settings icon
share icon
سوال

ڇا موت کان پوءِ زندگي آهي؟

جواب


ڇا موت کانپوءِ زندگي آهي؟ ڪلامِ مقدس اسان کي ٻڌائي ٿو، ”انسان جيڪو عورت مان پيدا ٿيئي ٿو، ڪجهه ڏينهن جو آهي ۽ ڏک سان ڀريل آهي. هو گل وانگر نڪري ٿو ۽ ڪٽي ڇڏبو آهي؛ هو پاڇي وانگر اڏري وڃي ٿو ۽ بيهي نٿو، اگر ماڻهو مري وڃي ته ڇا هو ٻيهر جيئندو“ (ايوب 14باب 1تا2 ۽ 14آيت)

ايوب وانگر اسان سڀني جو هن سوال سان ويجھو واسطو آهي. ٺيڪ مرڻ کان پوءِ اسان سان ڇا ٿو ٿيئي؟ ڇا اسين وڏي آساني سان ختم ٿي وينداسين؟ ڇا زندگي گهمڻ وارو هڪ دروازو آهي جنهن جي ذريعي اسين زمين تي ايندا ۽ ويندا آهيون. ان جي ذريعي اسين ذاتي طور تي عزت حاصل ڪندا آهيون. ڇا هر ڪو هڪ ئي جڳهه تي ويندو آهي، يا اسين مختلف جڳهن تي ويندا آهيون؟ ڇا آسمان ۽ دوزخ حقيقت ۾ آهن، يا هي سڀ هڪ خيال آهن.

ڪلامِ مقدس ٻڌائي ٿو ته اُتي صرف موت کان زندگي ئي ناهي بلڪه ابدي زندگي آهي جيڪا تمام عظيم الاشان آهي. . ”جيڪي شيون نه اکين ڏٺيون نه ڪنن ٻڌيون، نه ماڻهوءَ جي دل ۾ آيون، اهي سڀ خدا پنهنجي محبت رکندڙن لاءِ پيدا ڪري ڇڏيون آهن. (1.ڪرنٿيون 2باب 9آيت). يسوع مسيح، خدا مجسم ٿيو، زمين تي اسين اسان کي ابدي زندگي جو تحفو ڏيڻ آيو. ”جيتوڻيڪ هو اسان جي خطائن جي ڪري گهائل ڪيو ويو ۽ اسان جي بدڪرداري سبب ڪچليو ويو. اسان جي ئي سلامتي لاءِ هن تي سياست ٿي ته جيئن هن جي مار کائڻ سان اسين شفا پايون.“ (يسعيا 53باب 5آيت).

يسوع اُها سزا پنهنجي مٿي کڻي ورتي جنهن جا اسين سڀ مستحق هئاسين ۽ پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي. ٽن ڏينهن کان پوءِ، هن قبر مان زندهه ٿي ڪري پنهنجي پاڻ کي فتح مند ثابت ڪري ڇڏيو، روح ۾ ۽ بدن ۾ پڻ. هو پنهنجي ابدي گهر آسمان کڄي وڃڻ کان پهرين زمين تي چاليهه ڏينهن تائين رهيو جنهن جا هزارين گواهه هئا. روميون 4باب 25 آيت ٻڌائي ٿي، ”هو اسان جي ڏوهن جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان جي راستباز هئڻ ڪري ساڙيو ويو.“

مسيح جو مُردن مان زندهه ٿي اٿڻ هڪ دستاويز ٿيل واقعو آهي. پولوس رسول اهڙڻ ماڻهن جي سوالن کي منهن ڏنو جيڪي ان واقعي جا اکين ڏٺا شاهد هئا، ۽ انهن مان ڪو به ان سچائي تي ڪو نه بيٺو. مُردن مان زندهه ٿي اٿڻ مسيحي ايمان جي بنياد آهي؛ ڇاڪاڻ مسيح مُردن مان زندهه ٿي اٿيو، اسين ايمان رکي سگهون ٿا، ته هو اسان کي به مُردن مان زندهه ڪندو.

پولوس رسول شروعاتي مسيحين کي سمجهايو ۽ اُهي ان ڳالهه تي يقين ڪونه رکندا هئا: ”بس پوءِ مسيح جو هيءُ اعلان ڪيو وڃي ٿو ته هو مُردن مان جي اٿيو ته توهان مان ڪجهه ڪيئن چون ٿا ته مُردن جي قيامت آهي ئي ڪونه؟ جيڪڏهن مُردن جي قيامت نه آهي مسيح به زندهه ٿي نه اٿيو.“ (1.ڪرنٿيون 15باب 12تا13آيت).

صرف مسيح ئي مُردن مان زندهه ٿي اٿڻ وارن مان پهريون آهي جنهن کي ٻيهر زندهه ڪيو ويو. جسماني موت آدم جي ذريعي آئي. آدم، جنهن سان اسين تعلق رکون ٿا. مگر اُهي سڀ جيڪي خدا جي خاندان ۾ آهن انهن کي نيئن زندگي ڏني ويندي يسوع مسيح تي ايماڻ آڻڻ سان. (1.ڪرنٿيون 15باب 20تا22آيت). بلڪل اهڙي ريت جهڙي طرح خدا يسوع مسيح کي ساڙيو، ائين ئي يسوع جي ٻيهر آمد تي اسان کي ساڙيو ويندو. (1.ڪرنٿيون 6باب 14آيت).

جيتوڻيڪ اسان سڀني کي جيئرو ڪيو ويندو، سڀ گڏ آسمان تي نه ويندا. هر شخص کي ان جي زندگي ۾ هڪ موقعو ڏنو ويندو جنهن سان اهو مرد يا عورت انهي ڳالهه جو اندازو ڪندو ته هو پنهنجي ابدي زندگي جي لاءِ ڪٿي ويندا. ڪلام مقدس چوي ٿو ته اسان کي موت هڪ ئي دفعي ايندي، بعد ۾ عدالت قائم ڪئي ويندي (عبرانيون 9 باب 27 آيت). جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سڌارين ٿا اهي ابدي زندگي جي لاءِ آسمان جي بادشاهي ۾ داخل ٿيندا، مگر بي ايمان هميشهه جي سزا جي لاءِ جهنم ۾ ويندا. (متي 25 باب 46 آيت)

دوزخ، جئين آسمان صرف هڪ وجود کي ئي بيان نٿي ڪري، مگر هڪ اصل ۽ حقيقي جڳهه آهي جتي خدا کان منهن موڙيندڙ ابدي ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ غضب واري آزمائش ۾ رهندا. اهي ڄاڻي واڻي ڏک ۽ شرم افسوس ۽ ذلت سان گڏ جذباتي، ذهني ۽ جسماني عذاب برداشت ڪندا. دوزخ بيان ڪئي ويئي آهي جئين ڪو وڏي اونهي کاهي هجي. (لوقا 8باب 31 آيت، مڪاشفه 20 باب 10 آيت) اتي روئڻ ۽ ڏندن جو پيسجڻ هوندو. جيڪو انهن جي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ کي ظاهر ڪري ٿو. (متي 13 باب 42آيت) هي هڪ جڳهه آهي، ”جتي ان جو ڪيڙو نٿو مري ۽ باهه نٿي وسامي.“ (مرقس 9باب48آيت). خداوند کي شرارتي جي مرڻ تي ڪابه خوشي ناهي، بلڪ ان تي آهي ته شرارتي پنهنجي انهي راهه کان باز اچي ۽ زنده رهي“ (حزقي ايل 33 باب 11 آيت). مگر هو اسان کان زبردستي فرمانبرداري نٿو ڪرائي، جيڪڏهن اسان ان کي رد ڪريون ٿا، ته اهو اسان تي نظر رکي ٿو پر جنن شين جي اسان کي ضرورت آهي اهي اسان کي ڏيئي ٿو پوءِ ڀلي اسان ان کان پري رهون.

زمين تي زندگي هڪ آزمائش آهي، ان جي تياري آهي ته ڇا ٿيئڻ وارو آهي. خدا جي حضور ۾ ايماندارن جي لاءِ اها ابدي زندگي آهي. پوءِ اسان ڪئين هدايت وارا ٿي سگھون ٿا ۽ ڪئين ابدي زندگي حاصل ڪري سگهون ٿا؟ هتي صرف هڪ ئي رستو آهي خدا جي پُٽ يسوع مسيح تي يقين ڪرڻ ۽ ايمان آڻڻ سان. ”يسوع انهي کي چيو قيامت ۽ زندگي ته مان آهيان. جيڪو مونتي ايمان آڻي ٿو جيڪڏهن اهو مري وڃي تڏهن به زنده رهندو ۽ جيڪو زنده آهي ۽ مونتي ايمان آڻي ٿو اهو ڪڏهن به نه مرندو.... “ (يوحنا 11 باب 25 تا 26 آيت)

ابدي زندگي جو مفت تحفو هر ڪنهن جي لاءِ موجود آهي ليڪن هو چاهي ٿو ته اسان دنياوي خواهشن جو انڪار ڪريون ۽ پنهنجو پاڻ کي خدا جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. ”جيڪو پُٽ تي ايمان آڻي ٿو هميشهه جي زندگي انهي جي آهي. ليڪن جيڪو پُٽ کي نه ٿو مڃي اهو زندگي نه ڏسندو بلڪ انهي تي خدا جو غضب رهي ٿو“ (يوحنا 3باب 36 آيت). اسان کي اسان جي موت کان پوءِ پنهنجي گناهن کان توبهه جو موقعو نه ملندو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ دفعو اسان خدا کي روبرو ڏٺو ته پوءِ اسان وٽ ان تي يقين ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو نه هوندو. هو گهري ٿو ته اسان هيئنر ئي هن وٽ ايمان ۽ پيار سان اچون . جيڪڏهن اسان يسوع مسيح جي موت کي قبول ڪريون ٿا جنهن سان قيمت ادا ڪئي ويئي آهي اسان جي گناهن ڀريل بغاوت جي جيڪا خدا جي خلاف هئي. اسان کي زمين تي صرف بامعنى زندگي جي ضمانت نٿي ملي پر انهي سان گڏوگڏ مسيح جي حضور ۾ دائمي زندگي به ملي ٿي.

اگر توهان يسوع مسيح کي پنهنجو نجات دهنده قبول ڪريو ٿا. هتي دعا جو هڪ نمونو آهي. اِهو ياد رکو. انهيءَ دعا کي پڙهڻ يا ڪنهن ٻئي کي پڙهڻ سان توهان کي نجات نٿي ملي سگهي، صرف مسيح تي ايمان آڻ» ئي توهان کي توهان جي گناهن کان نجات ڏئي سگهي ٿو. هي دعا خداوند سان اظهار جو هڪ سادو رستو آهي ته توهان جو ايمان اُن تي آهي ۽ توهان ان جو شڪريو ادا ڪريو ته ان توهان کي نجات بخشي. ”خداوند“، آئون ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجي خلاف گناهه ڪيا ۽ آئون سزا جو مستحق آهيان. ليڪن آئون جنهن سزا جو مستحق هيس، اُها سزا يسوع مسيح پنهنجي مٿي کنئي. بس ان تي ايمان آڻ» جي سبب مون معافي ورتي آهي. آئون پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نجات جي لاءِ پنهنجو ايمان تو تي رکان ٿو. آئون تنهنجي حيرت انگيز فضل ۽ بخشش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪو ابدي زندگي جو تحفو آهي. آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

ڇا موت کان پوءِ زندگي آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries