settings icon
share icon
سوال

ڪلامِ مقدس ڊائنوسارن جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟ ڇا ڪلامِ مقدس ۾ ڊائنوسارن جو ذڪر آهي؟

جواب


مسيحي ماڻهن جي وچ ۾ دنيا جي آغاز کان ڊائنوسارن جو موضوع ڪلامِ مقدس ۾ وڏي ڊگهي جاري رهڻ واري بحث جو حصو آهي. مناسب تشريح پيدائش ۾ آهي ۽ ڪيئن مادي ثبوتن کي وضاحت اسين پنهنجي اردگرد پايون ٿا. هو جيڪي زمين کي تمام پراڻي سمجهندا آهن ۽ متفق آهن ته ڪلامِ مقدس ۾ ڊائنوسارن جو ذڪر موجود ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو اسم انهي فعل جي گردان جي نقشي ۾ ڊائنوسار پهرئين ماڻهو جي دنيا ۾ اچڻ کان لکين سال پهرئين مري ويا هئا. جنن ماڻهن ڪلامِ مقدس لکيو انهن ڊائنوسارن کي ڪڏهن به زندهه نه ڏٺو.

جيڪي زمين جي گهٽ پراڻي هجڻ تي يقين رکين ٿا اُهي متفق آهن ته ڪلامِ مقدس ۾ ڊائنوسارن جو ذڪر آهي جيتوڻيڪ هتي ڪڏهن لفظ ڊائنوسار استعمال ناهي ٿيو. هتي انهيءَ جي جڳهه تي عبراني جو لفظ ”تاني اين“ استعمال ڪيو ويو آهي. تاني اين جو انگريزي بائبل ۾ مختلف طرح سان بيان ڪيو ويو آهي؛ ڪجهه اهڙيءَ طرح سان ”سمندري عفريت (آفت)“ ڪڏهن هن کي ”نانگ“ چيو ويو. هن جو عام طور تي ترجمو ”واسينگ“ ڪيو ويو آهي. تاني اين ڪنهن به طرح سان تمام وڏو سُرڻ وارو جانور نظر ايندو هو انهيءَ طرح جي مخلوق جو ذڪر تقريباً 30 دفعا پراڻي عهدنامي ۾ آيو آهي ۽ هي پاڻي ۽ خشڪي ٻنهي ۾ پايا ويندا هئا.

وڌيڪ انهن سُرڻ وارن وڏن جانورن جو ذڪر تقريباً سڄي پراڻي عهدنامي ۾ آهي، ڪلامِ مقدس ڪجهه مخلوقن جي جوڙن کي ڪجهه هن ريت بيان ڪري ٿو جنهن جي سبب ڪجهه عالم يقين رکين ٿا ته لکڻ وارا ڊائنوسار جو ذڪر ڪري رهيا هئا. ڀيموٿ کي خدا جي سڀني کان وڏي مخلوق مان چيو ويو آهي، هڪ ديو جنهن جي پُڇ ديودار جي وڻ ونگر هئي (ايوب 40باب 15آيت). ڪجهه عالم ڀيموٿ جي سڃاڻپ هاٿي يا هپوپوٽيمس جي طرح ڪندا آهن. ٻيو نقطو اِحو آهي ته هاٿي ۽ هپوپوٽيمس صفا ننڍي پُڇ رکندا آهن، جيڪا ديودار جي وڻ سان مشابهه نه آهي. ڊائنوسار جيئن بريڪيوسارس ۽ ڊپلڊڪس جي طرح هئا ۽ ٻيو هو هڪ ڊگهو پُڇ رکندا هئا جيڪو آساني سان ديودار جي وڻ سان مشابهه ٿي سگهي ٿي.

تقريباً هر قديم تهذيب اهڙو فن رکندي آهي جنهن ۾ وڏا سُرڻ وارا جانور يا مخلوق شامل آهن. بت تراشي، دستڪاري ۽ چيڪيءَ مٽي جون مورتيون ڏکڻ آمريڪا ۾ پايون ويون آهن جيڪي جديد ڊائنوسارن جي مصوري سان مشابهه آهن. اتر آمريڪا ۾ جبلن تي خاڪا ٺاهي ڪري ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهو ڊپلڊڪس جهڙي مخلوق تي سواري ڪري رهيا آهن. حيران ڪن طور تي رڇ ٽرائيسراٽاپس جي تصويرن سان ملندڙ جلندڙ آهي. ٽيراڊيڪٽل ۽ ٽرائناسارس ريڪس جهڙيون مخلوقون. رومي نقش نگاري، ميان جي شعري ۽ بيبليون شهر جون ديوارون جيڪي طبي حالتن جي لحاظ سان انساني تهذيب جي بدلڻ جي تصديق ڪن ٿيون. ديومالائي قصن سان گڏ انهيءَ داستان جيئن مارڪو پولو ۽ مليون جي قصي ۾ خزاني جي حفاظت ڪرڻ واري بلا. جديد دور ۾ ڄاڻ ملي ٿي ته جيتوڻيڪ انهن سان گڏ شڪ وارو رويو اختيار ڪيو ويو جيڪو وقت تي مشڪلاتن جو سامهون ڪرڻ لاءِ قائم رکندا آهن.

وڌيڪ مرڪوز باليشر ۽ تاريخي ثبوتن جي مضبوط بنياد ڊائنوسارن ۽ انسانن جي موجودگي جو زبردست ثبوت آهي، هتي ٻيا طبي ثبوت به آهن جيئن ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ الهندي ايشيا ۾ انسانن ۽ ڊائنوسارن جي پيرن جا نشان پٿرن تي هڪ جڳهه تي پاتا ويا آهن.

پوءِ ڇا ڪلامِ مقدس ۾ ڊائنوسارن جو ذڪر آهي؟ پوءِ معاملات طئي نه ٿيا. هي انهيءَ ڳالهه تي منحصر آهي ته توهان ڪيئن موجود ثبوتن جي تشريح ڪريو ٿا. هتي GotQuestions.org تي اسين زمين کي گهٽ پراڻي هجڻ تي يقين رکيون ٿا ته ڊائنوسار ۽ ماڻهو گڏ موجود هئا. اسين يقين رکيون ٿا ته ڊائنوسار طوفان کان پوءِ مري ويا هئا، انهيءَ کان پوءِ ڊرامائي طور تي ماحول جي تبديلي ٿي ۽ حقيقت هي آهي ته انسانن انهن جو شڪار وڏي بي رحمي سان ڪيو جنهن سبب هو زمين تي باقي نه رهيا.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلامِ مقدس ڊائنوسارن جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟ ڇا ڪلامِ مقدس ۾ ڊائنوسارن جو ذڪر آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries