settings icon
share icon
سوال

ڇا پالتو جانور/جانور آسماني ورحون آهن؟ ڇا پالتو جانور/جانور روحون رکن ٿيون؟

جواب


ڪلام مقدس ڪا به خاص ڳالهه نٿو ڏي. ته ڇا پالتو جانور/ جانور ”روحون“رکن ٿيون يا ته ڇا پالتو جانور يا جانور روحون آسمان تي وينديون. بهرحال اسين ڪلام مقدس جي ڪجهه عام قانونن کي وٺون ٿا ۽ ڪجهه روشني هن موضوع تي به وجهون ٿا . ڪلام مقدس بيان ٿو ڪري ته ٻئي ماڻهو (پيدائش 2باب 7آيت) ۽ جانور (پيدائش 1باب 30آيت؛ 6باب 17آيت؛ 7باب 15 ۽ 22آيت) زندگي جو دم رکن ٿا. بني نوع انسان ۽ جانورن جي وچ ۾ بنيادي فرق هي آهي ته ماڻهو کي خدا پنهنجي صورت تي ٺاهيو (پيدائش 1باب 26تا27آيت). ليڪن جانورن کي خدا پنهنجي صورت تي ناهي ٺاهيو. خدا جي صورت تي پيدا ٿيڻ جو مطلب آهي ته انسان خدا جهڙو آهي، روحاني خوبين سان گڏ، ذهن سان گڏ، جذبات، ۽ مرضي ۽ موت کان پوءِ جي زندگي جاري رکي ٿو. جيڪڏهن پالتو جانور يا جانور هڪ ”روح“ رکن ٿا يا غير مادي شڪل رکندا آهن، انهيءَ لاءِ ضرور هڪ مختلف ۽ ڪمزور ”خوبي“ هودني. انهيءَ فرق جو مطلب آهي ته پالتو جانور يا جانورن جون ”روحون“ موت کان پوءِ زندگي نٿيون رکن.

هڪ ٻيو عنصر انهيءَ سوال تي غور ڪرڻ جي لاءِ آهي ته خدا جانورن کي پيدا ڪيو جيئن هن پيدائش ۾ تخلق ڪرڻ جي عمل کي ڪيو. خدا جانورن کي پيدا ڪيو ۽ چيو ته هي سٺا آهن (پيدائش 1باب 25آيت). هتي ڪو به سبب ناهي ته ڇو اُتي نئين زمين ۾ جانور نه هوندا (مڪاشفه 21باب 1آيت). يسوع مسيح کي هزار ساله بادشاهت ۾ اُتي يقيني طور تي جانور هوندا (يسعياه 11باب 6آيت؛ 65باب 25آيت). هي چوڻ ناممڪن آهي ته يقيني ور تي خواه انهن ۾ ڪجهه جانور ممڪن آهي پالتو جانور جنن کي اسين پنهنجي زمين تي رکندا آهيو. اسين اِهو ڄاڻيون ٿا ته صرف خدا ئي جڏهن اسين آسمان تي وينداسين ته اسين هُن جي هر فيصلي سان متفق هونداسين اُهي جيڪي به هجن.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا پالتو جانور/جانور آسماني ورحون آهن؟ ڇا پالتو جانور/جانور روحون رکن ٿيون؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries