settings icon
share icon
سوال

مسيحيت ڇا آهي؟ ۽ مسيحيون جو ايمان ڇا آهي؟

جواب


1.ڪرنٿيون 15باب 1تا4آيت ٻڌائي ٿي، ”هاڻ اي ڀائرو آئون توهان کي اُهائي خوشخبري ٻڌايان ٿو ڇڏيان جيڪا پهرئين ڏيئي چڪو آهيان جنهن کي توهان قبول به ڪري ورو آهي ۽ جنهن تي قائم به آهيو. هن جي وسيلي ئي توهان کي نجات ملندي آهي بشرط اُها خوشخبري جيڪا مون توهان کي ڏني هئي، ياد رکو ٿا ورنه توهان جو ايمان آڻڻ بي فائده هوندو. تنهن ڪري مون توهان کي سڀ کان پهرئين اُها ڳالهه پهچائي ڇڏي جيڪا مون کي پهتي هئي ته مسيح ڪتابِ مقدس جي مطابق اسان جي گناهن خاطر مُئو. ۽ دفن ٿيو ۽ ٽئين ڏينهن ڪتابِ مقدس جي مطابق جي اٿيو.“

تمام ٿورن اکرن ۾ هيءُ مسيحيت جو ايمان آهي، مسيحيت ٻين سڀني مذهبن کان بي مثال آهي، ڇاڪاڻ ته مسيحيت تعلق جي باري ۾ آهي، مذهيب عمل جي برعڪس. انهيءَ جي بجائي ته اسين قانونن جي هڪ ڊگھي فهرست سان ڳنڍيل رهون، هڪ مسيحي جو مقصد اِهو هوندو آهي ته هو خدا پيءُ سان هڪ مضبوط تعلق رکي. هيءُ تعلق ممڪن بغير يسوع مسيح جي ڪم جي وجه سان، ۽ زندگي ۾ مسيحي بڻجي پاڪ روح جي ذريعي خدمت ڪري.

مسيحي ايمان رکندا آهن ته ڪلامِ مقدس الهامي ۽ هر غلطي کان پاڪ خدا جو ڪلام آهي، ۽ هن جي تعليم آخري اختيار آهي. (2.تيمٿيس 3باب16آيت؛ 2.پطرس1باب 20 تا 21آيت). مسيحي هڪ خدا تي يقين رکن ٿا جنهن ۾ ٽي شخصيتون موجود آهن، پيءُ، پٽ (يسوع مسيح) ۽ پاڪ روح.

مسيحي ايمان رکين ٿا ته بني نوع انسان کي خدا سان تعلق لاءِ پيدا ڪيو ويو هو، ليڪن گناه جي ڪري سڀني انسانن کي خدا کان جدا ڪيو ويو (روميون 5باب 12آيت؛ روميون 3باب 23آيت). مسيحيت تعليم ڏيندي آهي ته يسوع مسيح زمين تي آيو، ڪامل خدا ۽ گڏوگڏ ڪامل انسان. (فليپون 2باب 6تا11 آيت)، ۽ صليب تي جان ڏني. مسيحي ايمان رکين ٿا ته صليب تي موت کان پوءِ يسوع کي دفنايو ويو، هو جي اٿيو، ۽ هاڻ خدا جي ساڄي هٿ تي رهي ٿو، ايماندارن جي لاءِ هميشه جي شفاعت ڪري ڇڏي آهي. (عبرانيون 7باب 25 آيت). مسيحيت اعلان ڪري ٿي ته يسوع جي لاءِ صليب تي موت ڪافي هئي، جنهن سان مڪمل طور گناهن جو ڪفارو ادا ڪيو ويو جڏهن ته انسان گناهن جو مقروض هو ۽ هيءُ خدا ۽ انسان جي ٽٽل رشتي کي ٻيهر بحال ڪري ٿو (عبرانيون 9باب 11تا14آيت؛ عبرانيون 10باب 10آيت؛ روميون 6باب 23آيت؛ روميون 5باب 8آيت).

نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته صرف پنهنجو مڪمل ايمان مسيح جي صليب تي ختم ٿيڻ واري ڪم تي رکو. جيڪڏهن ڪير اِهو ايمان رکي ٿو ته مسيح انهيءَ لاءِ مُئو ۽ هن جي گناهن جي قيمت ادا ڪئي، ۽ پوءِ جي اُٿيو، ته هُن شخص نجات پاتي. هِتي ڪا به اهڙيءَ شئي ڪانهي جنهن کي ڪرڻ سان توهان نجات حاصل ڪري سگهو ٿا. ڪير به ”سچو“ ٿي ڪري خدا کي خوش نٿو ڪري سگهي چاهي اُهو مرد هجي يا عورت. ڇاڪاڻ ته اسين سڀ خطاڪار آهيون (يسعياه 64باب 6تا7آيت، يسعياه 53باب 6آيت). ٻيو، هن کان وڌيڪ ڪير ڪجهه به ناهي، ڇاڪاڻ ته مسيح سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيو، جڏهن هو صليب تي هو، يسوع چيو، ”سڀ ٿيو.“ (يوحنا 19باب 30آيت).

هِتي اهڙو ڪو به ڪم ناهي جنهن جي ڪرڻ سان نجات حاصل ٿئي، جڏهن ڪو مرد يا ڪا عورت مسيح جي صليب تي ڪيل ڪم تي ايمان رکي ٿو، ته اِهو ممڪن ئي ناهي ته اُهو مرد يا اُها عورت پنهنجي نجات کي وڃائي ڇڏي. ياد رکو، ڪم پورو ٿي ويو آهي ۽ مسيح پورو ڪيو آهي. نجات پائڻ لاءِ محتاج ناهي جيڪو انهيءَ کي حاصل ڪري ٿو. يوحنا 10 باب 27 تا 29آيت بيان ڪري ٿي، ”منهنجون رڍون منهنجو آواز ٻڌن ٿيون ۽ آئون انهن کي سڃاڻان ٿو ۽ اُهي منهنجي پويان پويان هلن ٿيون ۽ آئون انهن کي هميشه جي زندگي بخشيندو آهيان ۽ اُهي ابد تائين هلاڪ نه ٿينديون ۽ ڪير به انهن کي منهنجي هٿ مان ڇِني نه سگهندو. منهنجو پيءُ جنهن مون کي اهي ڏنيون آهن سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪير انهن کي پيءُ جي هٿ مان کسي نٿو سگهي.“

ڪجهه اِهو سوچيندا هوندا، ”هيءُ تمام سٺو آهي. هڪڙي واري ۾ نجات پاتي آهي، آئون پنهنجي مرضي سان ڪجهه به ڪري سگهان ٿو ۽ آئون پنهنجي نجات وڃائي نٿو سگهان.“ ليڪن نجات جو هرگز اِهو مطلب ناهي ته توهان بي باڪ ٿي ڪري ڪجهه به ڪريو. نجات پراني گناهه جي فطرت کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿي ۽ خدا سان سٺي رشتي جي پيروي ڪرائي ٿي. جيتري دير تائين ايماندار پنهنجي خطاڪار جسمن سان گڏ زمين تي رهندا، هتي ثابت قدمي سان ڪوششون ڪندا رهو، جيڪا توهان کي گناهه نه ڪرڻ ڏي. گناهه ۾ رهڻ خدا سان گڏ اسان جي رشتي جي رڪاوٽ آهي جيڪا خدا بني نوعِ انسان ۾ ڳولهي ٿو، جيتري دير تائين ڪو ايماندار گناهه ۾ زندگي گذاري ٿو، اُهو خدا سان رشتي جو مزو نٿو کڻي سگهي جيستائين هو خدا کي مدِنظر نه رکي. البته، مسيحي ڪوشش ڪري گناهه تي فتح حاصل ڪري سگهن ٿا، ڪلامِ مقدس کي مڃي ڪري، ۽ خدا جي ڪلام پنهنجي زندگي تي لاڳو ڪري ۽ پاڪ روح جي اختيار سان جيڪا، روحاني اثر ۽ روزمره زندگي ۾ رهنمائي جي اطاعت ڪري، ۽ روحاني طور خدا جي ڪلام جي تابعداري ڪري.

پوءِ، جڏهن ته ڪيترائي مذهبي نظام ڪنهن شخص کان تقاضا ڪن ٿا ته هو هي ڪري ۽ هي نه ڪري، مسيحيت خدا سان تعلق رکڻ جي باري ۾ آهي. مسيحيت ايمان رکڻ جي باري ۾ آهي ته مسيح صليب تي اسان جي ذاتي گناهن جي لاءِ پنهنجي جان جي قيمت ادا ڪئي، ۽ پوءِ وري جي اٿيو. توهان جي گناهه جو قرض ادا ڪري ڇڏيو ويو آهي ۽ توهان خدا سان رفاقت رکي سگهو ٿا. توهان پنهنجي گناهه ڀري فطرت تي فتح حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ خدا سان رفاقت ۽ تابعداري ۾ رهي سگهو ٿا. هيءُ ڪلامِ مقدس جي مطابق سچي مسيحيت آهي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

مسيحيت ڇا آهي؟ ۽ مسيحيون جو ايمان ڇا آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries