settings icon
share icon
سوال

مشت زني ڇا هيءُ ڪلامِ مقدس جي مطابق گناهه آهي؟

جواب


ڪلامِ مقدس ۾ خاص طور تي مشت زني جو ذڪر نه آهي ۽ نه ئي هي بيان ڪيو ويو آهي ته مشت زني ڪرڻ گناهه آهي. نه ئي ڪو سوال آهي، پوءِ به، ليڪن جيئن مشت زني ڪرڻ جي لاءِ عمل ڪيا ويندا آهن اُهي گناهه آهن. مشت زني ڪرڻ شهوت سان ڀريل خيالن جو آخري نتيجو آهي، جنسي جذبن کي اُڀارڻ، يا فحش تصويرون. هي اُهي مشڪلاتون آهن جنن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن شهوت ۽ جنسي طور تي اُڀارڻ وارين شين کي ترڪ ڪيو وڃي ۽ انهن تي قابو پايو وڃي ته مشت زني جو مسئلو ڪو مسئلو نه هوندو.

ڪلامِ مقدس اسان کي ٻڌائي ٿو ته جنسي بدڪرداري کي موجودگي کان پڻ بچڻ گهرجي (افسيون 5باب 3آيت). مون ناهي ڏٺو ته ڪيترن مشت زني ڪرڻ وارن هي امتحان پاس ڪيو آهي. ڪنهن وقت هڪ سٺي جانچ ته ڪهڙي شئي گناهه آهي يا نه. توهان ٻين کي وڏي فخر سان ٻڌائيندا ته توهان ڇا ڪيو. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن شئي جي باري ۾ ٻين کي خبر پئي جنهن سان توهان پريشان ٿيو يا شرمنده ٿيو، هي وڌيڪ ممڪن آهي ته هي گناهه آهي. هڪ ٻيو امتحان هن کي ايمانداري سان جانچڻ جو هيءُ حي، سچي دل سان، خدا کي اِهو چئو ته هو توهان برڪت ڏي ۽ پنهنجي ڪم جي لاءِ سٺي مقصد جي لاءِ استعمال ڪري. آئون ائين نٿو سوچيان ته مشت زني ڪو اهڙو ڪم آهي جنهن تي اسين ”فخر“ ڪر سگهون يا حقيقي طور تي خدا جو شڪر ادا ڪريون.

ڪلامِ مقدس اسان کي تعليم ڏئي ٿو، ”پوءِ توهان کائو يا پيو يا جيڪو ڪجهه ڪريو سڀ خدا جي جلال جي لاءِ ڪريو.“(1.ڪرنٿيون 10باب 31آيت). جيڪڏهن هتي شڪ جي ڪا جڳهه آهي ته انهيءَ سان خدا خوش ٿيندو آهي، ته پوءِ هي سٺو آهي ته هن کي ترڪ ڪري ڇڏجي. مشت زني جي باري ۾ هتي شڪ جي گنجائش آهي. ”جيڪو ڪجهه اعتقاد سان ناهي اُهو گناهه آهي“ (روميون 14باب 23). مون کي ناهي خبر ته ڪيئن، ڪلامِ مقدس جي مطابق، مت زني سان خدا جي تمجيد ٿيندي آهي. وڌيڪ، اسان کي اِهو ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته اسان جا جسم، اسان جون روحون نجات پائي چڪيون آهن ۽ خدا جي ملڪيت آهن. ”ڇا توهان نٿا ڄاڻو ته توهان جو بدن روح القدس جو مقدس آهي جيڪو توهان ۾ واسيل آهي ۽ توهان کي خدا جي طرف کان مليو آهي ۽ توهان پنهنجا ناهيو. ڇاڪاڻ ته توهان قيمت سان خريد ڪيا ويا آهيو. پوءِ پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.“ (1.ڪرنٿيون 6باب 19تا20آيت). هيءُ عظيم سچ اسان کي برداشت ڪرڻو هوندو ته اسين ڇا ڪندا آهيون ۽ پنهنجن بدنن سان گڏ ڪيڏانهن وينداسين. پوءِ، ان اصولن جي روشني ۾، آئون يقيني طور تي چوان ٿو ته مشت زني ڪرڻ خدا کي خوش ڪري ٿو، بدڪرداري جي موجودگي کان بچو، يا آزمائش ۾ پورا لهو ته جيئن اسان جي جسمن تي ملڪيت رکي.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

مشت زني ڇا هيءُ ڪلامِ مقدس جي مطابق گناهه آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries