settings icon
share icon
سوال

ڪلام مقدس شادي کان پهرين جنسي تعلقات جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟

جواب


هر قسم جي بداخلاقي ۽ حرامڪاري سان گڏو گڏ شادي کان پهرين جنسي تعلقات کي ڪلام مقدس سختي سان منع ڪري ٿو. (اعمال 15 باب 20 آيت؛ روميون 1 باب 29 آيت؛ 1 ڪرنٿيون 5 باب 1 آيت؛ 6 باب 13 ۽ 18 آيت؛ 7 باب 2 آيت؛ 10 باب 8 آيت؛ 2 ڪرنٿيون 12 باب 21 آيت؛ گلتيون 5 باب 19 آيت؛ افسيون 5 باب 3 آيت؛ ڪلسيون 3 باب 5 آيت؛ 1 ٿسلنڪيون 4 باب 3 آيت؛ يهودا 7 آيت) ڪلام مقدس شادي کان پهرين هر قسم جي پرهيز جو حڪم ڏي ٿو. شادي کان پهرين جنسي تعلقات بلڪل ائين آهن جئين زناڪاري ۽ هن جهڙا ٻيا گناهه، ڇوته ان ۾ توهان جنهن شخص سان جنسي تعلقات ٺاهي رهيا هوندا آهيو جنهن سان توهان جي شادي ڪو نهي ٿيل هوندي آهي، جنسي تعلقات صرف ۽ صرف هڪ مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جنسي تعلقات آهن، جنهن جي خدا باقائده اجازت ڏني هوندي آهي(عبرانيون 13 باب 4 آيت)

شادي کان پهرين جنسي تعلقات ڪيترن ئي سببن جي ڪري تمام عام ٿي چڪو آهي اسين پري نه ٿا وڃون پر ان ڳالهه تي نظر وجهون ٿا ته هم جنسي آسودگي حاصل ڪرڻ يا هم پيدائش جي ڪم کي جاري رکڻ جي لاءِ ائين ڪن ٿا. ها جنسي تعلقات آسودگي ڏين ٿا پر خدا هن کي ان لاءِ ٺاهيو هو ته هو چاهي ٿو ته مرد ۽ عورت جنسي آسودگي حاصل ڪن(پر شادي جي رسمن ۾ رهي ڪري) تنهنڪري جنسي تعلقات جو اصل مقصد آسودگي حاصل ڪرڻ نه آهي پر نسل انساني کي جاري رکڻ آهي. خدا نٿو چاهي ته اسين شادي کان پهرين جنسي تعلقات جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪريون صرف آسودگي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، پر اسان کي ناپسنديده حمل ۽ اهڙن ماءُ ۽ پيءُ جيڪي اولاد نه پيدا ڪرڻ چاهين يا ان جي لاءِ تيار نه هجن. سوچو ته اسان جي دنيا ڪيترئي خوبصورت هجي ها جيڪڏهن هم جنسي آسودگي حاصل ڪرڻ جي لاءِ خدا جي ٺاهيل قانون تي عمل ڪيو وڃي. ڪجهه جنسي تعلقات جي ڪري منتقل ٿيڻ واريون بيماريون. ڪجهه بغير شادي جي مائون، ڪجهه نه چاهيندڙ حمل، ڪجهه اسقاط حمل وغيره پرهيز هي اُهو اصول آهي، جيڪو شادي کان پهرين جنسي تعلقات کي روڪڻ جي لاءِ اسان کي مڃڻ جي ضرورت آهي. پرهيز زندگيون بچائيندو آهي. نئين ڄاول ٻار کي بچائيندو آهي، جنسي تعلقات کي هڪ مناسب اهميت ڏي ٿو، ۽ سڀ کان وڌيڪ خدا کي عزت ڏي ٿو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلام مقدس شادي کان پهرين جنسي تعلقات جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries