پادري عورتون / تبليغي عورتون؟ ڪلامِ مقدس ڪليسيا ۾ عورتن جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟




سوال: پادري عورتون / تبليغي عورتون؟ ڪلامِ مقدس ڪليسيا ۾ عورتن جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟

جواب:
هتي اڄ جي ڪليسيا ۾ شايد هن کان وڌيڪ بحث ٻئي ڪنهن موضوع نه ٿيندي هوندي ته عورتن کي ڪليسيا ۾ بطور پادري / تبليغي بڻي خدمت ڪرڻ کپي. نتيجي جي طور تي، هيءُ بيحد ضروري آهي ته هن مسئلي کي صرف انهيءَ لاءِ نه ڏٺو وڃي ته مرد بمقابله عورتون. هتي عورتون آهن جيڪي يقين رکين ٿيون ته عورتن کي پادرين جي طرح خدمت نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪلامِ مقدس ڪليسيا ۾ عورتن جي تبليغ تي پابندي لڳائي ٿو ۽ هتي مرد آهن جيڪي يقين رکن ٿا ته عورتون ڪليسيا ۾ تبليغين جي طرح خدمت ڪري سگهن ٿيون. هي ڪائي برتري يا تفريق جو مسئلو ناهي. هي ڪلامِ مقدس جي مطابق هي تشريح جو مسئلو آهي.

پهريون تيمٿس 2باب 11تا12 آيت بيان ڪري ٿي، ”عورت کي ماٺ ميٺ ڪمال تابعداري سان سکڻ گهرجي. ۽ آئون اجازت نٿو ڏيان ته عورت سکائي يا مرد تي حڪم هلائي بلڪه چپ چاپ رهي.“ ڪليسيا ۾ خدا مردن ۽ عورتن جي لاءِ مختلف قانون مقرر ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ بني نوع انسان کي پيدا ڪيو ويو (1.تيمٿس 2باب 13آيت) ۽ جنهن رستي سان گناهه دنيا ۾ داخل ٿيو (2.تمٿس 2باب 14آيت). خدا پولوس رسول جي نوشتن جي ذريعي عورتن کي مردن کي روحاني تعليم ڏيڻ تي پابندي لڳائي ٿو. هي ورتون کي پادرين جي طرح خدمت ڪرڻ کان باز رکي ٿو، جنهن ۾ يقيني طور تي تبليغ به شامل آحي، تعليم ڏيڻ ۽ مردن کي روحاني تعليم ڏيڻ جو اختيار به.

هتي عورتن کي ڪليسيا ۾ خدمت بطور پادرين جي طرح خدمت ڪرڻ ۾ ڪيترائي ”اعتراض“ آهن. هڪ خاص ڳالهه هي آهي ته پولوس عورتن جي تعليم ڏيڻ تي پابندي لڳائي ٿو ڇاڪاڻ ته پهرئين صدي ۾ عورتون خاص طور تي غير تعليم يافته هيون. بهرحال، 1.تمٿس 2باب 11تا14 آيت ۾ ڪٿي به انهن جي تعليمي معيار کي بيان نه ڪيو ويو آهي، اگر تعليم ڪليسيا ۾ خدمت جي لاءِ قابليت تي هئي ته يسوع جا گهڻا تڻا شاگرد انهيءَ معيار تي پورا نه لهن ها. ٻيو خاص اعتراض هي ته پولوس صرف اسيون جي عورتن کي تعليم ڏيڻ کان روڪيو (1.تمٿس جو خط جيڪو تمٿس کي لکيو ويو جيڪو هن وقت افسيون جي ڪليسيا جو پادري هو). افسس جو شهر ارتمس جي ديوي جي مندر جي لاءِ مشهور هو هڪ ڪوڙي يوناني / رومي ديوي. عورتن کي ارتمس جي ديوي جي پرستش ڪرڻ جو اختيار هو. بهرحال، 1.تمٿس جيخط ۾ ڪٿي به ارتمس جي ديوي کي بيان ڪيو وڃي، نه ته پولوس بيان ڪندو آهي ته ارتمس جي ديوي کي پرستش جي وجه سان 1.تمٿس 2باب 11تا 12آيت ۾ پابنديون هيون.

هڪ ٽيون خاص اعتراض هيءُ ته پولوس صرف مڙسن ۽ زالن جو حوالي ڏيئي رهيو آهي، عام مردن ۽ عورتن کي نه. يوناني لفظن ۾ 1.تمٿيس 2باب 11تا14 آيت ۾ مڙسن ۽ زالن جو حوالو ڏنو ويو آهي. بهرحال لفظن جو بنيادي مطلب آهي مرد ۽ عورتون. وڌيڪ، ائين ئي يوناني لفظ آيت 8تا10 ۾ استعمال ٿيا آهن. ڇا صرف مڙس ئي بغير ڪاوڙ ۽ تڪرار جي پاڪ هٿن کي کڻي دعا ڪندا ڪن (آيت8؟) ڇا صرف عورتون هي حيادار لباس پائين، سٺا اعمال ڪن، ۽ خدا جي پرستش ڪن (آيت9تا10)؟ يقيناً نه. 8تا10 آيت واضح طور تي مردن ۽ عورتن جو حوالو ڏيئي ٿي، صرف مڙسن ۽ زالن جي حوالو نٿي ڏي. هتي سياق و سباق ۾ ڪجهه به اهڙو ناهي جيڪو هي ظاهر ڪري ٿو ته جيڪو مڙسن ۽ زالن کي پابند ڪري آيت 11تا14 ۾.

انهيءَ جي علاوه هڪ ٻيو اعتراض جيڪو خواتين پادري ۽ تبليغ ڪرڻ وارين جي رشتي جي تشريح ڪندا آهن، مريم، دبوره، خُلده، پرسڪه، فيبي وغيره. عورتون جيڪي ڪلامِ مقدس جي مطابق پيشوائي ڪنديون هيون. هي اعتراض ناڪام ٿي وڃي ٿو ته جڏهن معنى خيز عنصر کي سڃاتو وڃي. دبوره جي تعلق سان، تيرنهن مرد منصفون ۾ هو اڪيلي عورت منصف هئي. خُلده جي تعلق سان، هو اڪيلي نبيه هئي سينڪڙن مرد نبين جي وچ جيڪي ڪلامِ مقدس ۾ درج آهن. مريم جو پيشوائي جو تعلق صرف انهيءَ لاءِ هو ته هو موسى ۽ هارون جي ڀيڻ هئي. عتلياه ۽ ايزبل مضبوط مثالون جيڪي پنهنجي پاڻ کي ديوي وانگر مڃرائينديون هيون.

اعمال جي ڪتاب 18 باب ۾، پرسڪله ۽ اڪوله کي مسيح جي وفادار خدمت ڪرڻ وارين جي طرح پيش ڪيو ويو آهي. پرسڪله جو نالو پهرين ٻڌايو ويو آهي غالباً هن جو مطلب هي آهي ته هو خدمت ۾ پنهنجي مڙس کان وڌيڪ نمايان هئي. بهرحال، پرسڪله ڪٿي به اِهو بيان ناهي ڪيو ته هو ڪليسيائي خدمت سرانجام ڏيئي رهي آهي هي 1.تيمٿس 2باب 11تا14آيت جي ابتڙ آهي. پرسڪله ۽ اڪوله اپلوس کي پنهنجي گهر وٺي آئي ۽ هو ٻئي هُن کي تعليم ڏيڻ لا، خدا جي ڪلام کي تمام بهتر طريقي سان هُن کي بيان ڪيو. (اعمال 18باب 26آيت).

روميون 16باب 1آيت ۾ فيبي کي ”پاري“ سمجهيو وڃي جي بجائي هُن کي ”خادمه“. انهيءَ جو هي مطلب ناهي ته فيبي ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندي هئي. ”تعليم جي قابل“ بزرگن کي اهليت ڏني ويئي، ليڪن پادرين کي نه (1.تمٿس 3باب1تا13آيت؛ ططس 1باب 6تا9آيت). ايلڊر/پشپ/ڊيڪن کي ائين بيان ڪيو ويو آهي جيئن ”هڪ زال جو مڙس“، ”هڪ ماڻهو جنهن جا ٻار يقين رکندا هجن“، ۽ ”آدمي جيڪو عزت جي قابل هجي“. وڌيڪ، 1.تمٿس 3باب1تا13آيت ۾ ۽ ططس 1باب6تا8آيت ۾ مردانه اسمن جو خاص استعمال ڪيو ويو آهي جيڪي حوالي ڏيڻ جي لاءِ ايلڊر /پشپ/ ڊيڪن.

پهريون تمٿس 2باب 11تا14آيت جي وضع هن ”سبب“ کي مڪمل طور تي صاف ٻڌائي ٿي. آيت 13 شروع ٿيئي ٿي ”لاءِ“ ۽ ”سبب“ کان شروع ٿيئي ٿي ته پولوس آيت 11تا12 ۾ ڇا بيان ڪيو آهي. ڇو عورت تعليم نٿي ڏي سگهي يا مرد جي مٿان اختيار نٿي رکي سگهي؟ ڇاڪاڻ ته ”پهرين آدم ٺاهيو انهيءَ کان پوءِ حوا. ۽ آدم فريب نه کاڌو بلڪ عورت فريب کائي ڪري گناهه ۾ پئجي ويو.“ اهائي وجهه آهي. خدا پهرين آدم کي ٺاهيو ۽پوءِ حوا کي جيڪا آدم جي ”مددگار“ هئي. تخليق جي هي عالمگير ترتيب انساني معاشري ۾ خاندانن تي لاڳو ٿيئي ٿي (افسيون 5باب 22تا23آيت) ۽ ڪليسيا تي. هي حقيقت جنهن سان حوا فريب کاڌو هڪ ٻيو سبب آهي جنهن کان عورتون پادري جي طرح خدمت نٿيون ڪري سگهن يا مردن تي روحاني اختيار نٿيون رکي سگهن. هي ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه تي يقين ڪرڻ جي لاءِ آماده ڪري ٿو ته عورتون تعليم نه ٿيون ڏيئي سگهن ڇاڪاڻ ته هو آساني سان گناهه ۾ ڪِري سگهن ٿيون. انهيءَ تي ڳالهه ڪر سگهجي ٿي، ليڪن جيڪڏهن عورت تمام آساني سان گناهه ۾ پئجي سگهي ٿي ته پوءِ ڇو انهن کي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي اجازت ڏني ويئي (جيڪي آساني سان گناهه ۾ پئجي وڃن ٿا) ۽ ٻين عورتون کي (جيڪي اڃان به آساني سان گناهه ۾ پئجي سگهن ٿيون)؟ هي اُهو ناهي جيڪو الفاظ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. عورتون تعليم نه ٿيون ڏيئي سگهن يا روحاني اختيار نٿيون رکي سگهن ڇاڪاڻ ته حوا گناهه ۾ ڪِري پئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ خدا مردن کي شروعاتي ڪليسيا ۾ تعليم جو اختيار ڏنو.

عورتون سبقت کڻي وينديون آهن انهن تحفن ۾ جيئن مهمان نوازي، شفقت، سيکارڻ ۽ مدد ڪرڻ ۾. ڪيترين ئي ڪليسيائن تي خدمت جو انحصار عورتن تي آهي. ڪليسيا ۾ جيڪا عورت دعا يا نبوت ڪندي آهي انهي تي پابندي نه آهي (1.ڪرنٿيون 11باب 5آيت)، صرف مردن تي روحاني تعليم جو اختيار ناهي رکن ٿيون. ڪلامِ مقدس ۾ ڪٿي به عورتن کي پقاڪ روح جي تحفن کي استعمال ڪرڻ جي ممانعت ناهي. (1.ڪرنٿيون 12باب). عورتون ائين ئي جهڙي طرح مرد ٻين کي ترجيبت ڏيڻ جي لاءِ سڏيا ويندا آهن پاڪ روح جي پهلوئون کي ظاهرن ڪن ٿيون (گلتيون 5باب 22تا23آيت)، ۽ وڃائجي ويلن جي لاءِ خوشخبري جو اعلان ڪرڻ (متي28باب 18تا20آيت؛ اعمال 1باب8آيت؛ 1.پطرس 3باب 15آيت).

خدا صرف مردن کي مقرر ڪيو ته هو ڪليسيا ۾ روحاني تعليم جو اختيار رکي ڪري خدمت ڪن. هي انهيءَ لاءِ ناهي ته مرد سٺا استاد هوندا آهن، يا ڇاڪاڻ ته عورتون ڪمتر يا ڪم ذهين هونديون آهن (جيڪو هي مسئلو ناهي). سادن لفظن ۾ هي ته خدا ڪليسيا کي اهڙي طرح ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. مرد روحاني پيشوا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. پنهنجي زندگين ۾ پنهنجي لفظن جي ذرعي. عورتن کي ڪم اختيار جي ڪردار ۾ پيش ڪيو ويو آهي. عورتن جي حوصله افزائي ڪئي وئي آهي ته هو ٻين عورتن کي تعليم ڏين (ططس 2باب 3تا5آيت). ڪلامِ مقدس عورتن کي بارن کي تعليم ڏيڻ کان منع نٿو ڪري. صرف هڪ شئي کان عورتن کي منع ڪيو ويو آهي ته هو نه ئي مردن کي تعليم ڏين يا مردن تي روحاني اختيار رکن. اهڙي طرح منطقي طور تي هن ۾ عورتون جو پادري جي طرح ڪم ڪرڻ / تبليغ ڪرڻ به شامل آهي. هي ڪنهن به طرح سان عورتن کي ڪم اهميت نٿو ڏي، جنهن جو مطلب آهي ليڪن انهن کي ڪليسيا ۾ خدمت ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ته انهيءَ عده تي نظر ڪريو ته ڪيئن خدا انهن کي پنهنجين برڪتن سان نوازيو آهي.



سنڌي هوم پيج ڏانهن واپس



پادري عورتون / تبليغي عورتون؟ ڪلامِ مقدس ڪليسيا ۾ عورتن جي باري ۾ ڇا چوي ٿو؟