settings icon
share icon
سوال

خودڪشي جي باري ۾ مسيحي جي راءِ ڇا آهي؟ ڪلام مقدس خودڪشي جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟

جواب


ڪلام مقدس جي مطابق، ڀلي ڪو شخص ان لاءِ خودڪشي نه ٿو ڪري ته ان کي ڪهڙي خبر ته هو مرد يا عورت جنت ۾ داخل ٿي سگهندا يا نه. جيڪڏهن ڪو غير نجات يافته شخص خودڪشي ڪري ٿو ته، هن مرد ۽ عورت ڪجهه نه ڪيو هجي پر ان باهه جي ڍنڍ جي طرف پنهنجو سفر ”جلد“ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

بهرحال، جنهن شخص خودڪشي ڪئي هوندي آخر ڪار هو مسيحي جي ذريعي نجات کي قبول نه ڪرڻ جي ڪري دوزخ ۾ ويندو: سائول (1سموئيل31باب4آيت)، اخيتفل(2سموئيل17باب23آيت، زمري(1سلاطين16باب18آيت)، ۽ يهوداه(متي27باب5آيت). هي سڀ دوکيباز، بُرن، گناهن سان ڀريل انسان هئا، ڪلام مقدس جي نظر ۾ خودڪشي قتل ڪرڻ جي برابر آهي هي هن لاءِ ته هي پنهنجو قتل آهي. خدا ئي اهو واحد هڪ آهي جيڪو فيصلو ڪري ٿو ته ڪٿي ۽ ڪئين ڪنهن شخص جو موت لکيل آهي. هن طرح جي طاقت کي پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ ڪلام مقدس جي مطابق خدا جي ويجهو گستاخي آهي.

ڪلام مقدس ڇا چوي ٿو جڏهن ڪو شخص مسيحي خودڪشي ڪري ٿو؟ آئون يقين نٿو ڪريان ته ڪير مسيحي خودڪشي ڪري ٿو ته هو پنهنجي نجات وڃائي ڇڏيندو ۽ دوزخ ۾ ويندو، ڪلام مقدس تعليم ڏي ٿو ته جنهن لمحي ڪير شخص مسيح تي سڄو ايمان آڻي ٿو. ته هو مرد يا عورت ابدي حفاظت حاصل ڪري ٿو (يوحنا4باب16آيت) ڪلام مقدس جي مطابق، هر طرح جي شڪ جي باوجود مسيحي ڄاڻي ٿو ته هو هميشه جي زندگي رکي ٿو، چاهي ڇا به ٿئي هو.” مون توهان کي جيڪي خدا جي نالي تي ايمان آندو آهي هي ڳالهيون ان لاءِ لکو ته توهان کي معلوم ٿئي ته هميشه جي زندگي رکي ٿوهو ”(1يوحنا5باب13آيت) ڪا به شيءَ مسيحين کي خدا جي محبت کان جدا نه ٿي ڪري سگهي.“ ڇو ته مون کي يقين آهي ته خدا جي محبت جيڪا خداوند مسيح يسوح ۾ آهي ان کان اسان کي نه موت جدا ڪري سگهندي نه زندگي. نه فرشتا نه حڪومتون، نه حال جي نه استقبال جون شيون، نه قدرتون، نه بلندي، نه زوال ۽ نه ڪا ٻئي مخلوق ”(روميون8باب38تا39آيت) ڪابه ”ٺاهيل مخلوق“ مسيح کي خدا جي محبت کان جدا نٿي ڪري سگهي جيڪڏهن ڪو مسيحي خودڪشي ڪري ٿو جيڪو ”مخلوق آهي“ پوءِ خودڪشي به ان کي خدا جي محبت کان جدا نه ڪري سگهندي. يسوح اسان جي تمام گناهن جي لاءِ مئو ۽ جيڪڏهن ڪو سچو مسيح ائين ڪري ها، ته روحاني حملي ۽ ڪمزوري ۾ خودڪشي ڪري ٿو. ته پوءِ گناهه ٿيندو، جنهن جي لاءِ يسوح مئو. هي ڪو نٿو چيو وڃي ته خودڪشي ڪرڻ خدا جي خلاف سنجيده گناهه ڪونهي، ڪلام مقدس جي مطابق خودڪشي قتل آهي هي هميشه کان غلط آهي.

آئون ان شخص جي ايمان جي باري ۾ اڃان به شڪ رکان ٿو ته جيڪو مسيح هئڻ جي دعوى ڪئي ۽ ان جي باوجود خودڪشي ڪئي. هتي اهڙا حالات ڪونهي جو ڪنهن جي لاءِ واجب قرار هجن خاص ڪري مسيح جي لاءِ ته هو مرد يا عورت پنهنجي جان وٺي ورتي. مسيح کي خدا جي لاءِ زندگي گذارڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهي. ڪڏهن ڪنهن کي مرڻو آهي، هي فيصلو صرف خدا جو آهي صرف ئي صرف خدا جو آهي. شايد هڪ سٺو رستو جيڪو خودڪشي کي مسيحيون جي لاءِ بيان ڪري ٿو آستر جي ڪتاب ۾ آهي ته ايران ۾ هڪ قانون آهي ته جيڪڏهن بغير طلب جي بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيو ته هن کي سزا موت سان گڏ قيد ڪيو ويندو آهي جنهن تائين بادشاهت ڪنهن ٻئي وٽ نٿي اچي جيڪو رحم جي علامت هجي. خودڪشي هڪڙي مسيح جي لاءِ اهڙو رستو آهي جيڪو خود بادشاهه کي ڏسڻو هجي باوجود ان جي ته ان جو انتظار ڪيو وڃي ته هو توهان کي طلب ڪري، هو پنهنجو گادي نشين توهان کي ٺاهيندو، توهان جي ابدي زندگي کي بچائيندي، پر هن جو اهو مطلب ڪونهي ته توهان کان خوش آهي. ان جي باوجود اهو خودڪشي کي بيان نٿو ڪري، ڪلام مقدس (1ڪرنٿيون3باب15آيت) هڪ سٺي تفصيل آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص مسيح خودڪشي ڪري ٿو ته ان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. ”۽ جنهن جو ڪم سڙي ويندو آهي اهو نقصان کڻندو پر پاڻ بچي ويندو پر سڙندي سڙندي“.

English



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس

خودڪشي جي باري ۾ مسيحي جي راءِ ڇا آهي؟ ڪلام مقدس خودڪشي جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟
Facebook icon Twitter icon Pinterest icon Email icon
© Copyright Got Questions Ministries