settings icon
share icon
سوال

آءُ خداوند سان ڪهڙي طرح سچو رهي سگھان ٿو؟

جواب


خداوند سان ”سچو“ رهڻ جي لاءِ اسان کي سڀ پهرين ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ”برائي کي سڃاڻون“ جنهن جو جواب آهي گناهه. ”ڪوبه نيڪوڪار نه آهي هڪ به نه آهي (زبور 14 باب3 آيت)، اسان خداوند جي حڪمن کان باغي ٿي وياسين، اسان سڀ رڍن جيان ڀُلجي وياسين“ (يسعياه 53 باب 6 آيت).

بڇڙي خبر اها آهي ته گناه جي سزا موت آهي. جيڪا جان گناهه ڪري ٿي اها مرندي“ (حزقي ايل 8 باب 4آيت) سٺي خبر هي آهي ته خدا محبت سان ڀريل آهي ۽ اسان کي نجات جي لاءِ ڳولي ٿو. يسوع اعلان ڪري ٿو ته ان جو مقصد هي هو ته ”ڀٽڪي ويلن کي ڳولي ۽ نجات ڏيئي“ (لوقا 19 باب 10 آيت)، ۽ ان پنهنجو مقصد اعلانيه طور تي پورو ڪيو جيڪي انهي اهي لفظ چئي صليب تي پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي ته ”ختم ٿيو“ (يوحنا 19 باب 30 آيت).

خدا سان سچو تعلق قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گناهن جو اقرار ڪرڻ گھرجي. پوءِ عاجزي سان خدا وٽ پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪريو (يسعياه 57 باب 15 آيت) ۽ گناه کي ترڪ ڪرڻ جو ارادو ڪريو. ”نجات جي لاءِ اقرار منهن سان ڪيو وڃي ٿو“ (روميون 10 باب 10 آيت).

اها توبه پوري ايمان سان هئڻ گھرجي. خاص طور تي اهو ايمان رکو ته يسوع مسيح جي قرباني ۽ معجزانه طور تي ان جو زنده ٿي اُٿڻ انهي کي اسان جي لاءِ نجات جو باعث بڻائي ٿو. ”جيڪڏهن تون پنهنجي زبان سان يسوع جي خداوند هئڻ جو اقرار ڪرين ۽ پنهنجي دل سان ايمان آڻين ته خدا انهي کي مُئلن مان زنده ڪيو ته تون نجات حاصل ڪندين“ (روميون 10 باب 9 آيت). گھڻن ئي ٻين طريقن سان اسان ايمان جي اهميت تي گفتگو ڪري سگھون ٿا جئين يوحنا 20 باب 27، اعمال 16 باب 31 آيت، گلتيون 2 باب 26، 11، 3 ۽ افسيون 2 باب 8 آيت.

خدا سان گڏ سچو رهڻ جو مطلب توهان جو ردعمل آهي ته خداوند توهان جي لاءِ ڇا ڪجھه ڪيو آهي. انهي نجات ڏيئڻ واري کي موڪليو، انهي قرباني ڏني ته جئين توهان جا گناه مٽايا وڃن. (يوحنا 1 باب 29 آيت)، ۽ اهو توهان سان هڪ وعدو ڪري ٿو ته ”۽ ائين ٿيندو ته جيڪو به خداوند جو نالو وٺندو نجات حاصل ڪندو“ (اعمال 2 باب 12 آيت)

توبه ۽ معافي جي هڪ خوبصورت تشريح نافرمان پُٽ جي مثل آهي (لوقا 15 باب 11 تا 32 آيت). ننڍي پُٽ پنهنجو مال بدلڇڻن جي ڪري تباهه ڪري ڇڏيو (آيت 13) جڏهن ان کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته ان فيصلو ڪيو ته هو واپس گھر وڃي (آيت 18). ان سوڄيو ته هاڻ آءُ ان لائق نه آهيان ته تنهنجو پُٽ چورايان (آيت 19). مگر اهو غلط هو. پيءُ واپس اچڻ واري نافرمان بُٽ سان هميشهه جي طرح تمام گھڻي محبت ڪندو هو (آيت 20). سڀ گناهه معاف ڪري ڇڏيا، ۽ خوشي ملهائڻ جو حڪم ڏنو. (آيت 24).

خداوند ڀلو آهي ۽ پنهنجي واعدن ۾ سچو آهي، معافي به ان جي واعدن ۾ شامل آهي. ”خداوند شڪسته دلن جي ويجھو آهي، ۽ تباهه ٿيل جانن کي بچائي ٿو“ (زبور 34 آيت 18).

اگر توهان خدا سان سچا رهڻ چاهيو ٿا، هتي دعا جو هڪ نمونو آهي ياد رکو ، انهي دعا کي پڙهڻ يا ڪنهن ٻي دعا کي پڙهڻ سان توهان کي نجات نٿي ملي سگھي. صرف مسيح تي ايمان آڻڻ ئي توهان کي توهان جي گناهن کان نجات ڏئي سگهي ٿو. هي دعا خداوند سان اظهار جو هڪ سادو رستو آهي ته توهان جو ايمان اُن تي آهي ۽ توهان ان جو شڪريو ادا ڪريو ته ان توهان کي نجات بخشي. ”خداوند“، آئون ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجي خلاف گناهه ڪيا ۽ آئون سزا جو مستحق آهيان. ليڪن آئون جنهن سزا جو مستحق هيس، اُها سزا يسوع مسيح پنهنجي مٿي کنئي. بس ان تي ايمان آڻ» جي سب( مون معافي ورتي آهي. آئون پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نجات جي لاءِ پنهنجو ايمان تو تي رکان ٿو. آئون تنهنجي حيرت انگيز فضل ۽ بخشش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪو ابدي زندگي جو تحفو آهي. آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

آءُ خداوند سان ڪهڙي طرح سچو رهي سگھان ٿو؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries