settings icon
share icon
سوال

ڪلامِ مقدس جوا کيڏڻ جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟ ڇا جوا کيڏڻ گناهه آهي؟

جواب


جوا کيڏڻ کي ائين بيان ڪيو ويندو آهي ”خطري ۾ پئجڻ دولت کي وڌيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾، جيڪو قانون جي خلاف آهي.“ ڪلامِ مقدس خاص طور تي جوا کيڏڻ، شرط لڳائڻ يا قرعه اندازي کي غلط نٿو چوي. ڪلامِ مقدس اسان کي خبردار ڪري ٿو، بهرحال دولت جي دوستي کان پري رهو (1.تيمٿس 6باب 10آيت؛ عبرانيون 13باب5آيت). ڪلامِ مقدس اسان جي حوصله افزائي ڪري ٿو ته ”جلدي امير ٿيڻ جي“ ڪوشش کان پري رهيو وڃي (امثال 13باب 11آيت؛ 23باب5آيت؛ واعظ 5باب 10آيت). جوا دولت جي محبت کي مدِنظر رکي ڪري کيڏيو ويندو آهي ۽ لالچي ماڻهو جلي ۽ آساني سان امير ٿيڻ جي لاءِ ورغلايا ويندا آهن.

جوا کيڏڻ ۾ ڪهڙي بُرائي آهي؟ جوا کيڏڻ هڪ مشڪل ڪم آهي ڇاڪاڻ ته هي ميانه روي سان کيڏيو ويندو آهي ۽ صرف اهم موقعن تي، هي دولت جو ضياع ئي آهي ليڪن هي لازمي طور تي ”بُرائي“ ناهي. ماڻهو هر طرح جي ڪمن ۾ پيسو ضائع ڪندا آهن. جوؤ کيڏڻ ۾ گهٽ يا وڌيڪ پئسن جو ضياع پوءِ فلمون ڏسڻ (ڪيترن ئي معاملن ۾)، غير ضروري مهانگا کاڌا کائڻ يا غير ضروري شيون خريد ڪرڻ. هڪ ئي وقت ۾ حقيقت هي آهي ته ٻين شين ۾ پيسو ضائع ڪرڻ جوؤ کيڏڻ کي واجب نٿو ٺهرائي. پيسي کي ضائع ڪرڻ نه گهرجي. وڌيڪ پيسي کي مستقبل جي ضرورتن ۽ سٺن ڪمن جي لاءِ بچائي رکڻ گهرجي جوا جي ذريعي ضائع نه ڪرڻ گهرجي.

ڪلامِ مقدس ۾ جوئو کيڏڻ جي باري ۾: جڏهن ته ڪلامِ مقدس ۾ جوئو کيڏڻ جي باري ۾ صاف صاف ناهي ٻڌايو ويو، هي ”قسمت“ ۽ ”موقعي:“ جي ڪمن کي بيان ڪري ٿو. مثال جي طور تي احبار جي ڪتاب ۾ قرعه جي ذريعي نذر جي قرباني ۽ سوختني قرباني جي لاءِ بُرن کي الگ ڪيو. يشوع مختلف قبيلن جي زمين کي تقسيم ڪرڻ جي لاءِ قرعه وڌو. نحمياه هيءُ ڄاڻڻ لءِ قرعه وڌو ته ڪير يروشلم جي ديوارن جي اندر رهندو ۽ ڪير نه رهندو. شاگردن قرعه وڌو يهوداه جي جڳهه شاگرد چونڊڻ جي لاءِ. امثال 16باب 33آيت چوي ٿي، ”قرعه جهولي ۾ وجهيو ويندو آهي پر انهيءَ جو سڄو انتظام خداوند جي طرف کان آهي.“ ڪلامِ مقدس ۾ ڪٿي به جوا کيڏڻ يا موقعي جو استعمال تفريح جي لاءِ ناهي ٿوي يا خدا جي پيروڪارن هن کي عادت جي طور پيش ڪيو هجي.

جوا خانا ۽ قرعه اندازيون: جوا خانا تمام طرح جون ڪاروباري تدبيرن ذريعي جوا کيڏڻ وارن کي وڌيڪ پئسا ٺاهڻ جي لاءِ ورغلائيندا آهن. هو انهن کي گهٽ قيمت يا مفت شراب فراهم ڪندا آهن، جيڪا شرابين کي حوصله افزائي ڪري ٿي ۽ اهڙي طرح انهن جي شعوري فيصلو ڪرڻ جي قوت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. جوا خاني ۾ هر شئي وڏي هوشياري سان وڌيڪ پئسا بٽوڙڻ لاءِ تيار ڪيل هوندي آهي ۽ واپسي ۾ ڪجهه ناهي ملندو، سواءِ ناپائيدار ۽ کوکلي خوشيءَ جي علاوه. قرعه اندازين جي ذريعي اهڙين شين کي ٺاهي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي جيئن تعليم جي لاءِ چند جمع ڪرڻ يا سماجي پروگرام. بهرحال تحقيق اسان خبر پئي آهي ته قرعه اندازي ۾ شامل ٿيڻ وارا اڪثر اُهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي قرعه اندازي جي ٽڪٽ جي لاءِ پئسا خرچ ڪري سگهندا هجن. ”جلد امير ٿيڻ“ جا ساوا باغ ڏسڻ انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ وڏو اشتعال آهي جيڪي وڏي مايوسي جو شڪار آهن. کٽڻ جا موقعا تمام گهٽ هوندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون زندگيون تباهه ڪري ڇڏين ٿا.

ڇو قرعه اندازي کيڏڻ خدا کي خوش نٿو ڪري: ڪيترائي ماڻهو هي دعوى ڪندا آهن ته هو قرعه اندازي کيڏي رهيا آهن يا جوئو کيڏي رهيا آهن انهيءَ مان هو گرجا گهر کي چندو به ڏيندا آهن، يا ڪجهه ٻيا چڱا ڪم. جڏهن ته هي سٺو مقصد ٿي سگهي ٿو، حقيقت هي آهي ته ڪجهه جوا کيڏڻ وارا کٽيل رقم کي سٺن ڪمن تي خرچ ڪندا آهن. تحقيق ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪيترا ئي ماڻهو جيڪي قرعه ۾ کٽندا آهن انهن جا مالي حالات تمام خسته هوندا آهن ۽ قرعه اندازي جي انعام کي کٽن جي ڪجهه سالن کان پوءِ هو اهڙا ئي ٿي ويندا آهن جهڙا هو پهرين هئا. ڪجهه اگر ڪوئي آهي، حقيقت ۾ پئسي کي سٺن ڪمن جي لاءِ ڏيندو آهي. وڌيڪ، خدا کي اسان جا پئسا نه کپن پنهنجي ڪمن کي دنيا ۾ سرانجام ڏيڻ جي لاءِ.“ خدا اقتدار اعلى آهي ۽ هو ڪليسيا جي ضرورت جي لاءِ سٺن ۽ ايماندارن ذريعي سان مهيا ڪندو آهي. ڇا تمجيد ٿيندي جيڪڏهن هن کي اهڙو پئسو ڏنو وڃي جيڪو منشيات مان ڪمايو هجي، اُهو پئسو جيڪو بينڪ مان چوري ڪيو ويو هجي؟ خدا کي ڪا ضرورت ناهي يا هو اهڙا پئسو چاهيندو هجي جيڪو ”چرايل“ هجي غريبن کان جلدي امير هجڻ جي لالچ ۾.

پهريون تمٿس 6باب10آيت اسان کي ٻڌائي ٿي، ”ڇاڪاڻ ته زر جي دوستي هر قسم جي برائي جي هڪ پاڙ آهي جنهن جي آرزو ۾ اڪثر ايمان کان گمراهه ٿي پنهنجي دلين کي طرح طرح جي غمن سان ڇلني ڪري ڇڏيو.“ عبرانيون 13باب 5آيت بيان ڪري ٿي، ”زر جي دوستي سان خالي رهو ۽ جيڪو توهان وٽ آهي انهيءَ تي قناعت رکو ڇاڪاڻ ته هن پاڻ فرمايو آهي ته مان تون کان هرگز دستبردار نه ٿيندس ۽ ڪڏهن به تون کي نه ڇڏيندس.“ متي 6باب 24آيت اعلان ڪري ٿي، ”ڪو ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته يا ته هڪ سان عداوت رکندو ۽ ٻئي سان محبت. يا هڪ سان مليل رهندو ۽ ٻئي کي ناچيز (گهٽ) سمجهندو. توهان خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت نٿا ڪري سگهو.“

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلامِ مقدس جوا کيڏڻ جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟ ڇا جوا کيڏڻ گناهه آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries