settings icon
share icon
سوال

گناهگار جي دعا ڇا آهي؟

جواب


گناهگار جي دعا هڪ دعا آهي جيڪا هڪ ماڻهو خدا کان ان وقت ڪري ٿو جڏهن هو سمجھي ٿو ته اهو هڪ گناهگار آهي ۽ ان کي هڪ نجات ڏيئڻ واري جي ضرورت آهي. گناهگار جي دعا چوڻ سان ڪا شئي پاڻمرادو پنهنجي انجام تي نٿي پهچي. هڪ گناهگار جي دعا صرف ان وقت ڪارائتي هوندي ته اهو شخص اصل ۾ انهي ڳالهه کي ڄاڻي ۽ سمجھي ته ان کي پنهنجي گناهن جي باري ۾ معلوم آهي ۽ ان کي نجات جي ضرورت آهي.

گناهگار جي دعا جي پهرين صورت هي آهي ته اهو سمجھي ته اسان سڀ گناهگار آهيون. روميون 3 باب 10 آيت، اعلان ڪري ٿي ته ، ”جيتوڻيڪ اهو لکيل آهي ته ڪوبه سچو نه آهي، هڪ به نه“ ڪلام مقدس واضح طور تي بيان ڪري ٿو ته سڀني گناهه ڪيو آهي، اسان سڀ گناهگار آهيون ۽ خدا جي طرف کان معافي ۽ رحم جا طلبگار آحيون (طلطس 3 باب 5 تا 7 آيت) . ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجن گناهن جي سبب ابدي سزا جا مستحق آهيون (متي 25 باب 46 آيت) گناهگار جي دعا هڪمنٿ آهي فضل جي بجاءِ عدالت جي لاءِ. هي گذارش آهي رحم جي لاءِ غضب جي بجاءِ.

گناهگار جي دعا جي ٻي صورت هي آهي ته خدا اسان جي بگڙي ويل ۽ گناهگار حالت جي لاءِ ڪهڙو علاج ڪيو آهي. خدا مجسم ٿيو ۽ يسوع مسيح جي شخصيت ۾ هڪ انسان ٿيو (يوحنا 1 باب ۽ 14 آيت) يسوع خدا جي باري ۾ اسان کي سچ سڇ ٻڌايو ۽ هڪ مڪمل ۽ گناه کان بغير زندگي گذاري. (يوحنا 8 باب 46 آيت، ڪرنٿيون 5 باب 21 آيت). يسوع اسان جي جاءِ تي صليب تي پنهنجي جان ڏني. انهي سزا کي پنهنجي مٿان کنيو جنهن جا اسين مستحق آهيون. (روميون 5 باب 8 آيت) يسوع مئلن مان زنده ٿي گناه ۽ موت ۽ دوزخ تي پنهنجي ڪاميابي ثابت ڪئي. (ڪليسون 2 باب 15 آيت، 1 ڪرنٿيون 15 باب) انهن سڀ ڪجھه جي سبب اسان پنهنجا گناهه معاف ڪرائي سگھون ٿا ۽ آسمان تي هڪ هميشهه واري گھر جو واعدو ڪيو ويو آهي اگر اسان پنهنجو ايمان صرف يسوع مسيح تي رکنداسين. اسان سڀني کي يقين رکڻو آهي ته هو اسان جي جاءِ تي مئو ۽ مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو. (روميون 10 باب 9 تا 10 آيت). اسان صرف ان جي فضل ئي سان نجات حاصل ڪري سگھون ٿا صرف ايمان سان، صرف يسوع مسيح تي. افسيون 2 باب 8 آيت اعلان ڪندي آهي، ”ڇاڪاڻ توهان ايمان جي وسيلي فضل سان نجات ملي ٿي ۽ اهو توهان جي طرف نه آهي خدا جي بخشش کان آهي.“

گناهگار جي دعا هڪ سادو طريقو آهي، خدا سان ان ڳالهه جي اظهار جو ته توهان پنهنجي نجات جي لاءِ يسوع مسيح تي ايمان رکو ٿا. انهيءَ دعا کي پڙهڻ يا ڪنهن ٻئي کي پڙهڻ سان توهان کي نجات نٿي ملي سگهي، صرف مسيح تي ايمان آڻڻ ئي توهان کي توهان جي گناهن کان نجات ڏئي سگهي ٿو. هي دعا خداوند سان اظهار جو هڪ سادو رستو آهي ته توهان جو ايمان اُن تي آهي ۽ توهان ان جو شڪريو ادا ڪريو ته ان توهان کي نجات بخشي. ”خداوند“، آئون ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجي خلاف گناهه ڪيا ۽ آئون سزا جو مستحق آهيان. ليڪن آئون جنهن سزا جو مستحق هيس، اُها سزا يسوع مسيح پنهنجي مٿي کنئي. بس ان تي ايمان آڻڻ جي سبب مون معافي ورتي آهي. آئون پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نجات جي لاءِ پنهنجو ايمان تو تي رکان ٿو. آئون تنهنجي حيرت انگيز فضل ۽ بخشش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪو ابدي زندگي جو تحفو آهي. آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

گناهگار جي دعا ڇا آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries