settings icon
share icon
سوال

ڪلام مقدس شراب نوشي /مئي نوشي جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟

جواب


ڪلام مقدس ۾ ڪيتريون ئي آيتون شراب کان پري رهڻ جي لاءِ ماڻهن کي خبردار ڪن ٿيون-(احبار 10باب9 آيت؛ ڳڻپ 6 باب 3 آيت؛ استثنا 14 باب 26 آيت؛ 29 باب 6 آيت قضاته 13 باب 4 آيت، 17 آيت ،14 آيت؛ 1سموئيل 1باب15 آيت؛ 1 مثال 20 باب 1 آيت 31 باب 4 ۽ 6 آيت؛ يسعياه 5باب 11 ۽ 22آيت؛ 24 باب 9 آيت؛28 باب 7 آيت؛ 29 باب 9 آيت؛ 56 باب 12 آيت؛ ميڪاه 2باب 11 آيت؛لوقا 1 باب 15 آيت)

جيتوڻيڪ، ڪلام مقدس مسيحين کي شراب نوشي جهڙن انگوري شراب ۽ اهڙا ٻيا نشا ۽ شيون جن ۾ الڪوحل موجود هو منع نٿو ڪري. درحقيقت بائبل ۾ ڪجهه حوالاجات هن ڳالهه کي مثبت انداز ۾ پيش ڪن ٿا.واعظ 9 باب 7 آيت ۾ ائين ٻڌايل آهي”خوشدلي سان پنهنجي مئي پي.“ زبور104 باب 15 آيت ۾ لکيو آهي ته خدا انسانن کي شراب ڏني”جيڪا انسان جي دل کي خوش ڪري ٿي.“عاموس9باب14آيت ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي تاڪستان مان شراب پيئڻ خدا جي رحمتن جي نشانين مان هڪ آهن__ يسعياه 55 باب1 آيت ۾ حوصله افزائي ڪئي وئي آهي، ته ”ها، اچو کير ۽ شراب بي حساب ۽ بي قيمت وٺو.

خدا الڪوحل جي باري ۾ مسيحين کي جيڪو حڪم ڏي ٿو ته هو شراب جا متوالا نه ٿين.(افسيون 5باب 18 آيت) ڪلام مقدس شراب جا متوالا ٿيڻ ۽ ان جي اثرن جي سختي سان منع ڪري ٿو.(امثال 23 باب 29 تا 35 آيت) مسيحين کي هي حڪم به آهي ته اهي پنهنجي جسمن کي پنهنجي پاڻ تي حڪومت نه ڪرڻ ڏين (1ڪرنٿيون 6 باب 12 آيت؛ 2 پطرس 2 باب 19 آيت)_ ڪلام مقدس مسيحين کي هر ان شي کان منع ڪري ٿو ته اُهي اهڙا ڪم نه ڪن جنهن جي ڪري ٻيا مسيحي حوصلو وٺي گناهه ڪن جيڪي ان جي ايمان جي مخالف هجي.(1 ڪرنٿيون 8 باب 9 تا 13 آيت) ان اصولن جي روشني ۾ اهو ڏکيو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪير مسيحي اهو چوي ته هو شراب نوشي خدا جي جلال جي لاءِ ڪري ٿو(1-ڪرنٿيون 10 باب 31 آيت)

خداوند يسوح مسيحي پاڻي کي شراب ٺاهيو. هي ڏيکاريو ويو آهي ته يسوح اڪثر موقع تي شراب پيئندو هو.(يوحنا 2 باب 1 تا 11 آيت؛ متي 26 باب 29 آيت)- نئين عهد نامي جي وقتن ۾ پاڻي ايڏو صاف سٿهرو ڪونه هو، صحت صفائي جي جديد سهولتن جي بغير، پاڻي بيڪٽيريا، وائرس ۽ ٻين تمام صحت جي لاءِ خراب شين سان ڀريو پيو هو، اِهو سچ آهي ته اڄ جي ٽيئن دنيا جي ملڪن ۾ ائين ئي آهي ان لاءِ ماڻهو اڪثر شراب پيئندا هئا. (يا انگور جو رس) ڇو ته هن ۾ صحت کي خراب ڪرڻ واريون شيون تمام گهٽ پايون وڃن ٿيون 1 ٿيمٿس5 باب 25 آيت ۾ پولوس ٿيمٿس کي سمجهائي ٿو ته پاڻي پيئڻ بند ڪري ڇڏي(جنهن جي ڪري ان جي معدي ۾ ڪجهه خرابي هئي) ان جي بدران شراب کي استعمال ڪري. يوناني لفظ ۾ شراب جي لاءِ ڪلام مقدس ۾ جيڪو لفظ استعمال ٿيو هو عام زندگي ۾ شراب جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، انهن ڏينهن، جيڪا شراب ٺاهي ويندي هئي اها ايتري تيز ڪو نه هئي. پر جيڪا اڄ جي دور ۾ آهي، هي چوڻ غلط ٿيندو ته اها انگورن جو رس هو. ۽ اهو به چوڻ به غلط ٿيندو ته اها هن شراب وانگر هوندي جيڪا اسين اڄ استعمال ڪريون ٿا پوءِ ڪلام مقدس ۾ مسيحين کي کي شراب ، انگورن جي رس ۽ انهي طرح جي ٻين پيئڻ وارين شين جنن ۾ الڪوحل موجود هو سختي سان منع ڪري ها، الڪوحل خود سان اسان کي گناهن کان ناپاڪ ڪري ٿي، ان جي باوجود نشي ۾ ٻڏي وڃڻ ۽ متوالو ٿي ڪري شراب جو عادي ٿيڻ سان هڪ مسيحي کي سختي سان بچڻ گهرجي.(افسيون 5 باب 18 آيت؛ 1ڪرنٿيون 6 باب 12 آيت( ڪلام مقدس ۾ ڪجهه اصول آهن انڪري اسان ڪلام مقدس جي مطابق هن دليل جي حمايت ڪرڻ جام ڏکيو آهي ته جيڪڏهن ڪو به مسيحي شراب پيئي ٿو ۽ ڪيتري به مقدار ۾ پيئي ٿو ته ڇا هو خدا کي خوش ڪري ٿو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلام مقدس شراب نوشي /مئي نوشي جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries