settings icon
share icon
سوال

مسيحيت ۾ نئين سر پيدا ٿيڻ جو ڇا مطلب آهي؟

جواب


مسيحيت ۾ نئين سر پيدا ٿيڻ مان ڇا مراد آهي؟ معياري راهه مقدس ڪلام جي طرف آهي جيڪا انهن سوالن جا جواب ڏي ٿي. (يوحنا 3 باب 1 کان 12 آيت). خدواند يسوع مسيح نيڪديمس رات جو يسوع وٽ آيو. نيڪديمس يسوع کان سوال ڪيا.

يسوع نيڪديمس سان هن ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي، هُن چيو . . . ”يسوع جواب ۾ هن کي چيو آئون تون کي سچ سچ چوان ٿو ته جيسين تائين ڪو نئين سر پيدا نه ٿيئي ته هو خدا جي بادشاهي کي نٿو ڏسي سگهي. نيڪديمس انهيءَ کي چيو ته ماڻهو جڏهن پوڙهو ٿي وڃي ته پوءِ هو ڪيئن پيدا ٿي سگهي ٿو. ڇا هو ٻيهر پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. يسوع جواب ڏنو ته آئون تون کي سچ سچ ٻڌايان ٿو ته جيستائين ڪو شخص پاڻي ۽ روح مان پيدا نه ٿيئي اُهو خدا جي بادشاهي ۾ داخل نٿو ٿي سگهي. جيڪو جسم سان پيدا ٿيو آهي، اُهو جسم سان آهي ۽ جيڪو روح سان پيدا ٿيو آهي اُهو روح سان آهي. تعجب نه ڪر آئون تون کي چوان ٿو ته توهان کي ضرور نيئن سر پيدا ٿيڻو آهي“ (يوحنا 3باب 3تا7 آيت)

لفظ ”نيئن سر پيدا ٿيڻ“ جي لغوي معنى آهي ”مٿان کان پيدا ٿيڻ“. نيڪديمس درحقيقت ان جي ضرورت هئي، هو پنهنجي دل ۽ روحاني تبديلي جو ضرورتمند هو. نيئن پيدائش يا نيئن سر سان پيدا ٿيڻ هڪ ئي واحد فعل آهي جنهن سان خداوند ايمان آڻڻ واري شخص کي ابدي زندگي بخشي ٿو. (2ڪرنٿيون 5باب 17آيت؛ ططس 3باب 5 آيت؛ 1.پطرس 1باب 3 آيت؛ 1.يوحنا2باب 29آيت، 3 باب 9 آيت، 4 باب 17 آيت، 5 باب 1تا4 آيت ۽ 18 آيت). يوحنا 1 باب 12تا13 آيت اشارو ڪري ٿي ته ”نيئن سر پيدا ٿيڻ“ ان تصور سان گڏ هلي ٿو ته ”خدا جو اولاد بڻجي وڃڻ“ يسوع مسيح جي نالي تي ايمان آڻڻ جي ذريعي.

منطقي طور تي هيءُ سوال اُٿي ٿو ته، ”هڪ شخص کي نيئن سر پيدا ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ پولوس رسول افيسون 2باب 1آيت ۾ چوي ٿو ته ”۽ انهيءَ توهان کي زنده به ڪيو جڏهن توهان پنهنجن ڏوهن ۽ گناهن سبب مرده هئا . . “ روميون 3 باب 23آيت ۾ رسول لکي ٿو، ”انهيءَ لاءِ ته سڀن گناهه ڪيا ۽ خدا جي جلال کان محروم آهن.“ بس پوءِ، هڪ شخص لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجن گناهن جي معافي لاءِ نيئن سر پيدا ٿيئي ۽ خدا سان تعلق رکي.

هي ڪهڙي طرح ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ افيسون 2 باب8 آيت9 بيان ڪري ٿي، ”ڇاڪاڻ ته توهان کي ايمان جي وسيلي فضل سان نجات ملي آهي ۽ هيءُ توهان جي طرف کان نه پر خدا جي بخش4 سان آهي. ۽ نه اعمال جي سب( سان آهي جو توهان مان ڪو انهيءَ تي فخر ڪري.“ جڏهن ڪو مرد يا عورت نئين سر پيدا ٿي نجات وٺي ٿو ته اُهو روحاني طور تي نئون ٿي وڃي ٿو ۽ هاڻ هو نئين پيدائ4 جي ڪري خدا جي اولاد آهي. يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان، هُن صليب تي پنهنجي جان ڏيئي گناهن جو ڪفارو ادا ڪيو، ڇا انهيءَ جو مطلب روحاني طور تي ”نيئن سر پيدا ٿيڻ“ آهي. ”انهيءَ لاءِ جيڪڏهن ڪو مسيح مان آهي، ته هو نئين مخلوق آهي . . . “ (2ڪرنٿيون 5باب 17آيت)

جيڪڏهن توهان يسوع مسيح تي ايمان نٿا رکو ته هو توهان جي لاءِ نجات جو باعث آهي. ڇا توهان انهيءَ ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته پاڪ روح توهان کي حرڪت ڏي ٿو، ته توهان هن سان پنهنجي دل سان ڳالهه ٻولهه ڪريو ته توهان کي نئين سر پيدا ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڇا توهان اڄ ئي دعا ڪندا توبهه جي لاءِ ۽ مسيح مان هڪ نئين مخلوق ٿيڻ جي لاءِ؟ ”ليڪن جيترن ان کي ق(ول ڪيو ته ان انهن کي خدا جو پٽ بڻجڻ حق بخشيو يعني اُهي جيڪي انهيءَ جي نالي تي ايمان آڻين ٿا اُهي نه خون سان، نه جسم جي خواهش سان، نه انسان جي ارادي سان بلڪه خدا سان پيدا ٿيا آهن.“ (يوحنا 1باب 12تا13 آيت).

جيڪڏهن توهان يسوع مسيح کي پنهنجي نجات جو باعث ق(ول ڪريو ٿا ۽ نيئن سر پيدا ٿيڻ چاهيو ٿا ته هِتي هيٺ دعا ڏنل آهي، اِهو ياد رکو. انهيءَ دعا کي پڙهڻ يا ڪنهن ٻئي کي پڙهڻ سان توهان کي نجات نٿي ملي سگهي، صرف مسيح تي ايمان آڻڻ ئي توهان کي توهان جي گناهن کان نجات ڏئي سگهي ٿو. هي دعا خداوند سان اظهار جو هڪ سادو رستو آهي ته توهان جو ايمان اُن تي آهي ۽ توهان ان جو شڪريو ادا ڪريو ته ان توهان کي نجات بخشي. ”خداوند“، آئون ڄاڻان ٿو ته مون تنهنجي خلاف گناهه ڪيا ۽ آئون سزا جو مستحق آهيان. ليڪن آئون جنهن سزا جو مستحق هيس، اُها سزا يسوع مسيح پنهنجي مٿي کنئي. بس ان تي ايمان آڻ» جي سب( مون معافي ورتي آهي. آئون پنهنجن گناهن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نجات جي لاءِ پنهنجو ايمان تو تي رکان ٿو. آئون تنهنجي حيرت انگيز فضل ۽ بخشش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪو ابدي زندگي جو تحفو آهي. آمين.“

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ ڇا توهان مسيح لاءِ فيصلو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ مهرباني ڪري هيٺ لکيل ”آءُ مسيح کي قبول ڪريان ٿو“ واري بٽڻ کي دٻايو.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

مسيحيت ۾ نئين سر پيدا ٿيڻ جو ڇا مطلب آهي؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries