settings icon
share icon
سوال

ڇو نه آئون خودڪشي ڪريان؟

جواب


منهنجو دل ان طرف وڃي ٿو ته جيڪي اِها سوچ رکين ٿا ته ڇو نه پنهنجيون زندگيون خودڪشي ذريعي ختم ڪري ڇڏيون. جيڪڏهن توهان هن وقت اهڙا آهيو، ممڪن آهي ته هي جذبات کان ڀريل گفتگو هجي، جيئن نااميدي جو احساس ۽ مايوسي. ممڪن آهي ته توهان محسوس ڪريو ته توهان هڪ اونهي کڏ ۾ آهيو، ۽ توهان شڪ ڪريو ته هتي ڪائي اميد جي ڪرن آهي جنهن سان سڀ سٺو ٿي سگهي ٿو. ڪير به توهان جي پرواهه نٿو ڪري ته توهان ڪٿان اچي رهيا آهيو. زندگي جيئڻ جي قابل ناهي ــــــــــ يا آهي؟

ڪيترن ئي ماڻهن جذبات جي ڪري ڪمزوري جو تجربو ڪيو هوندو. منهنجي ذهن ۾ سوال ايندا رهندا هئا جڏهن آئون جذبات جي کڏ ۾ هئس، ”ته هي ڪڏهن خدا جي مرضي هئي، جو هُن مون کي پيدا ڪيو.“ ڇا منهنجي مدد لاءِ خدا تمام ننڍڙو آهي؟“ ڇا منهنجون مشڪلاتون هُن جي لاءِ تمام وڏيون آهن؟“

آئون توهان کي ٻڌائڻ جي لاءِ خوش آهيان ته جيڪڏهن ڪجهه لمحن جي لاءِ غور ڪريون ۽ خدا کي اجازت ڏيون ته هو هينئر توهان جي زندگي جو خدا آهي، هو ثابت ڪندو ته هو حقيقت ۾ ڪيترو وڏو آهي. ”ڇاڪاڻ ته جيڪو قول خدا جي طرف کان آهي اهو هرگز بي تاثير نه ٿيندو.“ (لوقا 1باب 37آيت). شايد بي حد ناپسنديدگي ۽ دستبرداري ماضي جي زخمن جو نتيجو هجي. جيڪا توهان کي خودترسي، ڪاوڙ، عداوت، انتقام جي سوچن يا طريقن، بغير وجه جي خوف جي طرف وٺي وڄڻ وغيره، جيڪي توهان جي اهم تعلقات ۾ مشڪلاتن جي وجه بڻجنديون آهن. ليڪن خودڪشي، اسان جي پيارن ۽ انهن کي جنن کي اسين جذباتي طور تي ڪڏهن به نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون انهن جي لاءِ تباهي ۽ بربادي آڻيندي آهي ته اسين پنهنجي زندگي کي انهن جي بقايا زندگي مان ختم ڪري ڇڏيندا آهيون.

توهان ڇو خودڪشي نٿا ڪريو؟ دوست، ڪو مسئلو ناهي ته توهان جي ۾ ڪهڙيون خراب شيون آهن، هتي محبت جو خدا آهي جيڪو انتظار ڪري رهيو آهي ته توهان هُن کي اجازت ڏيو ته هو مايوسي جي غار مان هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين توهان جي رهنمائي ڪري ۽ پنهنجي انوکي روشني ۾ توهان کي ٻاهر ڪڍي. هو توهان جي يقيني اميد آهي. هن جو نالو يسوع آهي.

هي يسوع خدا جو بي عيب پٽ آهي، جڏهن توهان ذلت ۽ ناپسنديدگي جي وقت ۾ هوندا آهيو، تڏهن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي. يسعياه نبي لکي ٿو، ”ليڪن هو اسان جي اڳيان گونچ وانگر ۽ خشڪ زمين مان پاڙ وانگر ڦُٽي نڪتو آهي. نه هن جي ڪائي شڪل ۽ صورت آهي نه خوبصورتي ۽ جڏهن اسين هن تي نظر ڪريون ٿا ته ڪجهه حسن و جمال نه آهي. جو اسين هن جا مشتاق آهيون. هو ماڻهن ۾ حقير و مردود. مردِ غمناڪ ۽ رنج جو آشنا آهي. ماڻهو شايد هن کان روپوش هئا هن جي تحقير ڪئي ويئي ۽ اسان هن جي ڪجهه قدر نه سڃاتي. تڏهن به هن اسان جو مشڪلاتون کنيون ۽ اسان جي غمن کي برداشت ڪيو. پوءِ اسان هن کي خدا جو ماريل ۽ ستايل سمجهيو. حالانڪه هو اسان جي خطائن جي ڪري گهايل ڪيو ويو ۽ اسان جي بدڪرداري جي باعث ڪچليو ويو. اسان جي ئي سلامتي جي لاءِ هن تي سياست ٿي ته جيئن هن جي مار کائڻ سان اسين شفا پايون. اسين سڀ رڍن وانگر ڀٽڪي رهيا هئاسين. اسان مان هر هڪ پنهنجي راهه ڏانهن موٽيو، پر خداوند اسان سڀني جي بدڪرداري هن جي لاٿي.“ (يسعياه 53باب2باب6آيت).

دوست، يسوع اِهو سڀ ڪجهه ان لاءِ برداشت ڪيو ته توهان پنهنجن سڀني گناهن جي معافي حاصل ڪري سگهو جيترا به گناهن جا بوجهه توهان پاڻ سان گڏ کنيو هلو، ڄاڻي وٺو ته هو توهان کي معاف ڪري ٿو جيڪڏهن توهان خاڪساري سان هن کان توبهه گهرندا (پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي ڪري خدا جي طرف اچو.) ”۽ مصيبت جي ڏينهن مون کان فرياد ڪر. آئون تون کي ڇڏائي وٺندس ۽ تو منهنجي تمجيد ڪندين.“ (50 زبور 15آيت). توهان جيڪو ڪجهه تمام خراب ڪيو اُهو يسوع جي نالي سان معاف ڪري ٿو. ڪلامِ مقدس ۾ هُن جي چونڊيل خادمن وڏا وڏا گناهه ڪيا، جيئن، قتل (موسى)، زناڪاري (دائود بادشاهه)، ۽ جسماني ۽ جذباتي بدسلوڪي (پولوس رسول). ليڪن انهن معافي پاتي ۽ خدا ۾ ڪثرت سان زندگي پاتي ”منهنجي بدي کي مون مان ڌوئي وٺ، ۽ منهنجا گناهه مون کان پاڪ ڪر.“ (51 زبور 2آيت). ”انهيءَ لاءِ جيڪڏهن ڪير مسيح مان آهي ته هو نئين مخلوق آهي. پراڻيون شيون وينديون رهيون. ڏسو هو نيون ٿي ويون.“ (2.ڪرنٿيون 5باب17 آيت).

توهان کي ڇو خودڪشي نه ڪرڻ کپي؟ دوست، خدا ٽٽل کي ٻيهر جوڙڻ لاءِ موجود هوندو آهي ـــــــ يقيني، زندگي جيڪا توهان رکو ٿا، ۽ جيڪا توهان خودڪشي ذريعي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا. يسعياه نبي چوي ٿو: ”خداوند خدا جي روح مون تي آهي ڇاڪاڻ ته هن مون کي مسح ڪيو ته حليمن جي خوشخبري ٻڌايان. هُن مون کي موڪليو آهي ته جيئن ڪمزور ٽٽل دلين کي تسلي ۽ آسرو ڏيان. قيدين کي رهائي ۽ اسيرن جي لاءِ آزادي جو اعلان ڪريان. ته جيئن خداوند جي سالِ مقبول جو ۽ پنهنجي خدا جي انتقام جي ڏينهن جو اشتهار ڏيان ۽ سڀني غمگينن کي دلاسو ڏيان. صيئون جي غمزدن جي لاءِ هي مقرر ڪري ڇڏيان ته انهن کي راک جي بدلي موڙ ۽ ماتم جي جڳهه خوشي جو روغن ۽ اداسي جي بدلي ستائش جي خِلعت بخشيان ته جيئن هو صداقت جي وڻ ۽ خداوند جي لڳايل چورائين ته هن جو جلال ظاهر ٿيئي. (يسعياه 61 باب 1تا3آيت).

يسوع وٽ اچو، ۽ هن کي اجازت ڏيو ته هو توهان جي خوشين ۽ فائده مندي کي ٻيهر بحال ڪري جيئن ئي توهان هن تي اعتماد ڪريون ٿا ته هو پنهنجي زندگي ۾ هڪ نئون ڪم شروع ڪري. ”پنهنجي نجات کي شادماني مون تي عنايت ڪر ۽ مستعد روح سان مون کي سنڀال. اي خداوند منهنجي چپن کي کولي ڇڏ ته منهني منهن سان تنهنجي تعريف نڪرندي ڇاڪاڻ ته قرباني ۾ تنهنجي خوشنودي ناهي، نه ته مان ڏيان ها. سوختني قرباني سان تون کي ڪا خوشي ناهي. ڪمزور روح خدا جي قرباني آهي. اي خدا! تو ڪمزور ۽ ٽٽل دل کي حقير نه ڄاڻيندين.“ (51 زبور 12آيت، 15تا17آيت).

ڇا توهان خدا جي نجات ڏيندڙ ۽ ڌراڙ قبول ڪندا؟ هو توهان جي خيالن ۽ قدمن جي رهنمائي ڪندو، هر ڏينهن هر وقت پنهنجي ڪلام ذريعي، ڪلامِ مقدس. ”آئون تون کي تعليم ڏيندس ۽ جنهن راهه تي تون کي هلڻو هوندو، تون کي ٻڌائيندس. آئون تون کي صلاح ڏيندس. منهنجي نظر تو تي هوندي.“ (32 زبور 8آيت). ”۽ تنهنجو زماني ۾ امن هوندو. نجات و حڪمت جي فراواني هوندي. خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي“ (يسعياه 33 باب 6آيت). مسيح ۾، هاڻ به توهان جدوجهد ڪندا، ليڪن هاڻ توهان وٽ هڪ اميد آهي. اُها هي ته، ”پر اهڙو دوست به آهي جيڪو ڀاءُ کان وڌيڪ محبت رکي ٿو.“ (امثال 18باب 24آيت). توهان جي فيصلي ڪرڻ وقت خداوند يسوع جو فضل توهان سان گڏ هوندو.

جيڪڏهن توهان يسوع مسيح پنهنجو نجات ڏيندڙ هئڻ تي يقين ڪرڻ چاهيو ٿا، ته هيءُ الفاظ پنهنجي دل سان خدا کي چئو، ”اي خداوند، مون کي زندگي ۾ توهان جي ضرورت آهي. مون جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر. آئون يسوع تي ايمان رکندو آهيان ۽ يقين رکان ٿو ته هو منهنجو نجات ڏياريندڙ آهي. برائي مهرباني مون کي پاڪ و صاف ڪر، مون کي شفا ڏي، ۽ منهنجي زندگي ۾ خوشي کي بحال ڪر. آئون شڪر گذار آهيان تنهنجي پيار جي لاءِ ۽ يسوع جي موت جي لاءِ جيڪا هن منهنجي لاءِ قبول ڪئي.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇو نه آئون خودڪشي ڪريان؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries