد يا نه هڪ متقي انسان آهي. ڪيتري دفعا يسوع جي لفظن کلي بيان ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون، ”جديد عالم دعوى“، ”سچي تاريخ يسوع“ اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون نه چيون آهن جيڪو ڪلام هن سان منسوب آهن. اسين ڪير ٿيندا آهيون جو خدا جي ڪلام جي باري ۾ دليل ڏيون ته يسوع ڇا چيو آهي ۽ ڇا نه چيو آهي؟ ڪيئن هڪ ”عالم“ يسوع جي زندگي مان 2000 سالن کي مٽائي سگهي ٿو، يسوع ان باري ۾ وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته هُن ڇا چيو ۽ ڇا نه چيو آهي بلڪه اُهي جيڪي هُن سان گڏ رهندا هئا، گڏ خدمت ڪندا هئا ۽ جن کي يسوع پاڻ تعليم ڏني. (يوحنا 14 باب 26 آيت.)

يسوع جي حقيقي سڃاڻپ تي سوال ڇو ضروري آهي؟ هيءُ ڇو ضروري آهي ته يسوع خدا آهي يا نه؟ سڀني کان ضروري وجهه هيءُ آهي ته يسوع خدا هو، جيڪڏهن هو خدا نه هو ته هن جي موت سڄي دنيا جي گناهن جي جرمانو ادا ڪرڻ لاءِ ناڪافي هئي. (1. يوحنا 2 باب 2 آيت). صرف خدا ئي هيءُ لامحدود جرمانو ادا ڪري سگهي ٿو. (روميون 5 باب 8 آيت؛ 2.ڪنرٿيون 5 باب 21 آيت). يسوع ئي خدا هو انهيءَ لاءِ هو ئي هيءُ قرض ادا ڪري ٿي سگهيو. يسوع انسان هو انهيءَ لاءِ هو مري ٿي سگهيو. نجات صرف يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ تي ئي ملي ٿي. ”يسوع“ ڇو خدا آهي؟ ڇاڪاڻ ته وهي نجات جو رستو آهي. يسوع ڇو خدا آهي ڇاڪاڻ ته هو اعلان ڪري ٿو ته، ”راهه، حق ۽ زندگي ۾ آهيان. ڪير به منهنجي وسيلي جي بغير پيءُ جي ويجهو نٿو اچي.“ (يوحنا 14 باب 6 آيت)

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

يسوع مسيح ڪير آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries