settings icon
share icon
سوال

منهنجي لاءِ ڪهڙو مذهب درست آهي؟

جواب


لذيذ کاڌا ٺاهڻ وارا هوٽل اسانکي پنهنجي پسند جي مطابق کاڌا کائڻ جي ترغيب ڏيندا آهن. ڪجھه تيار شده ڪافي جا دڪان پڻ وڏي فخر وچان سوين نموني جي ۽ مختلف ذائقن واري ڪافي رکندا آهن. جڏهن ته گهرن ۽ ڪارن جي خريداري ڪرڻ وقت اسان انهي جي هرهڪ خصوصيت کي ڏسي سگھون ٿا جيڪي اسان کي گهربل آهن. اسان چاڪليٽ، ونيلا ۽ سٽرابري جي دنيا ۾ گهڻي دير تائين زنده نٿا رهي سگھون. پسند هڪ بادشاهت آهي توهان پنهنجي ذاتي پسند ۽ ضرورت جي مطابق هر شئي حاصل ڪري سگھو ٿا.

بس مذهب جي باري ۾ جيڪو صرف توهان جي لاءِ درست هجي؟ اهڙو ڪو مذهب آهي جيڪو پڇتاءُ کان پاڪ هجي ڪوبه مطالبو نه ڪري، تڪليف ده ۽ جهل پل وارا قانون نه هجن. اهي اسان جي چوڌاري موجود آهن، جهڙي طرح پهرين بيان ڪيو ويو آهي. مگر ڇا مذهب به ائين ئي آهي جئين پنهنجي پسند جي آئس ڪريم جو انتخاب ڪرڻ؟

اسان جي چوڌاري گھڻا آواز آهن جيڪي اسانجي توجه حاصل ڪرڻ گھرن ٿا ته پوءِ ڇو ڪير انهن مان صرف يسوع کي ئي بالاتر سمجھي، جئين محمد يا ڪنفوشس، گوتم ٻڌ يا چارليس تزه رسل يا جوزف سمٿ؟ آخرڪار، هي تمام رستا آسمان جي طرف وٺي ڪونه ٿا وڃن؟ ڇا سڀني مذهبن جو بنياد هڪ جهڙو نه آهي؟ سچ هي آهي ته سڀئي مذهب آسمان جي طرف ڪونه ٿا وٺي وڃن جهڙي طرح سڀ رستا انڊيا ڏانهن نٿا وڃن.

صرف يسوع ئي خدا جي اختيار سان چوي ٿو ته ڇاڪاڻ ته يسوع موت تي فتح حاصل ڪئي. محمد، ڪنفوشس ۽ ٻيا پهرئين ئي ڏينهن پنهنجي قبرن ۾ خاڪ ٿي ويا مگر يسوع پنهنجي طاقت جي زور تي موت تي فتح حاصل ڪري، رومين جي هٿان بي رحم صليبي موت جي ٽن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي قبر مان ٻاهر نڪري آيو. جيڪو به پنهنجي طاقت جي زور سان موت تي فتح حاصل ڪري ته اهو اسان جي توجه حاصل ڪري ٿو. جيڪو موت تي پنهنجي طاقت سان فتح حاصل ڪري ته پوءِ ضروري آهي ته ان جي ڳالهه به ٻڌي وڃي.

يسوع جو مئلن مان زنده ٿي اٿڻ هڪ زبردست ثبوت آهي. پهريون، يسوع جي ٻيهر زنده ٿي اٿڻ جا پنج سئو کان وڌيڪ اکين ڏٺيون شاهديون، هي شاهدين جي هڪ وڏي تعداد آهي، جتي پنج سئو آوازن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي، اُتي گڏوگڏ خالي قبر به هڪ ثبوت آهي. يسوع جا مخالف ان جي مردن مان زنده ٿي اُٿڻ جي ڳالهه کي ان جي مرده جسم کي منظر عام تي آڻي آساني سان روڪي سگھيا ٿي مگر انهن کي اُتي ڪوبه مرده جسم نه مليو، خالي قبر هئي. ڇا ان جو جسم چوري ڪيو ويو؟ تمام مشڪل آهي اهڙي طرح جي حادثاتي واقعي کان بچڻ جي لاءِ يسوع جي قبر تي وڏي تعداد ۾ هٿياربند سپاهين جو پهرو لڳل هو ته ان جي ويجھن ساٿين تي نظر رکن جيڪي ان جي گرفتار ٿيئڻ يا مصيبت اچڻ جي ڪري ڀڄي ويا هئا، هي ناممڪن آهي ته اهي خسته حال ۽ خوف جو ماريل مهاڻن جو گروهه تربيت يافته ۽ پيشورانه سپاهين سان وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿيا هجن. بلڪه سولي طرح سان حقيقت اها آهي ته يسوع جو مئلن مان زنده ٿي اٿڻ جي حقيقت کي جدا نموني سمجھي نٿو سگھجي.

ٻيهر، جيڪو پنهنجي طاقت سان موت تي فتح حاصل ڪري انهي ڳالهه جو مستحق آهي ته ان کي ٻڌو وڃي، يسوع پنهنجي طاقت موت تي ثابت ڪئي، ان جي لاءِ اسان کي ٻڌڻ جي ضرورت آهي ته اهو ڇا ٿو چوي. يسوع اعلان ڪري ٿو ته اهوئي نجات جو واحد رستو آهي (يوحنا 14 باب 16 آيت) اهو هڪ رستو نه آهي گھڻن رستن مان هڪ نه آهي پر يسوع خود رستو آهي.

۽ اهوئي يسوع فرمائي ٿو ته ”اي محنت ڪرڻ وارؤ ۽ بار دٻيل ماڻهئو! سڀ مون وٽ اچو آءُ توهان کي آرام ڏيندس“ (متي11باب18 آيت) دنيا ظالم آهي ۽ زندگي مشڪل آهي اسان مان گھڻا رتورت، زخم کاڌل ۽ لڙائي مان داغ دار آهن. توهان متفق آهيو؟ پوءِ توهان ڇا ٿا گھرو؟ بحالي يا صرف مذهب؟ هڪ زنده نجات ڏيئڻ وارو يا مري ويل ”نبين“ مان هڪ؟ هڪ بامعني تعلق يا هڪ مفروضي رشتو. يسوع هڪ پسند نه پر يسوع ئي پسند آهي.

يسوع رستو آهي”مذهب“ اگر توهان معافي جا طلبگار آهيو (اعمال 10باب43آيت). يسوع رستو آهي. ”مذهب“ اگر توهان آسمان تي ابدي گھر چاهيو ٿا (يوحنا3 باب 16 آيت). يسوع مسيح تي ايمان رکو ته اهو توهان کي نجات ڏيندڙ آهي. توهان کي پڇتاءُ نه ٿيندو، پنهنجي گناهن جي معافي جي لاءِ ان تي يقين رکو ته توهان کي مايوسي نه ٿيندي.

اگر توهان خدا سان ”هڪ ”بهتر تعلق“ رکڻ چاهيو ٿا ته هتي هڪ سادي دعا آهي. . اِهو ياد رکو. انهيءَ دعا کي پڙهڻ يا ڪنهن ٻئي کي پڙهڻ سان توهان کي نجات نٿي ملي سگهي، صرف مسيح تي ايمان آڻڻ ئي توهان کي توهان جي گناهن کان نجات ڏئي سگهي ٿو. هي دعا خداوند سان اظهار جو هڪ سادو رستو آهي ته توهان جو ايمان اُن تي آهي ۽ توهان ان جو شڪريو ادا ڪريو ته ان توهان کي نجات بخشي. ”خداوند“، آئون ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجي خلاف گناهه ڪيا ۽ آئون سزا جو مستحق آهيان. ليڪن آئون جنهن سزا جو مستحق هيس، اُها سزا يسوع مسيح پنهنجي مٿي کنئي. بس ان تي ايمان آڻ» جي سب( مون معافي ورتي آهي. آئون پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نجات جي لاءِ پنهنجو ايمان تو تي رکان ٿو. آئون تنهنجي حيرت انگيز فضل ۽ بخشش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪو ابدي زندگي جو تحفو آهي. آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

منهنجي لاءِ ڪهڙو مذهب درست آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries