settings icon
share icon
سوال

خدا جون صفتون ڪهڙيون آهن؟ خدا ڪهڙو آهي؟

جواب


خوشخبري، جيئن ئي اسين هن سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ڇا هيءُ جام آهي ته جيڪو ڪجهه اسين خدا جي باري ۾ ڄاڻي چڪا آهيون اُهي جيڪي هن تشريح جي جانچ پڙتال ڪن ٿا، ٿي سگهي ٿو ته انهن جي لاءِ هي پهريون دفعو پڙهڻ ڪارآمد معلوم ٿيئي. وري اسين پويان وڃون ٿا ۽ وڌيڪ وضاحت جي لاءِ مٿي ڏنل انتخاب جي لاءِ نوشتن کي ڏسو. ڪلامِ مقدس جا حواله جات انتهائي ضروري آهن، ڪلامِ مقدس جي اختيار جي بغير، هيءُ الفاظن جو ذخيرو انساني سوچ کان وڌيڪ بهتر نه هوندو! ڇاڪاڻ ته اسين خود خدا کي سمجهڻ ۾ اڪثر غلط هوندا آهيون. (ايوب 42باب 7آيت) هي چوڻ سان گڏ اسان کي اِهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي ته خدا ڪهڙيون ڳالهيون پسند ڪري ٿو جيئن خدا جي باري ۾ وڏا نامڪمل بيان ۽ ناڪامي اسان کي ٻيا معبود ٺاهڻ جي وجه بڻجي ٿي، ڪوڙن خدائن جي پيروي ۽ عبادت ڪرڻ هُن جي مرضي جي خلاف آهي. (خروج 20باب 2تا3آيت).

خدا جيڪو پسند ڪري ٿو اهوئي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهوئي اسين ڄاڻي سگهون ٿا. خدا جون صفتون ۽ خصوصيات مان هڪ ”روشني“ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هو خود پنهنجي پاڻ کي ڪنهن تي ظاهر ڪري ٿو. (يسعياه 60باب 19آيت؛ يعقوب 1باب 17آيت). حقيقت هيءُ آهي ته خدا پنهنجي باري ۾ علم خود ظاهر ڪري ٿو جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ايئن نه ٿيئي جو اسان مان ڪو ئي هن جي آرام ۾ داخل ٿيڻ کان رهجي وڃي. (عبرانيون 4باب 1آيت). مخلوق، ڪلامِ مقدس ۽ ڪلامِ مجسم ٿي ڪري (يسوع مسيح) جيڪو اسان جي مدد ڪري ٿو ته خدا ڇا ٿو چاهي؟

اچو ته هيءُ ڄاڻڻ شروع ڪريون ته خدا اسان جو خالق آهي ۽ اسين اُن جي خلقت جو حصو آهيون (پيدائيش 1باب 1آيت؛ 24زبور 1آيت). خداوند فرمائي ٿو ته هُن انسان کي پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو. انسان کي تمام پيدا ڪيل مخلوقات کان بالاتر رکيائين ۽ هن کي انهن تي اختيار ڏنائين (پيدائش 1 باب 26تا28 آيت). مخلوق خراب ٿي ويئي ”نافرماني“ سان ليڪن هو اڃان تائين پنهنجن ڪمن جي جهلڪ پيش ڪندو آهي (پيدائش 3باب 17تا18آيت؛ روميون 1باب 19تا20آيت). مخلوق جي وسعت، پيچيدگي، خوبصورتي ۽ ترتيب کي غور سان ڏسو ته اسين سمجهنداسين ته خداوند ڪيترو نه عظيم آهي.

اسين پنهنجي تلاش ۾ مدد حاصل ڪري سگهون ٿا خدا جي ڪجهه نالن کي پڙهڻ جي ذريعي ته خدا ڪهڙو آهي. اُهي هيٺ ڏجن ٿا.

الوهيم ـــــ سڀني کان طاقتور، الهي، پاڪ (پيدائش 1باب 1آيت).
ايڊنائي ــــــــ مالڪ، مالڪ ۽ خادم جي رشتي کي ظاهر ڪري ٿو. (خروج 4باب 10 ۽ 13آيت).
ايل ايلون ــــــ سڀني کان وڌيڪ مٿانهون، سڀني کان طاقتور (پيدائش 14باب 20آيت)
ايل روئي ـــ سڀ کان وڌيڪ بصيرت رکندڙ (پيدائش 14باب 20آيت).
ايل شدائي ــــــ خدائي قادر (پيدائش 17باب 1آيت).
ايل اولم ــــ ابدي خداوند، هميشه رهڻ وارو (يسعياه 40باب 28 آيت).
يهوواه ـــــ مالڪ ”مان آهيان“، مطلب ته ابدي زندهه خدا (خروج 3باب13 ۽ 14آيت).

هاڻ اسين خدا جي وڌيڪ صفتن کي ڄاڻينداسين؛ خدا هميشه کان آهي، مطلب ته هن جو ڪو ئي آغاز نه آهي ۽ هن جي موجودگي ڪڏهن ختم نه ٿيندي. هو لافاني آهي، بي انتها (استثنا 33باب 27آيت؛ 90زبور 2آيت؛ 1.ٿيمٿيس 1باب 17آيت). خدا تبديل نه ٿيندڙ آهي، مطلب ته هن ۾ تبديلي نه ٿيندي؛ انهيءَ جو مطلب آهي ته خدا يقيناً معتبر ۽ قابلِ اعتبار آهي (ملاڪي 3باب 6آيت؛ گنتي 23باب 9آيت؛ 102زبور 26تا27آيت). خدا بي مثال آهي، انهيءَ جو مطلب آهي ته هن جهڙو ڪمن ۽ مخلوق ۾، هو ڪامل آهي ۽ ڪير به هن جي برابري نٿو ڪري سگهي. (2.سموئيل 7باب22آيت؛ زبور86باب8آيت؛ يسعياه40باب25آيت؛ متي5باب48آيت). خدا تلاش ۽ تجسس کان ٻاهر آهي، مطلب ته هو ناقابلِ فهم (سمجهه ۾ نه ايندڙ)، تلاش کان ٻاهر، اسين ۾ وڃي ڪري هن سڄي سکي سمجهي سگهون ٿا (يسعياه 40باب 28آيت؛ 145 زبور 3آيت؛ روميون 11باب 33تا34آيت).

صرف خدا آهي، مطلب هو ڪنهن شخص کي پاڻ نٿو رکي ته هو ان جو پسنديده آهي (استثنا 32باب 4آيت؛ 18زبور 30آيت). خدا قادرِ مطلق آهي، مطلب ته هو سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهي، هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو جيڪو هن کي خوش ڪري، مگر هن جا سڀئي ڪم هن جي پاڪ ذات جي عين مطابق هوندا آهن (مڪاشفه 19باب6آيت؛ يرمياه32باب17 ۽ 27آيت). خدا هر وقت هر جڳهه موجود آهي، مطلب ته هو هر وقت موجود هوندو آهي، هر جڳهه؛ انهيءَ جو اِهو مطلب ناهي ته هر شئيءَ خدا آهي. (139زبور تا 7تا13آيت؛ يرمياه23باب23آيت). خدا هر شئيءَ کي ڏسندو ۽ ڄاڻندو آهي، مطلب هيءُ ته هو ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڄاڻي ٿو، ايستائين جو اسين ڇا سوچي رهيا آهيون هن وقت؛ هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو هو پنهنجي انتظام سان هميشه سچا ۽ انصاف ڪندو آهي. (139زبور 1تا5آيت؛ امثال5باب21آيت).

خدا هڪ آهي، مطلب ته هتي ٻيو ڪير ناهي، ليڪن هو اڪيلو ئي ڪافي آهي ته هو اسان جون دلي ضرورتون ۽ آرزوئن کي پورو ڪري، هو اڪيلو ئي اسان جي پرستش ۽ عبادت جي لائق آهي (استثنا 6باب 4آيت). خدا سچو آهي، مطلب ته خدا ڪڏهن به ڪوئي غلط نه ڪندو؛ ڇاڪاڻ ته هيءُ اسان جي نيڪوڪاري ۽ انصاف جي وجه سان آهي جنهن سان اسان جا گناهه معاف ٿين ٿا، يسوع خدا جي عدالت جو تجربو رکي ٿو جڏهن اسان جا گناهه هُن تي رکيا ويا هئا. (خروج 9باب 27آيت؛ متي 27باب 45تا46آيت؛ روميون 3باب21تا26آيت).

خدا بادشاهن جو بادشاهه آهي، مطلب ته هو سڀني کان اعلى آهي، هُن تمام مخلوق کي گڏ ڪيو آهي، ڄاڻي ڪري ۽ اڻڄاڻي، هُن جي مقصدن کي ڪير به ڄاڻي نٿو سگهي. (93 زبور1آيت؛ 95زبور 3آيت؛ يرمياه23باب20آيت) خدا روح آهي، مطلب ته هو ظاهر نٿو ٿيئي (يوحنا 1باب18آيت؛ يوحنا4باب24آيت). خدا تثليث آهي، مطلب ته هو هڪ مان ٽي آهي، هڪ ئي جوهر مان، طاقت ۽ شان برابر ۾. ڏسو ته ڪلامِ مقدس جي پهرئين حوالي ۾ ”نالو“ واحد آهي جڏهن ته هيءُ ٽن مختلف شخصيتن کي ظاهر ڪري ٿو ”پيءُ، پٽ، روح القدس“ (متي 28باب 19آيت؛ مرقس 1باب 9تا11آيت). خدا سچائي آهي، مطلب ته هو سڀني سان واعدو ڪري ٿو ته اُهو جيڪو هن جو آهي، هميشه لازوال رهندو ۽ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو. ”117زبور 2آيت؛ 1.سموئيل15باب29آيت).

خدا پاڪ آهي، مطلب ته هو هر اخلاقي ناپاڪي کان الگ آهي ۽ انهن شين جي خلاف آهي. خدا هر برائي کي ڏسي ٿو ۽ اُهي هن کي ڪاوڙ ڏيارين ٿيون؛ باهه کي ڪلامِ مقدس ۾ عام طور تي پاڪيزگي سان گڏ ظاهر ڪيو ويو آهي. خدا کي ڀسم ڪرڻ واري باهه ظاهر ڪيو ويو آهي. (يسعياه 6باب 3آيت؛ حبقوق 1باب13آيت؛ خروج3باب 2۽4۽ 5آيت؛ عبرانيون 12باب 29آيت). خدا رحمت وارو آهي، انهيءَ ۾ هن جي چڱائي، شفقت، رحمت ۽ پيار شامل آهن. اِهي لفظ هن جي چڱائي تي ڇانيل آهن. جيڪڏهن هيءُ خدا جو فضل نه آهي ته اهڙي طرح هن جون ٻيون صفتون اسان کي هن جي ذات مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين ها. شڪر آهي ته ائين نه آهي، هو چاهي ٿو ته اسان مان هر ڪوئي هن کي ذاتي طور سڃاڻي. (خروج 34باب 6آيت؛ 31زبور 19آيت؛ 1.پطرس 1باب 3آيت؛ يوحنا 3باب 16آيت؛ يوحنا17باب 3آيت).

هيءُ هڪ ادنى ڪوشش آهي خدا جي مهيب قد جي سوال جي جواب جي لاءِ. مهرباني ڪري وڌيڪ حوصله افزائي سان هن تلاش کي جاري رکيو. (يرمياه 29باب 13آيت).

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

خدا جون صفتون ڪهڙيون آهن؟ خدا ڪهڙو آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries