settings icon
share icon
سوال

ڪلام مقدس جي مطابق جسم تي نقش / جسم کي وڌ جي باري ۾ ڇا ٿو چيو؟

جواب


پراڻي عهد نامي جي قانون جي مطابق اسرائيلين کي هي حڪم ڏنو ويو هو ته ”توهان مُردن جي سبب کان پنهنجي جسم کي زخمي نه ڪجان ۽ نه وري پنهنجي مٿي ڪجهه نقش و نگاري ڪجان، آئون خداوند آهيان”(احبار19باب28آيت) جيڪڏهن اج جا ايماندار پراني عهد نامي کي قانون جي تابع ڪونه آهن(روميون10باب4آيت؛ گلتيون3باب23تا25آيت؛افسيون2باب15آيت) حقيقت ۾ هتي جسم تي نقش ٺاهڻ جي خلاف حڪم هو. اسان جي لاءِ سوال جي وجهه ٿئي ٿو. نئون عهد نامون ڪجهه ڪو نه ٿو چيو ته ايماندار کي جسم تي ٺاهڻ کپي يا نه.

جسم تي نقوش ٺاهڻ جي يا وڍ ڏيڻ جو تعلق سان، هڪ سٺي امتحان سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته اسين ايمانداري مان، سٺي ايمان سان خدا کي چئون ته هو اوهان کي برڪت ڏي ۽ اوهان جي خصوص حرڪتن کي پنهنجي خاص مقصد جي لاءِ استعمال ڪري ”بس توهان کائو يا پيو يا جيڪو ڪجهه ڪريو سب خدا جي جلال جي لاءِ ڪريو”(1ڪرنٿيون10باب31آيت) ڪلام مقدس جسم کي وڍ ڏيارڻ ۽ نقش ونگاري جي باري ۾ حڪم نٿو ڏي. پر هي اسان کي ڪا معقول وجهه به ڪو نه ٿو ڏي ته اسين جسم تي نقش ٺاهڻ ۽ وڍ ڏيارڻ سان خدا تي ايمان رکون.

هڪ ٻيو مسئلو زير غور آهي اهو هي ته شرم و حيا. ڪلام مقدس اسان کي هي هدايت ڏي ٿو ته اسين حيا دار ڪپڙا پايون(1تيمٿس2باب9آيت). حيادار لباس پائڻ جي هڪ ئي وجهه سب ڪجهه واضع ڪري ڇڏي ٿي ته ڪپڙن جي ذريعي پوري طرح لڪيل هجڻ گهرجي. بهرحال حيادار ڪپڙا پائڻ جو اهو مطلب ڪونهي جو پنهنجي پاڻ کي توجهه ڏيارڻ جي لاءِ سينگار ڪرڻ گهرجي. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي پاڻ کي حيادار ڪپڙن سان سينگاريندا آهن اهي پنهجي پاڻ تي توجهه مبذول نٿا ڪرائن. جسم تي نقش و نگاري ۽ وڍ ڏيايڻ لازمي طور تي پنهنجي پاڻ ڏانهن توجهه مبذول ڪرائڻ جي لاءِ ڪندا آهن. اهڙي طرح جسم تي نقش ٺهرائڻ ۽ جسم تي وڍ ڏيارڻ باحيا طريقو ڪونهي.

انهي مسئلي تي نوشتون جي اهم اصول ۾ ڪلام مقدس خاص طورتي نٿو ٻڌائي ته جيڪڏهن هتي شڪ جي گنجائش آهي ته جنهن کان خدا خوش ٿئي ٿو ته پوءِ اهو بهتر آهي ته اهڙين حرڪتن جي طرف متوجهه نه ٿيڻ گهرجي. اگر ڪير شخص ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکي ٿو ته جيڪڏهن هن کي کائي ته مجرم قرار ڏيبو. ان جي ڪري هو اعتماد سان نٿو کائي ۽ جيڪو ڪجهه اعتماد سان ڪونهي هو گناهه آهي.”(روميون14باب23آيت)-اسان کي ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته اسان جي جسمن ۽ وڌيڪ اسان جي روحن کي به خريد ڪيو ويو آهي. ان جو خدا سان تعلق آهي جيڪڏهن1ڪرنٿيون6باب19تا20) آيت سڌوسنئون اسان کي جسم تي نقش ٺاهڻ يا جسم کي وڍ ڏيارڻ جي جو ڪو به بيان نٿي ڏي پر اسان کي هڪ اصول ڏي ٿي” ڇا توهين نٿا ڄاڻو ته توهان جو جسم روح القدس جو مقدس آهي جيڪو تون ۾ شامل آهي ۽ توهان کي خدا جي طرف کان مليو آهي؟ ۽ توهان پنهنجا ڪو نه آهيو ڇو ته قيمت سان ورتا ويا آهيو. بس پنهنجي جسم مان خدا جو جلال ظاهر ڪريو“ هي عظيم سچ اسان کي حقيقي طرز عمل ٻڌائي ٿو ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ اسان کي پنهنجي جسمن سان گڏ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جيڪڏهن اسان جا جسم خدا سان تعلق رکن ٿا ته هي اسان کي يقيني طور تي ڄاڻڻ کپي ته اسان وٽ ان جي واضع ”اجازت“ آهي ته انهي کان پهرين ”پنهنجي جسم تي نشان ٺهرايون“ نقش سان گڏ جسم کي وڍ ڏيارڻ سان.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلام مقدس جي مطابق جسم تي نقش / جسم کي وڌ جي باري ۾ ڇا ٿو چيو؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries