settings icon
share icon
سوال

ڪلامِ مقدس تثليث جي باري ۾ ڇا تعليم ڏي ٿو؟

جواب


مسيحي نقطه نگاهه سان سڀني کان وڌيڪ مشڪل شئي تثليث آهي جنهن کي ڪو به آساني سان بيان نٿو ڪري گهي. تثليث هڪ اهڙو راز آهي جنهن کي مڪمل طور تي سمجهڻ هڪ عام انسان جي لاءِ بيحد مشڪل آهي، اچو ته هن کي الڳ الڳ ڪري بيان ڪريون. خدا اسان سڀني کان لامحدود حد تائين تمام وڏو آهي. انهيءَ لاءِ اسين تصور به نٿا ڪري سگهون ته هن کي مڪمل طور تي سمجهون. ڪلامِ مقدس ٻڌائي ٿو ته خدا پيءُ آهي، يسوع خدا آهي، ۽ پاڪ روح خدا آهي. ڪلامِ مقدس هي به ٻڌائي ٿو ته خدا صرف ۽ صرف هڪ آهي. جيتوڻيڪ اسين تثليٽ جي ٽنين اقنوم جي تعلق کي الڳ الڳ سمجهندي ڄاڻي سگهون ٿا ته هڪ ئي وقت ۾، انساني ذهن جي لاءِ هن کي سمجهڻ بيحد مشڪل آهي. البته انهيءَ جو هيءُ مطلب به ناهي ته هي سچ ناهي يا هن جي بنياد ڪلامِ مقدس جي تعليمات جي مطابق نه آهي.

لفظ تثليث کي پڙهڻ مهل انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکو ته هي لفظ ڪلامِ مقدس ۾ استعمال نه ٿيو آهي. هيءُ هڪ محاورو (پهاڪو) آهي جيڪو خدا جي الوهيت کي بيان ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، ته هي حقيقت آهي ته ٽيئي اقنون آهن جيڪي هميشه کان موجود آن جيڪي خدا جي شخصيت کي پوري طرح مڪمل ڪن ٿا. سمجهڻ گهرجي ته هي اسان کي ٽن خدائن جي طرف مائل نٿا ڪن. تثليث هي آهي ته هڪ خدا ۾ هي ٽيئي شخصيتون آهن ۽ لفظ تثليث استعمال ڪرڻ ڪا غلط ڳالهه نه آهي. جيتوڻيڪ هي لفظ ڪلامِ مقدس ۾ موجود ئي ناهي. مختصر لفظ تثليث چوڻ انهيءَ بجائي ته ٽي اقنون يا شخصيتون چوڻ هڪ خدا جي لاءِ. جيڪڏهن هي توهان جي لاءِ ڪنهن مشڪل جو سبب آهي ته هيئن سمجهو: لفظ ڏاڏو يا نانو ڪلامِ مقدس ۾ ڪٿي به استعمال ناهي ٿيو. پوءِ به اسين ڄاڻيون ٿا ته ڏاڏا ۽ نانا ڪلامِ مقدس ۾ موجود هئا. ابراهيم يعقوب جو ڏاڏو هو. انهيءَ لاءِ توهان کي لفظ تثليث کان ايترو پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. انهيءَ جي اصل اهميت ڇا هوندي ته تثليث جو تصور ڪلامِ مقدس ۾ بيان ڪيو ويو آهي هو ڪلامِ مقدس ۾ موجود آهي. ٻين لفظن ۾ انهيءَ جو آغاز هيئن ٿي سگهو ٿو، ڪلامِ مقدس جي آيتن ۾ تثليث کي واضح طور تي بيان ڪيو ويو آهي.

پهريون. هڪ خدا آهي. (اسثنا 6باب 4آيت؛ 1.ڪرنٿيون 8باب 4آيت؛ گلتيون 3باب 20آيت؛ 1.تمٿس 2باب 5آيت).

ٻيو. تثليث ۾ ٽي شخصيتون شامل آهن. (پيدائش، 1باب1آيت؛ 1باب26آيت؛ 3باب 7آيت؛ يسعياه 6باب8آيت؛ 8باب 16آيت؛ 61باب1آيت؛ متي 3باب 16تا17آيت؛ 28باب 19آيت؛ 11باب 7آيت ۽ يسعياه 6باب 8آيت ۾ اسم معرفه ”اسين“ استعمال ٿيو آهي. هي ”الوهيم“ ۽ ”اسين“ هڪ کان وڌيڪ جي لاءِ استعمال ٿيا آهن ٻعير سوال جي. انگريزي ۾ توهان وٽ صرف ٻه ئي شڪلون آهن واحد يا جمع، عبراني ۾ توهان وٽ ٽي شڪلون آهن، واحد، ٻيڻ ۽ جمع. ٻيڻ صرف ۽ صرف ٻن جي لاءِ ئي آهي. عبراني ۾ ٻيڻيون شڪلون استعمال ٿيون آهن. ٻيڻيون شيون جي لاءِ جيئن اکيون، ڪن، هٿ. لفظ ”الوهيم“ ۽ اسم معرفه ”اسين“ جمع جون شڪلون آهن. هي يقيناً ٻه يا ٻن کان وڌيڪ آهن. ۽ انهن کي ٽي يا ٽن کان وڌيڪ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. (پيءُ، پٽ، پاڪ روح.)

يسعياه 48باب16آيت ۽ 61 باب 1آيت ۾ پٽ چوي ٿو جڏهن پيءُ يا پاڪ روح جي باري ۾ ڳالهه ڪندو آهي. يسعياه 61باب 1آيت کي لوقا 4باب 14تا19آيت سان متڀيٽ ڪريو ۽ ڏسو ته پٽ ڇا چوي ٿو. متي 3باب 16تا17 يسوع مسيح جي بپتسمه جي واقعي کي بيان ڪري ٿي. ڏسو ته انهيءَ ۾ خدا، پاڪ روح، خدا پٽ جي مٿي لهي ٿو جڏهن ته خدا پيءٌ چوي ٿو ته هو پٽ مان خوش آهي. متي 28باب 19آيت ۽ 2.ڪرنٿيون 13باب 14آيت هن جون مثالون آهن ته ٽي مختلف شخصيتون تثليث آهن.

ٽيون. تثليث جي ميمبران مختلف جڳهن تي هڪ ٻئي کان مختلف آهن. پراڻي عهدنامي ۾ ”خدا“ فرق آهي ”خداوند“ (پيدائش 19باب 24آيت؛ هوسيع 1باب4آيت). خدا جو پٽ (2زبور7 ۽ 12آيت؛ امثال 30باب 2تا4آيت). ”پاڪ روح“ ”خدا“ ۾ فرق آهي (ڳڻپ 27باب 18آيت) ۽ ”خدا“ (زبور 51باب 10تا12آيت). خدا پٽ خدا پيءُ کان مختلف آهي. (45 زبور 6 تا 7 آيت؛ عبرانيون 1باب 8تا9آيت). نئين عهدنامي ۾ يوحنا 14باب 16تا17آيت جتي يسوع سان خدا پيءُ سان ڳالهه ڪري ٿو ته هو پاڪ روح کي بطور مددگار موڪلي. هي ظاهر ڪري ٿو ته يسوع مسيح هي نٿو سمجهي ته هو پنهنجي پاڻ کي خدا پيءُ پاڪ روح نٿو سمجهي. يسوع مسيح انجيل ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي خدا کي پيءُ سمجهندي ڳالهه ڪري ٿو. ڇا هو پنهنجي پاڻ سان ڳالهه ڪري ٿو؟ نه. هو تثليث جي ٻي شخصيت پيءُ سان ڳالهه ڪري ٿو.

چوٿون. تثليث جو هر ميمبر خدا آهي پيءُ خدا آهي (يوحنا 6باب27آيت؛ روميون 1باب 7آيت؛ 1.پطرس 1باب 2آيت). پٽ خدا آهي (يوحنا 1باب1 ۽ 14آيت؛ روميون 9باب 5آيت؛ ڪلسيون 2باب9آيت؛ عبرانيون 1باب8آيت؛ 1.يوحنا5باب 20آيت)، پاڪ روح خدا آهي (اعمال 5باب3تا4آيت؛ 1.ڪرنٿيون3باب16آيت). هڪ جو سڀني ۾ رهي ٿو اُهو پاڪ روح آهي (روميون 8باب 9آيت؛ يوحنا 14باب 16تا17آيت؛ اعمال 2باب1تا4آيت.)

پنجون. تثليث ۾ ماتحتي: ڪلامِ مقدس انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته پاڪ روح پيءُ ۽ پٽ جي ماتحت آهي ۽ پٽ پيءُ جي ماتحت آهي. هي انهن جو پنهنجي پاڻ جو رشتو آهي ۽ تثليث ۾ شامل شخص ٻئي جي طاقت جو انڪار نٿو ڪري سگهي. مختصر هي اهو علائقو آهي جنهن کي اسان جا محدود خيالات نٿا ڄاڻي سگهن ڇاڪاڻ ته خدا لامحدود آهي. پٽ جي باري ۾ ڏسو لوقا 22باب24آيت؛ يوحنا 5باب 36آيت؛ يوحنا 20باب 21آيت؛ يوحنا 4باب 14آيت. پاڪ روح جي باري ۾ ڏسو يوحنا 14باب 16 ۽ 26آيت؛ 15باب 26آيت؛ 16باب 7آيت ۽ خاص طور تي يوحنا 16باب 13تا14آيت).

ڇهون ــــ تثليث جي ميمبرن جو انفرادي ڪم: پيءُ ئي اسان جي وجود جو ذريعو آهي. (1) ڪائنات (1.ڪرنٿيون8باب 6آيت؛ مڪاشفه 4باب 11آيت). (2) خدائي مڪاشفه (مڪاشفه 1باب 1آيت). (3) نجا (يوحنا 3باب 16تا17آيت) ۽ (4) يسوع انساني ڪم (يوحنا 5باب 17آيت؛ 14باب 10آيت)، پيءُ ئي هي سڀئي شيون ٺاهيون آهن.

پٽ اُهو اهلڪار آهي جنهن جي ذريعي پيءُ هيٺيان ڪم ڪندو آهي (1) ڪائنات جي بناوٽ ۽ ڏيک ويک (1.ڪرنٿيون 8باب6آيت؛ يوحنا1باب3آيت؛ ڪلسيون 1باب 16تا17آيت. (2) خدائي مڪاشفه (يوحنا 1باب1آيت؛ متي 11باب 27آيت؛ يوحنا 16باب 12تا15آيت؛ مڪاشفه 1باب 1آيت) ۽ (3) نجات (2.ڪرنٿيون 5باب 19آيت؛ متي 1باب 21آيت؛ يوحنا 4باب 42آيت). پيءُ هي سڀ شيون پٽ جي ذريعي ڪندو آهي جيڪو هڪ اهلڪار جي طرح ڪم ڪندو آهي.

پاڪ روح جي ذريعي خدا هيٺيان ڪم سرانجام ڏيندو آهي. (1) ڪائنات جي بناوٽ ۽ ڏيک ويک (پيدائش 1باب 2آيت؛ ايوب 26باب 13آيت؛ 104زبور 30آيت). (2) خدائي مڪشافه (يوحنا 16باب 12تا15آيت؛ افسيون 3باب 5آيت؛ 2.پطرس 1باب 21آيت). ‎ (3) نجات (يوحنا3باب 6آيت؛ ططس 3باب5آيت؛ 1.پطرس1باب2آيت) ۽ (4) يسوع مسيح جو ڪم (يسعياه 61باب 1آيت؛ اعمال 10باب 38آيت). هاڻ پيءُ هي سڀ شيون پاڪ روح جي قوت جي ذريعي سرانجام ڏيندو آهي.

مشهور تمثيلون به تمثيل کي پوري طرح بيان ڪرڻ کان قاصر آهن. بيدو (يا انب) پنهنجي خول ۾ پورو نٿو ٿي سگهي، سفيدي يا زردي بيدي جا حصا آهن، نه رڳو پنهنجي پاڻ مڪمل بيدو آهن. پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح خدا جا حصا ناهن بلڪه هي سڀ پنهنجي پاڻ ۾ خدا آهن. پاڻي جي مثال ڪنهن حد تائين بهتر مگر پوءِ به تمثيل ٻڌائڻ جي لاءِ مڪمل نه آهي. مائع، ٻاڦ ۽ برف پاڻي جون ئي ٽي شڪلون آهن. پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح خدا جون شڪلون نه آهن، بلڪه هر هڪ خود خدا آهي. انهيءَ لاءِ هي مثالون اسان کي تثليث جي مڪمل تصوير ڏيکارين ٿيون، هي تصوير مڪمل طور تي پوري نه آهي. لامحدود خدا محدود قسم جي مثالن سان بيان نٿو ٿي سگهي. تثليث تي غور نه ڪندي اصل ۾ خدا جي الوهيت تي نگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڇاڪاڻ ته خدا جي خدائي اسان جي وجود کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ لامحدود آهي.، ”هو خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڇا ئي عميق آهي هن جا فيصلا ڪيتري قدر ادراڪ سان ڀريل ۽ هن جو راهون ڪيتريون نه بي نشان آهن! خداوند جي عقل کي ڪنهن ڄاتو؟ يا ڪير هن جو صلاح ڪار ٿيو؟“ (روميون 11باب 33تا34 آيت).

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڪلامِ مقدس تثليث جي باري ۾ ڇا تعليم ڏي ٿو؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries